پيٽرول بحران کي ختم ڪيو وڃي…؟

 

اسان وٽ جنهن شيءِ جي وڌيڪ ضرورت هوندي آهي اها اوترو ئي انمول ٿي وڃي ٿي ۽ گرمين ۾ بجلي ۽ سياري ۾ گئس اڻلڀ هوندو آهي، جڏهن ضروري شين جا اگهه گهٽبا آهن ته اهي ناياب ٿي وينديون آهن ۽ جڏهن قيمتون وڌنديون آهن ته وڪرو وڌائڻ لاءِ ذخيرو ڪيل مواد به منظرعام تي آندو ويندو آهي. ڪرايا گهٽ ٿين ته ٽرانسپورٽ غائب، رمضان مبارڪ اچي ته ٽيڻ چئوڻ تي مهانگي، تيل جا اگهه گهٽجن ته بحران، سي اين جي جون قيمتون گھٽجن ته گئس اڻلڀ مطلب ته عوام جي ڀلائي لاءِ جيڪڏهن ڪو قدم کڄي ٿو ته اهو هڪ مخصوص مافيا آهي جنهن کي ڳرو گذري ٿو، هنيئر پنجاب ۾ جڏهن سي اين جي اسٽيشنون بند ڪرڻ واري فيصلي تي عمل شروع ٿي چڪو آهي عين ان وقت ئي سڄي صوبي اندر پيٽرول جو شديد بحران پيدا ٿي ويو آهي، ان بحران جي شدت جو اندازو ان ڳالهه ۾ ئي لڳائي سگهجي ٿو ته هينئر تيل جو سمورو ذخيرو ٽن ڏينهن جو بچيو آهي، پنجاب ۾ ماڻهو تيل جي حاصلات لاءِ دربدر آهن، ايڪڙ ٻيڪڙ پيٽرول پمپن تي ايڏي ته رش لڳل آهي ڄڻ ٻوڏ متاثر امداد جي حاصلات لاءِ بيٺل هجن يا وري بي آءِ ايس پي ڪارڊن جي ورهاست ٿيندي هجي. ٿيڻ ائين گهربو ته جڏهن معاملو بحران ڪر کنيو هو ته وس وارين اختيارين کي فوري طور تي يا ته بندوبست ڪرڻ گهرجي ها يا وري ڪي متبادل انتظام ڪرڻ کپن ها پر عوام کي سهولت ڏيڻ بدران ويتر عذاب ۾ وڌيو ويو ۽نتيجو اهو آهي جو پيٽرول پمپن ٻاهران قطارن جون قطارون نظر اچي رهيون آهن. 80 روپيه في ليٽر جي لڳ ڀڳ تيل حاصل ڪرڻ لاءِ ڪلاڪن جا ڪلاڪ انتظار جي زحمت برداشت ڪرڻي پوي ٿي، نتيجو اهو نڪتو آهي جو ماڻهن جي صبر جو پئمانو لبرز ٿي ويو آهي، اهي احتجاج تي مجبور ٿي ويا آهن ۽ واڳ ڌڻين کان پرزور مطالبو پيا ڪن ته هن بدترين نااهلي جي ذميوارن جي نشاندهي ڪرڻ سان گڏوگڏ ڪارروائي به عمل ۾آندي وڃي. تيل جو بحران ڇو پيدا ٿيو، هر ڪو ان سلسلي ۾ پنهنجيون پنهنجيون تاويلون پيش ڪري رهيو آهي، ڪير اخلاقي طور به قبولڻ لاءِ تيار ڪونهي ته سڄي ڪوتاهي ان جي آهي، نتيجو اهو نڪتو آهي ته سموري بحران جو نزلو ويچاري عوام تي ڪري ٿو، وي وي آءِ پيز کي ته پوءِ تيل ملي وڃي ٿو پر خوار خراب اهم شهري ٿي رهيو آهي. پي ايس او هجي، پيٽروليم واري وزارت يا وفاقي سرڪار جا نمائندا، اسين ان معاملي جو ملبو ڪنهن تي ڪيرائڻ بدران اها گذارش ڪنداسين ته هن بحران جي نتيجي ۾ حڪومت جي ساک نه رڳو خراب ٿي رهي آهي پر سياسي مخالفن کي به ڳالهائڻ جو موقعو ملي رهيو آهي ته ضرورت جي وقت هن حڪومت کان ڪنهن به شيءِ جي وقت سر دستيابي نه پئي ٿئي.گهڻيون ڳالهيون ٿي رهيون آهن ۽ گهڻيون دعوائون ٿي رهيون آهن، پر ان بحث مباحثي ۾ وڃڻ جي ضرورت ڪونهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته جنهن خطري جي گهنٽي وڄي چڪي آهي ،يعني تيل جو ذخيرو ختم ٿيڻ تي آهي ان کي به نظر ۾ رکيو وڃي، پنجاب جو عوام ته ڏکيو سکيو وقت ڪڍي رهيو آهي پر خدا نه ڪري جيڪڏهن سڄي ملڪ ۾ پيٽرول دستياب ئي نه رهي ته پوءِ معاملو ضابطي ۾ نڪري سگهي ٿو، تنهنڪري وزيراعظم جنهن ريت معاملو نوٽيس وٺندي 4 عملدارن کي معطل ڪري ڇڏيو آهي اها اميد پيدا ٿي وئي آهي ته هن مسئلي جو جلد حل نڪرندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *