پنجاب پوليس کان زور ڇوٽو گينگ

پنجاب پوليس ننهن چوٽيءَ جا زور لڳائي بيٺي آهي، ڇوٽو ته هٿ نه اچي سگهيو، ماڳهين آپريشن ۾ ست اهلڪار پنهنجون حياتيون وڃائي ويٺا، جنهن بعد مامرو فوج حوالي ڪيو ويو آهي. اطلاع اِهي آهن ته هن وقت به 26 اهلڪار ڇوٽو گينگ وٽ يرغمال آهن ۽ اُنهن جي آزاديءَ جي بدلي ڇوٽو ڌاڙيل ڪجهه شرط رکيا آهن، جن ۾ پهريون شرط فورسز جو ڪڙو ختم ڪرڻ آهي. پر پاڪ فوج هن جو ڪو به شرط مڃڻ کان انڪار ڪندي گينگ کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ جو الٽيميٽم ڏنو هو، جنهن جو پڻ وقت ختم ٿي چُڪو آهي. جنهن بعد اڳين مورچن تي موجود فورسز پيش قدمي ڪندي ڪچو جمال واري سموري علائقي ۾ ڌاڙيلن جو گهيرو تنگ ڪري ڇڏيو آهي ۽ امڪان ظاهر ڪيا پيا وڃن ته ترت ئي اِهو مامرو پنهنجي منطقي انجام کي رسندو. مُلڪ ۾ ڪيترائي اهڙا علائقا به آهن، جن کي نو گو ايرياز سمجهيو ويندو رهيو آهي، اُتي قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن جي داخلا تي به پابندي هوندي آهي. ايستائين جو ڪو به ڦريل سامان اُنهن حدن ۾ داخل ٿيندو آهي ته اُنهيءَ تان يا ته ڌڻيءَ کي هٿ کڻـڻو پئجي ويندو آهي يا جيڪڏهن ڪنهن کي سامان ورائڻ جو لاچار به هوندو آهي ته اُهو ڀنگ کان سواءِ واپس ٿي ناهي سگهندو. اِئين جيڪڏهن ڪو ماڻهو مغوي بڻجي انهن علائقن ۾ ويو ته پوليس خود ٽياڪڙيءَ تي لهي ايندي آهي ۽ ڳري رقم جي ڏيتي ليتيءَ کان پوءِ مغوي بازياب ٿي پنهنجي گهر رسندو آهي. انهيءَ حوالي سان ڪراچي، سنڌ پنجاب بارڊر توڻي بلوچستان جا ڪيترائي علائقا خاص سُڃاڻ رکن ٿا، جتي ڪجهه وقت اڳ تائين ڏوهاري ڌرين جو راڄ هوندو هو ۽ پوليس توڻي ٻيون فورسز اُنهن آڏو بيوس بڻيل هونديون هيون. پر گذريل ٻن سالن کان انتهاپسنديءَ خلاف آپريشن ضربِ عضب سان گڏ مُلڪ کي جيڪو باقي ڏوهن کان به پاڪ ڪرڻ جو مشن هٿ ۾ کنيو ويو آهي، تنهن سان امن امان جي صورتحال ۾ ڪافي بهتري آئي آهي. خاص ڪري ڪراچيءَ ۾، جتي روزانو درجنن جي حساب سان ماڻهو ٽارگيٽ ڪري ماريا ويندا هُئا، اُن کان علاوه ڪاروباري ماڻهن لاءِ ڀُتي جو پڻ تمام وڏو آزار هو، جڏهن ته اسٽريٽ ڪرائيم جي ڪا انتها نه هُئي، ماڻهو چڱو چؤکو موبائل کڻي نه سگهندو هو، اي ٽي ايم تان پئسا ڪڍرائڻ وڏو مسئلو هوندو هو ۽ انهن ڏوهن ۾ ڪيترا ئي گروهه هڪ ئي وقت سرگرم هوندا هُئا، جن کي سياسي پارٽين جي پڻ پناهه حاصل هوندي هُئي، پر قانون لاڳو ڪندڙ ادارن نه رُڳو اُنهن ماڻهن کي جڪڙ ۾ آندو، پر جيڪي سياسي قوتون اُنهن کي سپورٽ ڪنديون رهيون هيون، تن کي پڻ عام آڏو وائکو ڪيو ويو ۽ اِئين ڪراچيءَ جي گهٽين ۾ گهڻي حد تائين امن امان واري صورتحال بحال ٿي چُڪي آهي. جيتوڻيڪ ڪراچيءَ جو مڪمل امن اڃا به پري آهي ۽ اُن لاءِ اڃا ڪجهه وقت درڪار آهي، جيڪڏهن انهيءَ تسلسل سان ڏوهاري گروهن خلاف وٺ پڪڙ جاري رهي ته ممڪن آهي، ايندڙ ڪجهه وقت ۾ ڪراچي مڪمل امن امان وارو شهر بڻجي وڃي. نه رُڳو ڪراچي پر ٻيا به سنڌ جا ڪيترائي ننڍا وڏا علائقا جيڪي ڏوهاري گروهن جي گرفت ۾ هُئا، اُنهن کان علائقا خالي ڪرائي ماڻهن کي سُک جو ساهه کڻڻ جو موقعو فراهم ڪيو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *