پرويز مشرف آزاد ٿي پرڏيهه روانو

نيٺ وفاقي حڪومت غداري ڪيس جي جوابدار اڳوڻي صدر پرويز مشرف کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي . حڪومت جي فيصلي بعد گهرو وزارت اڳوڻي صدر جو نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ مان خارج ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان ڏس ۾ نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي ۽ سمورن هوائي اڏن تي اهڙو نوٽيفڪيشن پڻ پهچايو ويو ، سندس وڪيل کي به نوٽيفڪيشن ملي ويو، پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي گھرو وزير چوڌري نثار چيو ته حڪومت عدالتي فيصلي تحت اڳوڻي صدر کي ٻاهر وڃڻ جي اجازت جو فيصلو ڪيو، مشرف سان وزير اعظم نواز شريف جي ڪا ذاتي دشمني ناهي. کيس معاف ڪري ڇڏيو آهي. عدالت جو فيصلو حڪومت سميت سڀني کي قبول ڪرڻو پوندو. وفاقي گھرو وزير موجب پرويز مشرف جي پارٽي اڳواڻن واعدو ڪيو آهي ته هو پرڏيهه مان علاج ڪرائي واپس ايندو ۽ اچي ڪيسن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڻ کي عدالتن آڏو پيش ڪندو. ان ڪري حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ پرويز مشرف کي علاج لاءِ ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي. پرويز مشرف جي پرڏيهه وڃڻ باوجود سندس خلاف ڪيس ختم نه ٿيندا. مشرف ايمرجنسي لڳائي عدالتن تي حملو ڪيو. گهرو وزير پنهنجي پاران ۽ وزير اعظم طرفان يقين ڏياريو ته پرويز مشرف جي معاملي تي ڪا به بيڪ ڊور ڊپلوميسي ناهي ٿي، نه ئي اسان تي ڪو دٻاءُ وڌو ويو آهي. اسان اي سي ايل جي پاليسي تبديل ڪري ان کي جوابده بڻائي ڇڏيو آهي. اڳي به چئي چڪو آهيان ته ماضي ۾ زال مڙس جي جھيڙي تي به نالا اي سي ايل ۾ شامل ٿيندا هئا پر هاڻي ائين ناهي.

حڪومت 9 هزار ماڻهن جا نالا اي سي ايل مان خارج ڪيا ۽ پنجاهه هزار ماڻهن جا نالا بليڪ لسٽ مان ڪڍيا. پاڪستان ۽ جمهوريت کي آزاد عدليا مان وڏو فائدو آهي. پر ڪجھه پارٽي جا اڳواڻ چينلن تي هلندڙ پٽين جي سياست ڪري رهيا آهن ۽ ٽي وي تي ٽِڪر ڏسي بيان ڏين ٿا ته مشرف کي ڇڏيو ويو ته هيئن ٿي ويندو، هونءَ ٿي ويندو. انهن کي چوان ٿو انهن پنهنجي پنج سالن جي حڪومت ۾ ڇا ڪيو. انهن مشرف کي گارڊ آف آنر پيش ڪري پرڏيهه وڃڻ ڏنو.  مشرف کي محفوظ رستو ڏيندڙ هاڻي ڳالهيون ڪري رهيا آهن. مشرف تي بينظير جي قتل جو الزام گذريل حڪومت ۾ به هو، اسان کي مشرف کي ڇڏڻو هجي ها ته اڳ ئي ڇڏي ڏيون ها. مشرف کي گذريل حڪومت ڇوٽ ڏني ۽ مٿس ڪو ڪيس نه ڪيو. جيڪڏهن اسان جو ناني ويڙهو هجي ها ته مشرف خلاف عدالت ۾ ڇو وڃون ها؟ هڪ خاص پارٽي حڪومت جي هر ڪم کي ناڪاري رنگ ڏيڻ جو ٺيڪو کڻي ڇڏيو آهي. عدالت جي فيصلي کي ان جي اصل روح کان هٽي ڪري پيش ڪيو پيو وڃي. ڪنهن فيصلي کي وڌائي پيش ڪيو وڃي ٿو. ميڊيا اهو رواج بڻايو آهي ته سٺي خبر، خبر ناهي، بري خبر ئي خبر بڻجي وڃي ٿي. اطلاعات کاتي جي صوبائي صلاحڪار مولابخش چانڊيي پ پ ميڊيا سيل تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سپريم ڪورٽ پرويز مشرف جي حوالي سان (ن) ليگ کي وائکو  ڪري ڇڏيو آهي، عدالتي ريمارڪس سان اها ڳالهه ثابت ٿي وئي آهي ته (ن) ليگ ۽ پرويز مشرف وچ ۾ هڪ نئون اين آر او طئي ٿي چڪو آهي، (ن) ليگ جي حڪومت آئين ٽوڙيندڙ پرويز مشرف کي ملڪ مان ٻاهر وڃڻ کان روڪڻ ۾ ناڪامي جو عملي مظاهرو ڪري چڪي آهي جيڪو ملڪ ۾ جمهوري عمل کي ڪمزور ڪرڻ جي برابر آهي. (ن) ليگ ملڪ مان جلاوطني وقت پرويز مشرف سان ڪيل معاهدي ۽ معافي نامي جي حوالي سان به قوم سان ڪوڙ ڳالهايو هو پر سچ سڀني جي سامهون اچي ويو، اهڙي طرح نئين اين آر او جي حقيقت به ڪنهن کان لڪل نه رهندي. پرويز مشرف جي ملڪ مان روانگي هڪ طئي ٿيل پروگرام تحت آهي. جڏهن ڳالهه سياستدانن ۽ سرڪاري آفيسرن جي ٿيندي آهي ته (ن) ليگ جي حڪومت کي آئين، قانون ۽ ادارن جي بالادستي ياد اچي ويندي آهي پر جڏهن آرٽيڪل 6 تحت غداري جي ڪيس ۾ اڳوڻي جنرل جي ڳالهه اچي ٿي ته ناني ويڙهو ٺاهيو پيو وڃي، ماضي جو سڀ کان طاقتور چيف جسٽس به پرويز مشرف کي عدالت ۾ روبرو پيش نه ڪرائي سگهيو جنهن مان صاف ظاهر آهي ته ڪجهه طاقتون آئين جي آرٽيڪل 6 کان به وڌيڪ طاقتور آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *