گذريل ڏينهن پي آءِ اي جو جهاز پي ڪي 661 چترال کان اسلام آباد اچي رهيو هو. انجڻ ۾ خرابي سبب حويليان ويجهو حادثي جو شڪار ٿيو. جهاز ۾ عملي سميت 47 ماڻهو سوار هئا ، جهاز ۾ ناميارو نعت خوان جنيد جمشيد ۽ سندس گهر واري پڻ سوار هئا، صالح جنجوعه حادثي جو شڪار ٿيل جهاز جو ڪيپٽن جو جڏهن ته عملي ۾ فرسٽ آفيسر علي اڪرم، ٽيني پائلٽ احمد جنجوعه، ايئر هوسٽس صدف فاروق ۽ هوسٽس اسما عادل شامل هيون.
پاڪستان جي تاريخ ۾ هن وقت تائين ڪيترائي حادثا ٿي چڪا آهن، سڀ کان وڏو حادثو 28 سيپٽمبر 1992 ۾ ٿيو، پي آءِ جي اڏام کٽمنڊو پهاڙن سان ٽڪرائجڻ سبب 155 مسافر فوت ٿي ويا هئا، تاريخ جو پهريون هوائي حادثو پرڏيهه ۾ 20 مئي 1965 ۾ پيش آيو، ان حادثي جو شڪار ٿيندڙ پي آءِ اي جي فلائيٽ نمبر 705 بوئنگ 720، سڌو سنئون ڪاهرا لنڊن جي شروعاتي روٽ تي هئي، اهو جهاز ڪاهرا ايئرپورٽ تي ليڊنگ ڪندي تباهه ٿي ويو هو، ان حادثي ۾ 124 ڄڻا فوت ٿيا هئا، جن ۾ 22 صحافي به هئا، ٻيو حادثو فوڪر جهاز ايف 27 جو هو جيڪو 6 آگسٽ 1970 تي جيئين اسلام آباد ايئرپورٽ کان مٿي چڙهيو طوفان جي ور چڙهي ويو ۽ راولپنڊي کان 11 ميل پري راوت جي هنڌ تي ڪري تباهه ٿي ويو، ان حادثي ۾ سڀ 30 ڄڻا فوت ٿي ويا هئا، 8 سيپٽمبر 1972 تي فوڪر جهاز اسلام آباد مان اڏام کانپوءِ راولپنڊي ڪري تباهه ٿيو هو، جنهن ۾ 26 مسافر فوت ٿي ويا هئا، 26 نومبر 1979 تي پي آءِ اي جو بوئنگ 707 فلائيٽ نمبر 740 جده ايئرپورٽ کان حاجين کي کڻي وطن واپس اچي رهيو هو ته طائف ويجهو ان جي ڪيبن ۾ باهه لڳي وئي ۽ جهاز سڙي تباهه ٿي ويو هو، 145 مسافر ۽ عملي جا 11 ماڻهو فوت ٿي ويا هئا، 23 آڪٽومبر 1996 تي پي آءِ اي جو فوڪر پشاور ويجهو ڪري تباهه ٿيو هو جنهن ۾ 13 ڄڻا فوت ٿيا هئا، 25 آگسٽ 1989 تي پي آءِ اي جو فوڪل گلگت ويجهو برف وارن پهاڙن ۾ ڪري گم ٿي ويو، 21 سالن کانپوءِ جهاز جو ملبو ۽ لاش نه ملي سگهيا، 28 سيپٽمبر 1992 تي پي آءِ اي جي ايئر بس نيپال جي گادي واري شهر کٽمنڊو کان صرف ٿورڙي مفاصلي تي بادل سان ڌڪيل پهاڙن سان ٽڪرائجي تباهه ٿي ويو هو، عملي جي 12 ڄڻن سميت 155 مسافر فوت ٿي ويا هئا، ان حادثي جو سبب جهاز جي مقرر بلندي کان اٽڪل 16 سئو فوٽ هيٺ اڏام هئي، اهو پاڪستان جي تاريخ جو پرڏيهي مسافر هوائي جهاز جو سڀ کان وڏو حادثو هو، ان واقعي کانپوءِ 10 جولاءِ 2006 تي فوڪر جهاز هوا ۾ اڏڻ جي 10 منٽن کانپوءِ ملتان ويجهو ڪڻڪ جي فصل ۾ ڪري تباهه ٿي ويو، جنهن ۾ 41 مسافر فوت ٿي ويا هئا، 28 جولاءِ 2010 تي نجي ايئر لائين ايئر بلو جو جهاز اسلام آباد ويجهو مرگلا ۾ پهاڙن ۾ ڪري تباهه ٿي ويو هو، ڪراچي کان روانو ٿيندڙ ان فلائيٽ ۾ عملي جي 6 ڄڻن سميت سمورا 152 ماڻهو فوت ٿي ويا هئا، 20 اپريل 2012 تي پاڪستان جو ڀوجا ايئر بوئنگ 737 ڪراچي کان اسلام آباد ويندي حادثي جو شڪار ٿيو، ان حادثي ۾ 121 مسافر فوت ٿيا هئا.