پاڪستان ۾ عالمي ڪرڪيٽ جي واپسي….!

قومي ڪرڪيٽ ٽيم سريلنڪا کي 36 رنسن تان شڪست ڏئي ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ 0-3 تان وائيٽ واش ڪري ورتو آهي. سريلنڪن ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان خلاف لاهور ۾ کيڏيل آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو ۽ دعوت ملڻ کانپوءِ پهريان بيٽنگ ڪندي گرين شرٽس مقرر اوورن ۾ ٽن وڪيٽن جي نقصان تي 180 رنسون ٺاهيون. پاڪستان طرفان شعيب ملڪ بهترين بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي 24 بالن تي 51 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، جڏهن ته ٻين رانديگرن ۾ عمر امين 45، فخر زمان 31، بابر اعظم 34 ۽ فهيم اشرف 13 رنسون ٺاهيون. سريلنڪا طرفان سنجايا، مناويرا ۽ اوڊانا هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي. جواب ۾ سريلنڪن ٽيم مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 144 رنسون ٺاهي سگهي. سريلنڪا طرفان شناڪا 54 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، ٻين رانديگرن ۾ چتورنگا 21، پراسنا 16، پٿيرانا 14 ۽ ڪپتان ٿسارا پريرا 10 رنسون ٺاهي اڳڀرا رهيا. پاڪستان طرفان محمد عامر 4، فهيم اشرف 2، جڏهن ته عماد وسيم، محمد حفيظ ۽ حسن علي هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي. قومي ٽيم سريلنڪا کي ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ 0-3 تان ڪلين سوئيپ ڪري ورتو آهي.

پي سي بي چيئرمين ايندڙ سال ايشيا ڪپ پاڪستان ۾ ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي،  سريلنڪا جي ڪرڪيٽ بورڊ جي عملدارن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي پي سي بي چيئرمين نجم سيٺي جو چوڻ هو ته 8 سال اڳ ڪرڪيٽ جتان ختم ٿي، واپس به اتان ئي شروع ٿي آهي، ايندڙ سال اپريل مهيني ۾ ٿيندڙ ايشيا ڪپ به پاڪستان ۾ ئي ٿيندو،  پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جو تاريخي ڏينهن سريلنڪن ڪرڪيٽ بورڊ جي بهادري سبب ڏسي رهيا آهيون، سريلنڪا جي پاڪستان ۾ موجودگي اسان لاءِ خوشي جي ڳالهه آهي، سريلنڪن ڪرڪيٽ بورڊ ۽ رانديگرن جو ٿورائتو آهيان، لاهور ۾ ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جو اجلاس ٿيو آهي، ايندڙ سال اپريل جي مهيني ۾ ايمرجنگ ايشيا ڪپ پاڪستان ۾ ٿيندو، ٽورنامينٽ ۾ پاڪستان، ڀارت، سريلنڪا، بنگلاديش ۽ افغانستان جون ٽيمون حصو وٺنديون، جڏهن ته ڇهين ٽيم ڪوليفائنگ رائونڊ کيڏڻ بعد حصو وٺندي، جيڪا ڪرڪيٽ جي شوقينن لاءِ وڏي خوشخبري آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *