پيپلز پارٽي جي اي پي سي….!!

فوجي عدالتن جي معاملي تي پيپلزپارٽي جي گهرايل ملٽي پارٽي ڪانفرنس بنا ڪنهن نتيجي جي ختم ٿي وئي. گهڻ پارٽي ڪانفرنس زرداري هائوس اسلام آباد ۾ ٿي جنهن جي صدارت آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري ڪئي جڏهن ته پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ متحده قومي موومينٽ ڪانفرنس ۾ شرڪت نه ڪئي. مولانا فضل الرحمان، سراج الحق، اسفنديار ولي، چوڌري شجاعت حسين، شيخ رشيد احمد، مير حاصل بزنجو، بي اين پي (عوامي)، جمهوري وطن پارٽي کانسواءِ پاڪستان عوامي تحريڪ، ۽ مجلس وحدت المسلمين جي وفد شرڪت ڪئي جڏهن ته مولانا فضل الرحمان ڪانفرنس جي ايجنڊا ۾ فاٽا جي معاملي کي شامل ڪرڻ تي اعتراض ڪيو ۽ چيو ته فاٽا جو معاملو هن معاملي کان ڌار آهي، ان جي ڪري ان کي شامل ڪرڻ جي ضرورت نه هئي، جڏهن ته ملٽي پارٽيز ڪانفرنس ۾ فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ، نيشنل ايڪشن پلان، فاٽا سڌارن ۽ پنجاب ۾ پختونن خلاف حڪومتي ڪارروائي جي چار نقاطي ايجنڊا تي بحث ڪيو ويو

اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو ته اي پي سي گهرائڻ جو مقصد فوجي عدالتن جي معاملي تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ آهي اسان چاهيون ٿا ته پارليامينٽ ۾ فوجي عدالتن تي اسان سڀني جو گڏيل موقف هجي جيڪڏهن اسان پارليامينٽ ۾ جدا يا گڏيل موقف ڏيڻو آهي ته ان جو به فيصلو ڪيو وڃي. پيپلزپارٽي سمورن سياسي اڳواڻن جي فيصلي جي تائيد ڪندي، فوجي عدالتن بابت حتمي فيصلو سڀني جي مشاورت سان ٿيڻ گهرجي، جمعيت علماءِ اسلام (ف) چيو ته پهرين دهشتگردي واري لفظ جي تشريح ڪئي وڃي، مذهب ۽ فرقي کي ٽارگيٽ ڪرڻ بدران هٿياربند گروهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، رياست خلاف جيڪو به هٿيار کڻي ان کي دهشتگردي جي زمري ۾ آندو وڃي، فاٽا جي عوام جي فاٽا کي خيبرپختونخواهه ۾ ضم ڪرڻ جي معاملي تي راءِ ورتي وڃي انهن تي فيصلا نه مڙهيا وڃن.

شيخ رشيد چيو ته پهرين ئي ملڪ جون 8 سياسي پارٽيون فوجي عدالتن جي واڌ تي متفق ٿي چڪيون آهن جڏهن ته آصف زرداري پاناما پيپرز اسڪينڊل جي معاملي تي به جلد اي پي سي گهرائڻ جو اعلان ڪيو آهي. جيڪڏهن آصف زرداري نواز شريف جي خلاف رستن تي نڪري ٿو ته اسان ساڻس گڏ هونداسين.

پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلزپارٽي فوجي عدالتن جي مخالف آهي ۽ پنهنجي اصولي موقف کي اي پي سي ۾ ورجايو آهي جيڪڏهن فوجي عدالتون ضروري آهن ته پيپلزپارٽي پنهنجو بل آڻيندي ۽ ان بل تي ٻين پارٽين کي به اعتماد ۾ ورتو ويندو. حڪومت نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد ۾ ناڪام وئي آهي ۽ اي پي سي نيشنل ايڪشن پلان تي مڪمل عملدرآمد جو مطالبو ڪيو آهي. پنجاب ۾ پختونن خلاف ڪارروائي جي مذمت ڪريون ٿا، حڪومت نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي سلسلي ۾ مجرماڻي غفلت جو مظاهرو ڪيو آهي ۽ حڪومت فوجي عدالتن جي متبادل سڌارن کي لاڳو ڪرڻ ۾ به ناڪام رهي آهي، فرحت الله بابر موجب ته فوجي عدالتن جي آئيني ترميم تي پيپلزپارٽي ڊيڊ لاڪ پيدا ٿيڻ نه ڏيندي ڇو ته آئيني ترميم کي 2 ڀاڱي 3 اڪثريت سان منظور ٿيڻو آهي. پيپلزپارٽي جي اڳواڻ فاروق ايڇ نائيڪ بل جو مسودو تيار ڪري ورتو آهي ۽ جيڪڏهن ڪو ڊيڊ لاڪ پيدا ٿيو ته پيپلزپارٽي حڪومتي بل ۾ ترميمون پيش ڪندي ته جيئن اي پي سي ۾ مختلف پارٽين جي سربراهن جن خدشن جو اظهار ڪيو آهي اهي ختم ٿي سگهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *