پوليس رينجرز جي ڇڪتاڻ

هيءَ اُهائي ڪراچي آهي، جتي ڪجهه وقت اڳ ۾ ٽارگيٽ ڪلرز جو راڄ هوندو هو، جتي ڀتاخور آزاد ۽ خودمختيار ڦرندا هُئا، جن ڪراچيءَ جي عام ماڻهن توڻي واپارين کي نَڪ ۾ دم ڪري رکيو هو. ڏهاڙي درجنن جي حساب ۾ ماڻهن جو مارجڻ معمول بڻيل هو ۽ اُتي جو ماڻهو هڪ اڄاتي خوف ۾ مبتلا هو. اُهو پنهنجن ٻارڙن کي اسڪول اُماڻڻ کان وٺي سندن واپسيءَ تائين عذاب واري ڪيفيت مان گذرندو هو، اُنهن جا سفر سلامت نه هُئا، وچ بازارن ۾ ڦُرن جون وارداتون عام جام هونديون هيون. مطلب ته ڪراچيءَ جو امن مافيائن جي رحم ڪرم تي ڇڏيل هُو، اُهي ٿوري ٿوري ڳالهه تي ڪراچيءَ کي شعلن جي ور چاڙهي ڇڏيندا هُئا، ڦيٿو جام ٿي ويندو ۽ ماڻهو ساهه مُٺ ۾ ڪري ماٺ ٿي ويندا هُئا. پر گذريل ڪجهه وقت کان دهشتگرديءَ خلاف جيڪا آپريشن شروع ٿي آهي، تنهن ڪراچيءَ جي زندگيءَ ۾ گهڻي حد تائين استحڪام واري فضا قائم ڪئي آهي، ماڻهن سُڪون جو ساهه کنيو آهي. جيتوڻيڪ اڃا مڪمل بحاليءَ جي لاءِ ڪيترو ئي وقت درڪار آهي ۽ هلندڙ آپريشن کي وڌيڪ موثر ڪرڻ جي ضرورت آهي، پر گذريل ٻن ڏينهن کان پوليس ۽ رينجرز وچ ۾ جيڪا ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي آهي، تنهن ڪراچيءَ جي عوام کي ٻيهر خوف ۾ مبتلا ڪري ورتو آهي، اُهي انهيءَ ڊپ ۾ آهن ته ڪٿي امن لاءِ ٿيندڙ ڪوششن ۾ ڪا رُڪاوٽ وجهڻ جي اٽڪل ته نه پئي ڪئي وڃي؟ ڇو ته هلندڙ آپريشن دؤران ٻنهي محڪمن رينجرز توڙي پوليس جو انتهائي اهم ڪردار رهيو آهي، ڪٿي سندن گڏيل ڪاررواين مثبت نتيجا ڏنا آهن ته ڪٿي رينجرز توڙي پوليس الڳ الڳ ڪارروايون ڪري ڪيترن ئي ٽارگيٽ ڪلرز، ڀتاخورن توڙي دهشتگردن کي سوگهو ڪيو آهي، جنهن سبب ڏوهاري ذهنيت رکندڙ ماڻهو يا ته انڊر گرائونڊ ٿي ويا آهن يا انهن پرڏيهه جا وڃي وڻ وسايا آهن، اُنهن جي غير موجودگيءَ ۾ زندگيءَ جون رونقون بحال ٿيون آهن، ڪاروبار توڻي تفريح لاءِ نڪرندڙ ماڻهن کي اطمينان مليو آهي ۽ اُهي سلامتيءَ واري احساس ۾ انتهائي خوش نظر اچي رهيا آهن، پر تازو هنن ٻنهي محڪمن وچ ۾ عدم اعتماد واري ماحول ڳڻتيءَ جهڙي صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آهي. ڇو ته ٻنهي محڪمن جي هڪٻئي سان ٽڪراءُ واري صورتحال جو فائدو اُنهن ئي ڌرين کي رسڻو آهي، جن ڪراچيءَ ۾ خوف جو راڄ قائم ڪيو هو. تنهن ڪري اسين انهيءَ ڇڪتاڻ کي ڪراچيءَ جي امن خلاف ڀيانڪ سازش سمجهون ٿا ۽ ٻنهي محڪمن جي ذميوار آفيسرن کي اِها صلاح ڏيڻ گهرون ٿا ته اهڙي ڪنهن به صورتحال کان بچڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، جنهن سان پوليس توڻي رينجرز وچ ۾ عدم اعتماد واري فضا پيدا ٿيڻ جو انديشو هجي. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ سرڪار فوري قدم کڻي هڪ سٺو عمل ڪيو آهي، پر انهيءَ معاملي جي ڇنڊڇاڻ لاءِ پڻ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي ته جيئن مستقبل ۾ عدم اعتماد واري فضا قائم ڪرڻ وارن بهانن جو هميشه لاءِ خاتمو ڪري سگهجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *