پوليو ٽيمن تي حملا

ڳڙهي ياسين ۾ جوابدارن پوليو ٽيمن تي حملا  ڪري هيلٿ ورڪرز کي گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏي ۽ وري ٻن ورڪرن تي ڪتا بڇيا ويا، ڳوٺ ڪوريجا لاڙي ۾ پوليو جي ٽيم ٻارڙن کي ڦڙا پيارڻ لاءِ پهتي تي جوابدارن حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني. گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ ليڊي هيلٿ ورڪر افشان مهر ۽ سندس ڀاءُ ظهير مهر زخمي ٿي پيا آهن. مقامي ماڻهن زخمي ليڊي هيلٿ ورڪرز افشان مهر کي اسپتال پهچايو، جتي سندس حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ جي ڪري کيس لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو.

ٻئي پاسي ڳوٺ گهر پنهنجا ۾ جوابدارن ليڊي هيلٿ ورڪر زينت ۽ سرتاج تي ڪتا بڇي کانئن موبائيل فون ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري ورتو. رپورٽن موجب پوليو ٽيم تي فائرنگ ڪئي وئي. جنهن ۾ 3 هيلٿ ورڪر زخمي ٿي پيون. جن مان هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

چانڊڪا ميڊيڪل اسپتال ۾ زخمي ليڊي هيلٿ ورڪر سان گڏ پوليو ڦڙا پياريندڙ ليڊي هيلٿ ورڪر سندس سؤٽ امبرين جو چوڻ آهي ته ڳوٺ ڪوريجا ۾ اسين پوليو جا ڦڙا پيارڻ لاءِ پهتاسين ته اتي ٻن موٽر سائيڪلن تي سوار 4 نامعلوم هٿياربندن اسان مٿان پسٽل سان فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ مون سان گڏ پوليو جا ڦڙا پياريندڙ افشان مهر گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پئي.واقعي کان پوءِ علائقي جي پوليس پهچي اسان کي ايمبولنس ذريعي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال پهچايو. اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي. اسان کي تحفظ ڏيڻ لاءِ ڪي به سيڪيورٽي جا انتظام نه ڪيا ويا آهن پر ان جي باوجود به اسين جان خطري ۾ وجهي پوليو مهم ۾ حصو وٺي رهيون آهيون.

زخمي ليڊي هيلٿ ورڪر جي مڙس مهتاب مهر موجب ته منهنجي گهر واري افشان پنهنجي ڀاءُ ظهير سان گڏجي پوليو جا ڦڙا پياري واپس گهر ڏانهن اچي رهي هئي ته چار موٽرسائيڪل سوار جوابدارن سندن رستو روڪي منهن ماري ڪئي جنهن بعد جوابدارن سندن مٿان فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ ليڊي هيلٿ ورڪر افشان مهر سخت زخمي ٿي پئي جڏهن ته سندس ڀاءُ ظهير مهر پڻ زخمي ٿي پيو آهي. اسان جي ڪنهن سان ڪا به دشمني نه آهي، هٿياربند جوابدارن فائرنگ ڪري ظلم ڪيو آهي.

ميڊيا رپورٽن موجب ڊي ايس پي علي بخش ڍڪڻ جو چوڻ آهي ته پوليو ٽيم  تي حملي جي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. پوليو خلاف جنگ ۾ حصو وٺندڙ پوليو ٽيمن جي سيڪيورٽي حڪومت جي ذميواري هجي ٿي پر الائي ڇو حڪومت منهن موڙي ويٺل آهي، اهڙن واقعن بعد کوکليون دعوائون ڪندڙ حڪمرانن کي اکيون کولڻ گهرجن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *