پاڻي پلانٽ فعال ٿيندا؟

سپريم ڪورٽ سنڌ ۾ سامونڊي گدلاڻ ۽ پيئڻ جو صاف پاڻي نه ڏيڻ ۽پاڻي جي نيڪالي واري ڪيس ۾ عارضي حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي .جيڪو عارضي حڪم نامو 6 صفحن تي مشتمل آهي .فيصلي ۾ ٻڌايو ته سنڌ ۾ صحت لاءِ نقصانڪار پاڻي سبب هيپاٽائيٽس سي ۽ چمڙي جون بيماريون پکڙجي رهيون آهن .سنڌ جي وڏي وزير ان معاملي کي حل ڪرڻ لاءِ ٽن هفتن جي مهلت ورتي آهي. حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته ٽائم لائن جي لاءِ وڏي وزير پنهنجو قسم نامو به جمع  ڪرائي. پيئڻ جي پاڻي، سيوريج جي نظام جي حوالي سان هر ضلعي جي اسڪيم جي لاءِ ٽائم لائن ڏني وڃي .ڪهڙي به ضلعي ۾ ڪيتري وقت  واٽر ٽريٽمنٽ پلائٽس فعال ٿيندا. سنڌ جو وڏو وزير  سپريم ڪورٽ کي رپورٽ ڏئي ڪهڙي وقت پلانٽ فعال ڪيا ويندا. ڪراچي جي  اسپتالن جي گندگي کي ختم ڪرڻ جي منصوبن کان سپريم ڪورٽ کي آگاهي ڏني وڃي . وڏو وزير سنڌ محمودآباد ٽريٽمينٽ پلانٽ جي زمين ليز ڏيڻ جي جاچ ڪري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *