پاڪ چين اقتصادي راهداري لنگهه ۽ ڀارت

جيتوڻيڪ وزيراعظم نواز شريف ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف اهم ملاقات ڪري پاڪ چين اقتصادي لنگهه تحت ڪيل اربين ڊالرن جي منصوبن کي مڪمل ڪرڻ ۾ پيش ايندڙ سموريون رڪاوٽون ختم ڪرڻ لاءِ هر قدم کڻڻ تي اتفاق ڪيو آهي، سندن چوڻ آهي ته منصوبن کي هر قيمت تي مڪمل ڪيو ويندو، غيرملڪي سيڙپڪاري ۽ چيني شهرين کي فول پروف سيڪيورٽي ڏيڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن جي نگراني فوج ڪري رهي آهي. پاڪ چين اقتصادي راهداري جو منصوبو جيئن ئي منظر عام تي آيو ته پاڪستان جي خوشحالي ۽ امن جا دشمن حرڪت ۾ اچي ويا، هنن پهرين ته پاڪ چين منصوبن خلاف مهم هلائي، انهن جي مٿي ۾ ڀريل هوا جڏهن نڪتي ته پوءِ عالمي سطح تي به ان منصوبي خلاف سازش ڪئي وئي، پر اها به ڪامياب نه ٿي سگهي، ڀارت کُلي عام پاڪ چين اقتصادي لنگهه خلاف متحرڪ ٿيو ۽ اعتراض واريو ته اهو لنگهه تڪراري علائقي مان گذرندو، ان ڪري اهو نه ٺهڻ گهرجي، جيڪڏهن ڀارت جي انهيءَ هڪ اعتراض تي ڳالهه ڪجي ته پوءِ اهو سوال به ته اڀري ٿو ته والاريل ڪشمير به ته تڪراري علائقو آهي، پوءِ ڇا ڀارت اتي هلندڙ هر قسم جا ترقياتي ڪم روڪي ڇڏيا آهن؟ ڀارت منصوبي تي اعتراض واري چين به پهتو ۽ ان معاملي کي مودي چيني صدر آڏو اٿاريو، پر چين هر سطح تي پاڪستان خلاف ڀارتي اعتراضن کي رد ڪري ڇڏيو. ڏٺو وڃي ته ڀارت هڪ طرف سرحد تي فائربندي معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪري امن ۾ خلل پيدا ڪرڻ جي سازش ڪري رهيو آهي ته ٻئي طرف ”را“ جون سرگرميون به منظر عام تي اچي رهيون آهن، پر اها ڳالهه ته واضح آهي ته ملڪ دشمن عنصرن جي ايجنڊا پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ، امن امان جي بحال ٿيندڙ صورتحال ۾ بگاڙ پيدا ڪرڻ ۽ پاڪ چين اقتصادي راهداري واري منصوبي تان پاڪستان جو ڌيان هٽائڻ سميت ٻيون سازشون ڪرڻ آهي، پر هن ملڪ جي قائد اعظم محمد علي جناح جي ٻڌايل اصولن اتحاد، تنظيم ۽ يقين تي هلي ڪري سموريون ڪاميابيون حاصل ڪري سگهجن ٿيون، ان حوالي سان پوري قوم، موجوده حڪومت، پاڪ فوج، عدليا ۽ ميڊيا جو ڪردار اهم آهي، انهن سمورن ٿنڀن جي اتحاد سان ملڪ ۾ استحڪام، امن ۽ خوشحالي کي قائم رکي سگهجي ٿو. اسين سمجهون ٿا ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه سان ملڪ ۾ نه رڳو خوشحالي ايندي، پر عالمي سطح تي به پاڪستان جي اهميت ۾ اضافو ٿيندو، ان سان گڏوگڏ خطي جا ٻيا ملڪ به ان مان فائدو ماڻي سگهندا، اقتصادي راهداري جي اهميت جو اندازو ان مان به لڳائي سگهجي ٿو ته ان کي مڪمل ڪرڻ لاءِ پاڪ فوج جي نگراني ۾ خصوصي سيڪيورٽي فورس جوڙي وئي آهي، ملڪ ۾ ترقياتي ڪمن سان گڏ اهو به ضروري آهي ته پرڏيهي ايجنڊا تي ڪم ڪندڙ لوڌ کي قانون جي گرفت ۾ آڻي سندن نشاندهي تي انهن عنصرن کي به پڪڙيو وڃي، جيڪي ملڪ دشمن ڪارروائين ۾ مصروف عمل آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *