پرنٽ ميڊيا جو گهيرو تنگ ڪرڻ جون تياريون….!!

وفاقي حڪومت صوبائي خودمختياري، 18هين آئيني ترميم، اظهار جي آزادي ۽ انساني حقن جي لتاڙ ڪندي اخبارن جي معاملن کي صوبن کان کسي وفاق حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن لاءِ جلد آرڊيننسلاڳو ڪري اخبارن جي ڊڪليئريشن جا اختيار وفاق کي ڏنا ويندا، جنهن جي سخت مخالفت ٿيڻ ۽ ملڪ ۾ سياسي مانڌاڻ مچڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. اطلاع آهن ته وزيراعظم هائوس جي ويجهن ذريعن انڪشاف ڪيو آهي ته وفاقي حڪومت ميڊيا خاص طور تي پرنٽ ميڊيا جي چوڌاري گهيرو تنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن تحت پرنٽ ميڊيا جا معاملا به صوبن کان کسي وفاقي حڪومت حوالي ڪيا ويندا، ان مقصد لاءِ ميڊيا ريگيوليٽري آرڊيننس جاري ڪيو ويندو ۽ پارليامينٽ کي پاسيرو رکيو ويندو، ان آرڊيننس تحت اخبارن لاءِ ڊڪليئريشن جاري ڪرڻ واري قانون ۾ ترميم ڪئي ويندي ۽ ڊڪليئريشن جو اختيار صوبن کان کسي وفاق حوالي ڪيو ويندو. وفاقي حڪومت ڊڪليئريشن جاري ڪرڻ واري پاليسي تبديل ڪري ٽي وي چئنلن جيان اخبارن لاءِ به لائسنس جاري ڪيو ويندو، جنهن سان پرنٽ ميڊيا تي سخت نموني ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ملندي.

وفاقي حڪومت کي اخبار يا رسالي جو لائسنس ڪنهن به وقت ختم ڪرڻ جو اختيار حاصل هوندو. ان آرڊيننس وسيلي ڪتاب شايع ڪرڻ تي به ڪنٽرول ڪيو ويندو. پرنٽ ميڊيا تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ هڪ ريگيوليٽر ادارو به قائم ڪيو ويندو، جنهن جو سربراهه رجسٽرار هوندو ۽ ان کي ميڊيا بابت تمام گهڻا اختيار حاصل هوندا. اطلاع اهي به آهن ته اڄ سومر ڏينهن پاڪستان پريس ڪائونسل جو اهم اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيندو  جنهن ۾ اهو آرڊيننس جاري ڪرڻ لاءِ منظوري ۽ راضپو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، ڇاڪاڻ ته پريس ڪائونسل ۾ سي پي اين اي، اي پي اين ايس ۽ پي ايف يو جي جا نمائندا به شامل آهن. سياسي ڌرين پرنٽ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي کي نه رڳو ان ۾ مليل بنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو آهي پر ان کي صوبائي خودمختياري تي به وار قرار ڏنو آهي، جڏهن ته ان فيصلي کي آئين ۾ ڪيل 18هين ترميم کي واپس وٺڻ جي پهرين ڪڙي قرار ڏنو پيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *