گذريل ڏينهن سيالڪوٽ چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي تقريب کي خطاب دوران وزيراعظم نواز شريف جو چوڻ هو ته سي پيڪ کي ناڪام بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، حڪومت جا پهريان 2 سال وسيلا مهيا ڪرڻ ۾ گذري ويا پر هاڻي سڄي ملڪ ۾ موٽر ويز تيزي سان بڻجي رهيا آهن، ڪي پي ڪي ۾ مخالف سياسي جماعت جي حڪومت آهي پر اتي به هزاره موٽر ويز اسان بڻائي رهيا آهيون، اسان تي هڪ پائي جي ڪرپشن جو داغ ناهي پر سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڪڏهن، ڪٿي ۽ ڪهڙي منصوبي ۾ ڪرپشن ٿي آهي، جنهن جو اڄ احتساب ٿي رهيو آهي، مون کي ان جو جواب ناهي ملي سگهيو، خبر وٺڻ گهرجي ته ڪهڙي شئي جو احتساب ٿي رهيو اهي، هي سرڪاري پئسن ۾ گهوٻيون يا وري اسان جي ڪاروباري معاملن جو احتساب ٿي رهيو آهي، ملڪ جي حساس ادارن وفاقي حڪومت کي هڪ رپورٽ موڪلي آگاهه ڪيو آهي ته جي آءِ ٽي رپورٽ پيش ٿيڻ کانپوءِ سپريم ڪورٽ جيڪڏهن جلد فيصلو جاري نه ڪيو ته ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال پرتشدد مظاهرن، ريلين ۽ ڌرڻن ۾ تبديل ٿي سگهي ٿي ۽ سياسي جماعتن وچ ۾ ٽڪراءَ پيدا ٿي سگهي ٿو، جنهن سبب ملڪ ۾ نه رڳو بحران جنم وٺي سگهن ٿا، پر معاشي صورتحال به گهڻي خراب ٿي سگهي ٿي. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ملڪ ۾ موجوده سياسي صورتحال سبب اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ٻاڙائي رڪارڊ ٿي رهي آهي، رپئي جو ملهه ڊالر جي مقابلي ۾ گهٽجي رهيو آهي، جنهن سان ملڪي معيشت تي خراب اثر پئجي رهيا آهن، اهو ئي ڪارڻ آهي جو ملڪي معيشت کي 60 ارب رپين جو نقصان پهچي چڪو آهي. حڪومت طرفان دعوائون ته گهڻيون ڪيون ٿيون وڃن ته هِنن پنهنجي معاشي پاليسي جي ڪري ملڪي اقتصادي ترقي رڪارڊ سطح تي پهچائي آهي، پر بنيادي طور جڏهن ڳالهه ملڪي معيشت جي ڪجي ٿي ته اها رپئي جي قدر سان سلهاڙيل آهي، جنهن جو اگهه اُن وقت کان غيرمستحڪم نظر اچي پيو، جڏهن کان ملڪ ۾ پاناما جي قصي ڪر کنيو آهي، ملڪ جي سياسي حالتن سبب پيدا ٿيل غير يقيني جي ڪري اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ به گذريل ڪجهه عرصي کان شديد ٻاڙائي رڪارڊ ٿي رهي آهي، نتيجي ۾ سيڙپڪارن جو سرمايو به ٻڏي رهيو آهي، گهڻا ڏينهن به ناهن گذريا ته ڊالر جي اگهه ۾ پنج کان ڇهه رپين تائين هڪدم اضافو ٿي ويو، جنهن سان نه رڳو ملڪي معيشت جو گراف هڪ ئي ڏينهن ۾ ڪِري پيو، بلڪه اسان جي حڪمرانن پاران عالمي مالي ادارن کان کنيل قرضن جو بار به هڪ هزار ارب رپين تائين وڌڻ جا امڪان يقيني بڻجي ويا. اڳ به اسلام آباد ۾ لڳل ڌرڻي جي ڪري جيڪو نقصان معيشت کي پهتو، تنهن جا اثر گهڻي وقت تائين ملڪي اقتصادي صورتحال تي ڪارن ڪڪرن جيان ڇانيل رهيا، هن وقت به ائين ئي محسوس ٿي رهيو آهي ته معيشت جي بهتري، ان کي مستحڪم بڻائڻ ۽ عوام کي معاشي بدحالي مان ڪڍڻ ڄڻ ته حڪمرانن جي ايجنڊا ۾ شامل ئي ناهي، ڇاڪاڻ ته هو ان کي پنهنجي ذميواري نٿا سمجهن، سندن ذهنن ۾ اها ڳالهه گهر ڪئي وئي آهي ته اقتدار جي ڪرسي بچائڻ ۽ اقتدار کي حاصل ڪرڻ ئي سياست آهي ۽ اها سوچ ملڪ کي خطرناڪ دڳ تائين پهچائي سگهي ٿي.افسوس آهي ته گذريل ڪجهه سالن دوران ملڪ ۾ دهشتگردي ۽ امن امان جي خراب صورتحال معيشت جي بهتري ۾ وڏي رڪاوٽ ڄاڻائي پئي وئي، پر اڄ ملڪ ۾ غيرپارلياماني ٻولي جي استعمال، هڪٻئي تي الزام بازين جو گند اڇلائڻ، ڪوڙا ۽ فريبي رويا اختيار ڪري معاشي صورتحال کي دءُ تي لڳايو پيو وڃي، قصور ڀلي ڪهڙي ڌر جو به هجي، پر بدنام انهيءَ سياست کي ڪيو پيو وڃي، جنهن جي پوشاڪ پهري چونڊيل نمائندا انهن مقدس ايوانن تائين پهچن ٿا، جن جو بنيادي مقصد ماڻهن جي ڀلائي ۽ فلاح خاطر سندن آواز مقدس ايوانن تائين پهچائڻ هوندو آهي، پر بدقسمتي سان انهن چونڊيل نمائندن پنهنجي اصل مقصد کي وساري اها راهه اختيار ڪئي آهي، جا کين سندن ساک پت وڃائي ڇڏيندي.