پراڻن نڪشن ۽ پينسل سان آدمشماري جي شروعات…..!

صدر ممنون حسين ملڪ ۾  گهر ۽ آدمشماري جو باضابطه افتتاح ڪري ڇڏيو،  ڪراچي جي صدر اسٽيٽ گيسٽ هائوس تي گهرشماري جو نمبر پاڻ لڳايو ۽ گهرشماري ۾ اسٽيٽ گيسٽ کي نمبر 01 الاٽ ڪيو ويو. حيدرآباد ڪراچي، گهوٽڪي سميت حيدرآباد ۾ به آدمشماري جي پهرين مرحلي ۾ گهر ڳڻڻ جو ڪم جاري آهي، عملي کي 2011ع وارا نقشا ملڻ ڪري سخت مشڪلاتون پيش اچڻ لڳيو آهن ، شماريات کاتي جي عملي سان گڏ مقامي ماڻهو نه هجڻ ڪري ڪيترائي گهر ڳڻپ کان رهجي وڃڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي.جڏهن ته  سنڌ حڪومت ملڪ ۾ هلندڙ آدمشماري لاءِ نامزد ڪيل سرڪاري ملازمن جي مقررين ۽ بدلين تي 15 مارچ کان مئي 2017 تائين پابندي هڻي ڇڏي آهي. گهر شماري جي سلسلي ۾ حيدرآباد ۾ ڪمشنر ساجد جمال ابڙو صبح جو سوير قاسم آباد جي هڪ گهر تي نمبر هڻي آدمشماري جو افتتاح ڪيو، حيدرآباد ۾ 6 سالن کان تمام گهڻي تبديلي اچڻ، ٻه سئو  گهرن جي جاءِ تي هزار گهر تعمير ٿيڻ ۽ خالي پلاٽن تي پلازه اڏجڻ سبب گهرن جي تعداد پنجوڻ تي وڌي وئي آهي، جڏهن ته عملي کي بلاڪن جي حساب سان مليل لسٽ ۾ ٻه سئو کان اڍائي سئو گهر ڄاڻايل هجڻ ڪري سخت مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن، حيدرآباد سٽي سميت قاسم آباد جي مختلف علائقن مان گهر ڳڻپ کان رهجي وڃن واريون شڪايتون پڻ مليون آهن،تعلقي ٻهراڙي ۾ شماريات کاتي جو عملو دير سان پهتو، حيدرآباد ضلعي جي پنجن زونن ۾ شماريات کاتي جي 1038 ٽمين حصو وٺي گهرن جي ڳڻپ ڪئي، آدمشماري ٽمين سان گڏ سيڪيورٽي لاءِ ٻه پاڪ فوج جا اهلڪار ۽ هڪ پوليس اهلڪار هڪ اينيويٽر سان گڏ ڊيوٽي سرانجام ڏني، قاسم آباد، جوهر ڪامپليڪس سميت مختلف علائقن ۾ عملي پاران پينسل سان لکڻ جو شڪايتون ملڻ کانپوءِ ڪمشنر حيدرآباد ساجد جمال ابڙو عملي خلاف ڪارروائي ڪري ساڳين فارمن کي بال پين سان لکرائي شهرين جون شڪايتون دور ڪيو. ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد ساجد جمال ابڙو موجب سمورن ماڻهن کي ڳڻپ ۾ آندو ويندو، پوءِ ڀلي اهو غير ملڪي ئي ڇو نه هجي، ابتدائي طور تي ان جو شمار ٿيندو پوءِ ان جي ويري فڪيشن ٿيندي، شمار ڪندڙ گهر ۽ آدمشماري دوران حاصل ڪيل انگ اکر ڊسپيج مرڪزن ۾ جمع ڪرائيندا، جتي انهن انگن اکرن کي محفوظ ڪيو ويندو، جڏهن ته گهر ۽ آدمشماري جو عمل پورو ٿيڻ تائين ڪنهن کي به ان بابت معلومات نه ڏني ويندي.ڪراچي جي مختلف علائقن سچل ڳوٺ، جوهر ڪامپليڪس ۽ ٻين هنڌن تي بال پين جي بجاءِ پينسل سان ڪم ڪيو ويو آهي، نااهل سنڌ حڪومت جي نااهل آفيسرن پراڻا نقشي ڏئي آدمشماري نقصان پهچايو آهي. سنڌ آدمشماري مانيٽرنگ ڪميٽي جي ڪنوينر سيد جلال محمود شاهه موجب ته  آدمشماري جي پهرين مرحلي ۾ گهر شماري ڪندڙ عملي وٽ 20 سال پراڻا نقشا آهن، جن تي ڪم ٿي رهيو آهي، جڏهن ته هاڻ ڏهوڻ تي وڌيڪ گهر ٺهي چڪا آهن، سنڌ جي آبادي تمام گهڻي وڌي چڪي آهي، ان ڪري بلاڪن جو انگ وڌيڪ هجڻ گهرجي ها. تپيدارن جيڪي نقشا ڏنا آهن، انهن تي ئي ڪم ٿي رهيو آهي، ڪا به فزيڪل ويري فڪيشن نه ڪئي وئي، صرف ڪمپيوٽر تي ويهي ريشو ڪڍيو ويو آهي، هن وقت صورتحال اها بيٺي آهي ته 200 گهرن جي بجاءِ اتي هڪ هزار کان وڌيڪ گهر ٺهي چڪا آهن. حيدرآباد شهر جي مختلف علائقن جو دورو ڪيو آهي، جڏهن ته پنهنجن ورڪرن ذريعي اسان معلومات پڻ حاصل ڪري رهيا آهيون، جتي به اسان کي غلطيون نظر اچي رهيون آهن، اسان ان جي نشادهي ڪري رهيا آهيون، اسان جو ڪم مانيٽرنگ ڪرڻ آهي ۽ اسان نشادهي ڪري پنهنجن خدشن جو اظهار ڪندا رهنداسين. سنڌ جا نااهل آفيسر نوان نقشا فراهم نه ڪري سگهيا آهن، اينيوميٽر وٽ 150 گهرن جي لسٽ نظر آئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *