پاڪ-ڀارت ميچ….شاهينن جي شڪست

گذريل ڏينهن ايشيا ڪپ جي اهم مئچ ۾  پاڪستان روايتي مخالف ڀارت هٿان شڪست کائي ويو، پاڪستاني سينيئرن سميت  اهم بيٽسمينن  جي بيٽنگ فلاپ ٿي وئي، ڀارتي ڪپتان مهيندرا سنگهه ڌوني ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو درست ثابت ٿيو، پاڪستاني بيٽنگ لائن واري جو  ڍير  ثابت ٿي، محمد حفيظ چوڪو هڻڻ بعد غير ضروري شاٽ کيڏندي آئوٽ ٿي ويو، شرجيل خان 7 رنسون ٺاهيون، خرم منظور 25 بالن تي 10 رنسون ٺاهيون، شعيب ملڪ 4 ۽ عمر اڪمل به ٽن رنسن تي ايل بي ڊبليو ٿي ويو، شاهد آفريدي 2 رنسو ٺاهي رن آئوٽ ٿيو، سرفراز ڪجهه مزاحمت ڪندي 25 رنسون ٺاهيون پاڪستان جا 9 رانديگر ڏهاڪي جي حد تائين به نه پهتا، ڀارت جي هر دڪ پانڊي 3 وڪيٽون ورتيون، جديجا 2، لنهرا ، بمراهه ۽ يوراج سنگهه به هڪ هڪ شڪار ڪيو، ڀارت به شروعات ڏکيائين جو شڪار رهيو، پهرين اوور جي پئين بال تي روهت شما کاتو کولڻ بنا آئوٽ ٿي ويو، رهاني به زيرو تي آئوٽ ٿي ويو، 8 رنسن جي مجموعي اسڪور تي سريش رائنا به آئوٽ ٿي ويو، ويرات ڪوهلي مردبحران بڻجي بيهي ويو، يوراج سنگهه  ۽ ڪوهلي 86 رنسن جي حصيداري جوڙي ڀارتي فتح کي يقيني بڻايو، 49 رنسون ٺاهي ڪوهلي آئوٽ ٿي ويو ته هردڪ پانڊي به کاتو کولڻ بنا محمد سميع جي بالنگ تي پويلين واپس هليو ويو، ڪپتان ڌوني چوڪي سان ڪاميابي جي منزل تي پڄي ويو، ويرات ڪوهلي کي مين آف دي مئچ ايوارڊ ڏنو ويو.

پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان شاهد آفريدي چيو آهي ته ڀارت کان هارائڻ وڏو ڌچڪو ناهي، ٽيم ڪم بيڪ ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي، پچ تي وڏو اسڪور ڪرڻ آسان ناهي. ويرات ڪولهي ۽ يووراج سٺي بيٽنگ ڪئي، اهو اسان جي بيٽسمينن لاءِ مثال آهي. بيٽسمين جلدي آئوٽ ٿي ڊريسنگ روم پڄي وڃن ته مشڪل ٿي ويندي آهي. وڏو اسڪور نٿو ڪري سگهجي. جڏهن ته ميچ جي مين آف دي ميچ ويرات ڪولهي چيو ته وڪيٽ بيٽنگ لاءِ آسان نه هئي. محمد عامر بهترين بالنگ ڪئي، محمد عامر دنيا جي بهترين بالرن مان هڪ آهي.

ايشيا ٽي 20 ڪپ دوران پاڪستان ۽ ڀارت جي ميچ ۾ پاڪستان جي بدترين شڪست ۽ بيٽنگ لائين جي هڪ ڀيرو ٻيهر فلاپ ٿيڻ کان پوءِ اڳوڻن ڪرڪيٽرن ۽ ڪرڪيٽ شوقينن جو سخت ردعمل سامهون آيو آهي. ان سلسلي ۾ اڳوڻي ڪرڪيٽر ۽ ڪپتان جاويد ميانداد، محمد يوسف، وقار يونس، محسن حسن خان، جو چوڻ هو ته کين لڳي رهيو آهي ته هو سڀ پراڻا ڪرڪيٽر وري گڏجي کيڏن ته به موجوده ٽيم کان سٺو کيڏندا. پاڪستان جو دفاعي انداز اهڙو هو جو هو رانديگرن جون ڄنگھون ڏڪي رهيون هيون، هو رنسون ته ٺهيون پر پاڻ بچائڻ ۾ پورا هئا. هنن هيڊ ڪوچ تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو ته وقار يونس ۽ ٽي 20 ڪپتان رڳو ڳالهين جا شينهن آهن، هنن هيل تائين پاڪستان ٽيم کي بيٽنگ ڪرڻ ناهي سيکاري. قومي ٽيم ڀارتي ڪرڪيٽرن اڳيان کيڏيندي ڪنهن گھٽيءَ جي ٽيم لڳي رهي هئي. هو پنهنجي بچاءَ ۾ پورا هئا ۽ وائڙن جيان کيڏي رهيا آهن، پاڪستان ٽيم ۾ ڪٿي به رٿابندي نظر نه آئي، ايئن لڳي رهيو هو ته ڄڻ ڪنهن گھٽِي يا محلي جي ٽيم کيڏي رهي هجي، جيڪا بس ڊوڙ ڊوڙان ڪري رهي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *