پشاور سانحي کان پوءِ دهشتگردن کي ڦاهيون ڏيڻ جو سلسلو

 

پاڪستان ۾ پشاور سانحي کانپوءِ جيلن ۾ قيد دهشتگردن کي ڦاهيون ڏيڻ وارو سلسلو شروع ٿي چڪو آهي، هڪ ڏينهن اڳ ٻن دهشتگردن کي ڦاهي تي ٽنگيو ويو، جڏهن ته ڪالهه به چئن دهشتگردن کي پنهنجي انجام تي پهچايو ويو. هوڏانهن جن ٻن دهشتگردن کي جي ايڇ ڪيو تي ٿيل حملي ۾ ڦاهي تي چاڙهيو ويو آهي، انهي حملي ۾ عمرڪوٽ ضلعي جي شهر ڪنري جو هڪ فوجي جوان به شهيد ٿيو هو، تنهن جي وارثن سان پاڪ فوج جي هڪ جٿي ملاقات ڪري دهشتگردن جي ڦاهي کانپوءِ کين مبارڪون ڏنيون ۽ قبر تي گلن جون چادريون چاڙهيون. هن وقت هڪ طرف ملڪ ۾ ڦاهين جي موسم هلندڙ آهي ته ٻئي طرف وفاقي سرڪار دهشتگردن کي انجام تائين پهچائڻ لاءِ ڏينهن رات جاکوڙ ۾ لڳل آهي.

ان سلسلي ۾ وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته دهشتگرد پشاور سانحي جهڙو ڪو ٻيو واقعو ڪرڻ جون تياريون ڪري رهيا آهن، ان ڪري دهشتگردي خلاف جوڙيل پلان کي جلد ئي قوم آڏو پيش ڪيو ويندو. بهرحال اسان سمجهون ٿا ته دهشتگردي خلاف جيڪا مهم شروع ڪئي وئي آهي، ان مهم کي وڏي هوشياري ۽ احتياط سان هلائڻ جي ضرورت آهي ڇاڪاڻ ته ڪنهن به قسم جو ڪو به جذباتي فيصلو سڄي منظرکي تبديل ڪري سگهي ٿو. اسان صدر مملڪت پاران دهشتگردن جو مڪمل خاتمو ڪرڻ واري عزم سان سئو سيڪڙو متفق آهيون، ڇاڪاڻ ته اسان دهشتگردي جي نتيجي ۾ گهڻو ڪجهه ڀوڳيو آهي ۽ هاڻ اسان وٽ غلطي جي ڪا به گنجائش باقي ناهي ۽ نه ئي دهشتگردن سان ڪا رعايت ڪرڻ جي اسان کي ڪا همت آهي، ڇاڪاڻ ته دهشتگردن پشاور ۾ معصوم ٻارڙن جو قتل ڪري پنهنجا سڀيئي رستا هميشه لاءِ بند ڪري ڇڏيا آهن. اڳ ته اسان وٽ طالبانن سان ڳالهيون ڪرڻ يا سٺا طالبان ۽ خراب طالبان وارا اصلاح اسان کي اڳتي وڌڻ يا پوئتي هٽڻ لاءِ مجبور ڪندا هئا، پر هاڻ ته اسان جون اهي مجبوريون به طالبانن پاڻ ئي ختم ڪرائي ڇڏيون آهن ۽ هاڻ رڳو هڪ ئي مطالبو وڃي بچيو آهي ته دهشتگردن سان ڪا به رعايت نه ٿيڻ گهرجي، جنهن کانپوءِ دهشتگردن خلاف هاڻ چئو مکي ويڙهه شروع ٿي چڪي آهي، هڪ دهشتگرد جيڪو جيل ۾ بند هو، تنهن تي هڪ سال ۾ لکين رپيا رڳو ان جي کاڌ خوراڪ ۽ حفاظت تي خرچ ٿيندا هئا.

جڏهن ته کيس ڦاهي ڏيڻ واري سڄي عمل مڪمل ٿيڻ تائين هاڻي ڪل 500 رپيا خرچ اچي رهيو آهي، جنهن ۾ جلاد تارا مسيح جي پوٽي صابرمسيح کي ڦاهي ڏيڻ جي معاوضي جا 200 رپيا به شامل آهن. اسان سمجهون ٿا ته هن وقت ملڪ ۾ 8 هزار کان وڌيڪ جيڪي مجرم ڦاهي جي انتظار ۾ ويٺل آهن، تن تي ايندڙ ساليانو خرچ جيڪڏهن جوڙ ڪجي ته اهو ڪروڙين رپيا ٿيئي ٿو، ليڪن انهن اٺن هزار مجرمن کي ڦاهي ڏيڻ تي خرچ ڪجهه هزار رپيا مس ايندو، بهرحال حڪومت جيڪڏهن ماضي ۾ يورپي يونين جي مطالبي آڏو جهڪڻ بجاءِ پنهنجا فيصلا پاڻ ڪري ها ته يقينن پاڪستان کي ايڏو وڏو نقصان هرگز کڻڻو نه پئي ها ۽ اسان جا هزارين بي گناهه ماڻهو، پاڪ فوج ۽ سيڪيورٽي ادارن جا هزارين جوان شهيد نه ٿين ها. ڇاڪاڻ ته يورپي يونين پاران اسان کي ڌمڪي ڏنل هئي ته جيڪڏهن ڪنهن کي به ڦاهي ڏني وئي ته پوءِ پاڪستان جي سڄي دنيا ۾ رستا روڪ ڪئي ويندي ۽ يورپي منڊين تائين پاڪستان کي واپار جي پهچ کان روڪيو ويندو. هاڻ جڏهن اخلاقي طور تي يورپي يونين سميت سڀني اولهه جي ملڪن به اها ڳالهه تسليم ڪئي آهي ته دهشتگردن جو رڳو هڪ ئي علاج آهي ته انهن سان ڪا به رعايت نه ٿيڻ گهرجي، تنهن کانپوءِ اسان لاءِ هاڻ رستا صاف آهن، ان ڪري جيترو جلد ٿي سگهي دهشتگردن کي ڦاهيون ڏيئي انهن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي.اسان جي خيال ۾ اسان جي ملڪي قانون ۾ جيڪي خال موجود آهن تن کي به ڀرڻ جي سخت ضرورت آهي، مثال طور اسان جي ملڪي قانون ۾ سڀيئي سهولتون فريادي کان وڌيڪ جوابدار کي حاصل آهن. جوابدار لاءِ قانوني ٻولي ۾ اهو طئي ڪيل آهي ته جيستائين ڪنهن جوابدار تي ڏوهه ثابت نه ٿو ٿيئي، تيستائين اهو معصوم آهي. ان سلسلي ۾ عام طور تي ڏٺو ويو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن شخص کي چوري ڪندي پڪڙيو وڃي ٿو ته ان شخص کي گرفتار ڪرائڻ ۽ ان خلاف ايف آءِ آر ڪٽرائڻ لاءِ جيڪي مصيبتون ڪاٽڻيون پون ٿيون، تنهن کي هتي بيان ڪرڻ جي ضرورت ناهي، ڇاڪاڻ ته انهن کان تقريبن هرهڪ ماڻهو اڳ ئي واقف آهي.

اتفاق سان جيڪڏهن ان جوابدار خلاف ايف آءِ آر داخل ٿي وڃي ته پوءِ اهو گهڻو ڪري يا ته ٿاڻي تي ئي ذاتي مچلڪي تي آزاد ٿي ويندو يا ٻئي ڏينهن عدالت ۾ ان جي ضمانت ٿي ويندي ۽ اهو گلو کولي سڀني جو سامهون گهمندو نظر ايندو، جڏهن ته ايف آءِ آر داخل ڪرڻ وارو همراهه تيستائين عدالتن ۾ پيو ڌڪا کائيندو جيستائين ان ڪيس جو فيصلو نه ٿو ٿئي. انهي وچ ۾ شاهدي کان روڪڻ لاءِ ايف آءِ داخل ڪرائيندڙ کي جيڪي ڌمڪيون ملنديون يا جيڪي ڏکيائون پيش اينديون، اهي به کيس ايترو ڪڪ ڪنديون جو اهو پاڻ ئي عدالت کي پنهنجو ڪيس واپس وٺڻ لاءِ درخواست ڏيڻ تي مجبور ٿي ويندو پر جيڪڏهن اهو پنهنجو ڪيس واپس نه وٺندو ته کيس جاني نقصان به پهچي سگهي ٿو، اسان وٽ عدالتون شاهدين جي بنياد تي ئي جوابدارن کي سزائون ڏينديون آهن. ننڍن وڏن ڪيسن ۾ ته شاهد کڻي شاهديون   ڏيئي ڇڏيندا آهن، ليڪن سنگين ڏوهن ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪو به شاهدي ڏيڻ لاءِ تيار نه هوندو آهي، ان ڪري سنگين ڏوهن ۾ملوث جوابدارن کي عدالتون باعزت بري ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿيون. هاڻ جڏهن صدر ممنون حسين به چيو آهي ته شاهدن جي تحفظ لاءِ بندوبست ڪري رهيا آهيون، جيڪا ڳالهه ته وقتائتي آهي، ليڪن شاهدن کي سرڪاري سطح تي ڪهڙو تحفظ ملندو، تنهن بابت جيڪڏهن ڪو بنيادي ڪم نه ڪيو ويو ته پوءِ دهشتگردن جو خاتمو ٿيڻ ناممڪن آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *