پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ…!!!!

ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي پاڪستان سان هڪ هزار سال تائين وڙهڻ جي دعويٰ ڪرڻ سان گڏوگڏ غربت، جهالت ۽ بيروزگاري جي خاتمي لاءِ جنگ ڪرڻ جي آڇ به ڪئي آهي. ڀارتي رياست ڪيرالا ۾ جلسي کي خطاب ڪندي نريندر مودي الزام هنيو ته اڙي ۾ حملو پاڪستان ڪرايو. اڙي حملي ۾ 18 ڀارتي فوجي مارجي ويا، جن کي هو ڪڏهن به نه وساريندا. سندس چوڻ هو ته خطي ۾ عدم استحڪام جو ذميوار پاڪستان آهي ،هو رڳو رتو ڇاڻ چاهي ٿو. نريندر مودي پنهنجي خطاب ۾ پاڪستان تي دهشتگردي کي هٿي وٺرائڻ جو به الزام مڙهيندي چيو ته ڀارت دهشتگردي سامهون ڪڏهن به نه جهڪيو آهي ۽ نه جهڪندو. ڀارتي وزيراعظم پاڪستان جو نالو کڻڻ کانسواءِ چيو ته پاڙيسري ملڪ جا حڪمران هزار سالن تائين وڙهڻ جي دعويٰ ڪندا هئا، اهي ڪاڏي ويا. هو هڪ هزار سال تائين جنگ وڙهڻ جو چئلينج قبول ڪرڻ لاءِ تيار آهن. پاڪستان، بنگلاديش کي نه سنڀالي سگهيو، جڏهن ته هاڻ گلگت ۽ بلوچستان کي به هو نه پيو سنڀالي سگهي. سندس چوڻ هو ته پاڙيسري ملڪ وارا دهشتگردن جون ڳالهيون ٻڌي ڪشمير جا گيت ڳائي رهيا آهن. ٻنهي ملڪن کي غربت جهالت ۽ بيروزگاري خلاف جنگ ڪرڻ گهرجي.

لنڊن ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وزير اعظم نواز شريف چيو ته پاڪستان ذميواراڻو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم ڪنهن کان لڪل ناهي، ڪشمير مسئلو رجسٽرڊ ٿي چڪو آهي.  ڀارت جي ظلم سبب ڪيترائي ڪشميري زخمي ٿيا آهن، ڀارت کي ڪشمير ۾ شهادتن جي جاچ ڪرائڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته گڏيل قومن ۾ سندن موقف ٻڌو ويو آهي، ڪشمير مسئلو رجسٽرڊ ٿي چڪو آهي. اُڙي حملو ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم جو رد عمل به ٿي سگهي ٿو، ڀارت کي الزام مڙهڻ کان اڳ سوچڻ گهرجي ها.

وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن جي صلاحڪار سرتاج عزيز اڙي ۾ ڀارتي فوجي ڪئمپ تي حملي جي عالمي سطح تي جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي، بي بي سي سان ڳالهائيندي سرتاج عزيز چيو ته ڪنهن به حملي کانپوءِ ڀارت هميشه جاچ کان اڳ ئي اها واويلا مچائيندو آهي ته ان ۾ پاڪستان جون ايجنسيون يا غير رياستي عنصر ملوث آهن، اسان جي خواهش آهي ته ان حملي جي بين الاقوامي جاچ ڪرائي وڃي ته جيئن غيرجانبدار جاچ ٿي سگهي. ڪشمير ۾ هن وقت آزادي جي تحريڪ هلي رهي آهي، اهڙي قسم جي حملي سان پاڪستان ۽ ڪشميرين کي ڪوبه فائدو نٿو ٿئي، بلڪه ڀارتي فورسز طرفان ٿيندڙ انساني حقن جي خلاف ورزين تان ڌيان هٽي ٿو. هي پهريون موقعو ناهي جو ڀارت پاڪستان تي بي بنياد الزام لڳايو آهي، جڏهن صدر ڪلنٽن ننڍي کنڊ جي دوري تي آيو هو ته ڪشمير ۾ تمام وڏو واقعو ٿيو هو، جنهن جو الزام به پاڪستان تي لڳايو ويو هو، پر بعد ۾ پتو پيو ته اهو واقعو ڀارت پاڻ ڪرايو هو. جنهن علائقي ۾ حملو ٿيو آهي، اتي ڀارت جي فوج وڏي تعداد ۾ موجود هوندي آهي، ان ڪري اتي ڪنهن به قسم جي دراندازي ممڪن ناهي. 2009ع ۾ ٿيل ممبئي حملن جو الزام به پاڪستان تي لڳايو ويو هو، تنهن هوندي به ان سلسلي ۾ ڀارت ثبوت فراهم ڪرڻ ۾ بهانا ڳوليندو رهيو. پٺاڻ ڪوٽ جي حوالي سان به ساڳي صورتحال ٿي، ڀارت اڃا تائين ان حملي جا ثبوت ناهن ڏنا. ان جي باوجود پاڪستان ڪشمير ۾ ٿينل حملي جي جاچ ۾ هر قسم جي مدد فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *