وزيراعظم نوازشريف پنجن خودمختيار ريگيوليٽري اٿارٽيز جو انتظامي ڪنٽرول تبديل ڪري ڇڏيو، ڪابينا ڊويزن نيپرا، پي ٽي اي، فريڪو اينسي ايلوڪيشن بورڊ، اوگرا ۽ پيپرا جي انتظامي ڪنٽرول ۾ تبديلي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، نيپرا کي بجلي پاڻي وزارت ۽ اوگرا کي پيٽروليم وزارت حوالي ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پي ٽي اي وزارت انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ پيپرا ناڻي وزارت جي ماتحت ڪم ڪندو.
پنجن خودمختيار ريگيوليٽر اٿارٽيز کي وزارت جي ماتحت ڪرڻ تي پيپلزپارٽي پاران سپريم ڪورٽ وڃڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، پ پ جي مرڪزي اڳواڻ خورشيد شاهه اعلان ڪيو آهي ته پنج خودمختيار ريگيوليٽري اٿارٽيز کي وزارتن جي ماتحت ڪرڻ سان ڪرپشن جا نوان داستان جڙندا، ان ڪري اسان کي اهو فيصلو قبول ناهي ۽ ان جي خلاف اسان سپريم ڪورٽ وينداسين، پ پ تي اڄ تائين هڪ پئسي جي ڪرپشن به ثابت ناهي ٿي سگهي، پارليامينٽ ۾ حڪومتي اڪثريت جي ڪري جيڪڏهن ڪجهه نه ٿيو ته عدالت وينداسين ڇوته حڪومت جو اهو فيصلو وفاق کي ڪمزور ڪرڻ جي برابر آهي، حڪمران جڏهن مشڪل ۾ هئا ته اسان جي ڳلي ڇو لڳا هئا، اسان جيل ڪاٽيا، اسان جي جماعت جي اڳواڻن جون زبانون ڪٽيون ويون. ايبٽ اباد ڪميشن منظر عام تي آڻڻ جي مطالبي تي خورشيد شاهه چيو ته سيڪيورٽي صورتحال جي ڪري رپورٽ شايع نه ڪئي وئي هئي، هاڻي اها رپورٽ حڪومت وٽ آهي، اها ان کي منظر عام تي آڻي، جيڪڏهن چوڌري نثار ڪم ڪيا آهن ته پوءِ ڪوئيٽا ڪميشن جي رپورٽ ۾ سندس خلاف اهڙيون ڳالهيون ڇو ڪيون ويون آهن.
تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان به چيو آهي ته نوازشريف جمهوري نظام کي بادشاهت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، خودمختيار ادارن کي وزارتن جي ماتحت ڪري انهن جي آزادي کي گهٽو ڏنو ويو آهي، نوازشريف جو اهڙو فيصلو پارلياماني جمهوري نظام بجاءِ بادشاهت ظاهر ڪري ٿو، تحريڪ ان فيصلي کي نه رڳو رد ڪري ٿي، پر اهڙي نظام خلاف هر فورم تي وڙهندي.
جماعت اسلامي سربراهه سراج الحق چيو آهي ته حڪومت جو اهو فيصلو مذمت جوڳو آهي، جنهن کي فوري طور تي واپس ورتو وڃي. قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ ان مسئلي تي بحث ڪرايو وڃي، اهو فيصلو عوام جي حق تي ڌاڙو آهي، ان فيصلي جي نتيجي ۾ ريگيوليٽري اٿارٽيز جي خودمختياري ختم ٿي ويندي.