پاڪ-ڀارت ميچ، شاهينن پاران وري به تاريخ جو ورجاءُ

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ورلڊڪپ ۾ ڀارت کان هارائڻ جي روايت برقرار رکندي هن ڀيري به هندستان کان هارائي ويو. ايڊن گارڊن ڪرڪيٽ گرائونڊ تي ٿيل ميچ  برسات سبب 20 بدران 18_18 اوورن تائين محدود ڪيو ويو. ڀارتي ڪپتان مهيندرا سنگهه ڌوني ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. جنهن بعد پاڪستان پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر ڪيل 18 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 119 رنسون ٺاهيون.  پاڪستان پاران شعيب ملڪ 26، شاهد آفريدي 8، شرجيل خان 17 ۽ احمد شهزاد 25، عمر اڪمل  22 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا.  119 رنسن جي ٽارگيٽ پويان ويندي ڀارتي ٽيم گھربل هدف ويرات ڪوهلي جي شاندار بيٽنگ جي ڪري 17 هين اوور ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ورتو. ويرات ڪوهلي ففٽي هڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. ڪوهلي 37 بالن تي 55 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. ڪپتان ايم ايس ڌوني 13 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيو. ان کان اڳ ڀارت جو آخري بيٽسمين يووراج سنگهه آئوٽ ٿيو. هن 24 رنسون ٺاهيون. هندستان جي پهرين وڪيٽ  14 رنسن تي ڪري جڏهن روهت شرما 10 رنسون ٺاهي محمد عامر جي بال تي آئوٽ ٿي ويو. جڏهن ته محمد سميع هڪٻئي پويان شيکر ڌون ۽ سريش رائنا کي بولڊ ڪيو. شيکر ڌون 6 رنسون ٺاهيون جڏهن ته سريش رائنا ٻُڙيءَ تي آئوٽ ٿيو. پاڪستان پاران محمد سميع 2 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته محمد عامر ۽ وهاب رياض هڪ هڪ وڪيٽ وٺي سگھيا. ويرات ڪوهلي کي شاندار ففٽي هڻڻ تي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

ٻئي طرف وري وومين ورلڊ ٽي 20 جي وڏي مقابلي ۾ پاڪستاني ٽيم ڊڪ ورٿ لوئس ميٿڊ تحت ڀارت کي ٻن رنسن تان شڪست ڏئي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي. دهلي جي فيروز شاهه ڪوٽلا اسٽيڊيم تي کيڏيل ميچ ۾ ثنا مير ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو درست ثابت ٿيو. ڀارت جي پهرين وڪيٽ 3 رنسن تي ڪري پئي ۽ ولاسوامي ونيٿا 2 رنسون ٺاهي انعم امين جو شڪار ٿي، ڀارت جو اسڪور 5 تائين پهتو ته اسماويه اقبال هڪ رنس ٺاهيدڙ منڌنا کي پويلين موٽايو، جنهن کانپوءِ ڀارتي ڪپتان ميٿالي راج ۽ هرمن پريت ڪور 29 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪري ٽيم جي اسڪور کي 34 تائين پهچايو ته ندا ڊار 16 رنسون ٺاهيندڙ ميٿالي راج کي آئوٽ ڪري ڇڏيو، جڏهن ته هرمن پريت ڪور به 16 رنسون ٺاهي 49 جي مجموعي اسڪور تي آئوٽ ٿي وئي. ڀارت طرفان ويدا ڪرشنا مورتي بهترين راند جو مظاهرو ڪندي سڀ کان وڌيڪ 24 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي، جڏهن ته گوسوامي 14 ۽ انوجا پٽيل 3 رنسون ٺاهي سگهي. شکا پانڊي 10 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهي. ڀارتي ٽيم مقرر 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 96 رنسون ٺاهي سگهي. پاڪستان طرفان انعم امين، اسماويه اقبال، ثنا مير، سعديا يوسف ۽ ندا ڊار هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي. جواب ۾ پاڪستاني اوپنرن ناهيده خان ۽ سدره امين سٺي شروعات ڪندي ٽيم جو اسڪور 19 تائين پهچايو ته ناهيده 14 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، جنهن کانپوءِ بسمه معروف بيٽنگ ڪرڻ آئي ۽ سعديا امين سان گڏجي اسڪور 48 تائين پهچايو ته سدره امين به 26 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، جنهن کانپوءِ بسمه معروف 5 ۽ ارم جاويد 10 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويون. پاڪستان جو اسڪور 77 تي پهتو ته اسماويه اقبال 5 ۽ ڪپتان ثنا ٻڙي تي آئوٽ ٿي وئي. 16هين اوورن جي آخر ۾ برسات پوڻ سبب ميچ کي روڪيو ويو، ان وقت پاڪستان جو اسڪور 6 وڪيٽن جي نقصان تي 77 هيو. مسلسل برسات سبب وڌيڪ ميچ نه ٿي سگهي ۽ ڊڪ ورٿ لوئس ميٿڊ تحت پاڪستان کي رن ريٽ بهترين هجڻ سبب ٻن رنسن تان فاتح قرار ڏنو ويو. مين آف دي ميچ پاڪستاني رانديگرياڻي انعم امين کي قرار ڏنو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *