پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ ۽گڏيل قومن جو ڪردار…

ڀارت والاريل ڪشمير ۾ فوجي دستا ۽ خطرناڪ هٿيار اڳين مورچن تي پهچائڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن، پاڪستان ڀارت کي تنبيهه ڪندي چيو آهي ته پاڪ فوج ڪنهن به خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ پوري طرح تيار آهي. بي بي سي جي رپورٽ موجب ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي گھڻو وقت ملٽري آپريشن روم ۾ گذاريو، جتي هن ڪنٽرول لائن تي ڀارتي فوج جي چرپر جي تازي صورتحال جو جائزو ورتو. ڀارت پاران والاريل ڪمشير جي اوڙي سيڪٽر تي فوجي چر پر ۾ واڌ جون خبرون ملي رهيون آهن. بي بي سي موجب ڀارتي سرڪاري ذريعن ٻڌايو آهي ته بوفرز توپن ۽ 105 وچين رينج جون ٻيون توپون اوڙي جي چڙي ميدان، موهرا ۽ بونيار ۾ لڳايون پيون وڃن. سونه مرگ ۾ به وڏا هٿيار لڳايا پيا وڃن. انهن جاين کان آزاد ڪشمير ۾ پاڪستان جي دفاعي اڏاوتن کي نشانو بڻائي سگھجي ٿو. جڏهن ته ڀارتي فوجي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل علائقن ۾ فوجي مِگ جهازن جي اڏام به شروع ٿي وئي آهي. پر اهو ناهي ٻڌايو ويو ته مِگ جهازن جي اڏام ڪنهن جنگي تيارين جو حصو هئي يا نه.  هوڏانهن ته ڀارتي فوج جي چرپر کي ڏسندي پاڪستان جي هوائي فوج به ملڪ جي اترئي حصي ۾ موٽر وي کي بند ڪري جنگي مشقون مڪمل ڪري ورتيون آهن. پرڏيهي کاتي موجب پاڪ فوج ملڪي بچاءُ لاءِ هر وقت تيار آهي. هوڏانهن وري رپورٽون آهن ته ڀارتي هندو انتهاپسند تنظيم وزير اعظم نواز شريف جي سر جي قميت مقرر ڪري ڇڏي آهي،  هندو انتهاپسند تنظيم جو چوڻ آهي ته جيڪو به وزير اعظم نواز شريف جو سر ڪٽي کڻي ايندو ان کي هڪ ڪروڙ روپيا انعام ڏندو ويندو، ٻئي طرف مودي سرڪار جو جنگي جنون ڏسندي ڀارتي ميڊيا به ميدان تي لهي پئي آهي، ڀارتي ميڊيا پاڪستان خلاف زهر اوڳاڇڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي،

ٻئي طرف وزيراعظم نوازشريف والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز جي هٿان معصوم شهرين جي فوتگين جا ثبوت گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري بان ڪي مون جي حوالي ڪري ڇڏيا. وزيراعظم نوازشريف گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري بان ڪي مون سان نيويارڪ ۾ ملاقات ڪئي جنهن دوران وزيراعظم ڪشمير جو مسئلو اٿاريو ۽ عالمي اداري جي اڳواڻن کي والاريل ڪشمير ۾ ڀارت هٿان معصوم شهرين جي فوتگين جا ثبوت ڏنا. ان کي رياستي دهشتگردي جي شڪار تي انهن مانهن جون تصويرون به ڏيکاريون بان ڪي مون قابض ڀارتي فورسز طرفان پيلٽ گن جي استعمال واري ظلم جون تصويرون ڏسي افسوس۽ ڳڻتي جو اظهار ڪيو وزيراعظم والاريل ڪشمير جي صورتحال جي حوالي سان بان ڪي مون جي بيان جا ٿورا مڃيا وزيراعظم گذريل 74 ڏينهن ۾ والاريل ڪشمير ۾ 100 ماڻهن جي شهادت ۽ پيلٽ گن جي بيدرداني استعمال کان آگاهه ڪيو جنهن سبب سوين ماڻهو پنهنجي اکين جو نور وڃائي ويٺا آهن. وزيراعظم پنهنجي خطن ۾ سلامتي ڪائونسل جي پنجن رڪن ملڪن جي قيادت عالمي برادري ۽ گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري جي توجهه ڪشمير جي صورتحال ڏانهن ڇڪرائي. هن بان ڪي مون سان مطالبو ڪيو ته والاريل ڪشمير ۾ عدالت کان مٿانهن موت جي جاچ ڪرائي وڃي. ۽ گڏيل قومن جو فيڪ فائينڊنگ مشن والاريل ڪشمير ۾ صورتحال جي جاچ ڪري. وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته ڀارت اڙي واقعي جي ذميواري به پاڪستان مٿان مڙهي رهيو آهي جنهن سان شڪ شعبا وڌيڪ وڌي ويا آهن، ڀارت والاريل ڪشمير ۾ بيگناهه ڪشميرين کي شهيد ۽ زخمي ڪري رهيو آهي. صحافين سان ڳالهائيندي نواز شريف وڌيڪ چيو ته ڀارت پنهنجي ڏاڍ ذريعي 170 بيگناهه ڪشميرين کي شهيد ۽ ڪيترن ئي زخمي ڪري ڇڏيو آهي جنهن سبب ڪشميري عوام ۾ ڪاوڙ پکڙيل آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *