پانامه ليڪس معاملي ۾ نئون پينڊورا باڪس

گذريل ڏينهن چيف جسٽس انور ظهير جمالي جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي شروع ڪئي ته مريم، حسين ۽ حسن نواز جي نئين وڪيل اڪرم شيخ عدالت کي ٻڌايو ته هو هڪ اهڙو خط پيش ڪرڻ چاهي ٿو جيڪو صرف عدالت جي لاءِ آهي. جيڪڏهن عدالت مناسب سمجهي ته ان کي عام نه ڪيو وڃي جڏهن ته عدالت ۾ رکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته سندس والد جا مرحوم ميان محمد شريف سان پراڻا ڪاروباري لاڳاپا هئا جيڪي سندس وڏي ڀاءُ وسيلي هلايا پئي ويا ۽ ٻنهي خاندانن ۾ اڄ به ذاتي لاڳاپا آهن، محمد بن جاسم چيو آهي ته 1980ع ۾ ميان شريف الثاني خاندان جي قطر ۾ جائيداد جي ڪاروبار ۾ سيڙپڪاري جي خواهش ظاهر ڪئي، منهنجي ڄاڻ موجب ان وقت دبئي ۾ ڪاروبار جي وڪري سان هڪ ڪروڙ 20 لک ڌرم کيس مليا جنهن مان لنڊن جا 4 فليٽ خريد ڪيا ويا جنهن تي چيف جسٽس چيو ته هي خط رڪارڊ تي ايندو ته پاڻمرادو عام ٿي ويندو. ڇا قطر جي اها شخصيت گواهه طور عدالت ۾ پيش ٿيندي؟، اڪرم شيخ  جواب ۾ چيو ته هو ان بابت ڪجهه نه ٿو چئي سگهي، جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته هن ۾ ته سڀ ٻڌل ڳالهيون آهن ته منهنجي پيءُ سان تعلق آهي مون ٻڌو آهي وغيره جنهن تي اڪرم شيخ کان سوال ڪيو ته ان کانسواءِ توهان وٽ ٻيو ڪجهه آهي ڇا، توهان جو مني ٽريل ڪٿي آهي، چيف جسٽس چيو ته جڏهن ان ڪيس جي باقاعده ٻڌڻي ٿيندي ته هن خط جي صحت جي باري ۾ فيصلو ان وقت ڪيو ويندو، هي دستاويز في الحال وقت کان اڳ جو آهي. بئنچ چيو ته هي خط ٻڌل ٻڌايل ڳالهين تي آهي ۽ خط رڪارڊ جو حصو بڻجڻ کانپوءِ توهان پاڻ ڦاسي ويندا، قطر جي شهزادي وڌيڪ چيو  آهي ته پارڪ لين لنڊن ۾ ايون فيلڊ هائوس ۾ فليٽ نمبر 17 ۽ 17 اي، فليٽ 16 ۽ 16 اي ٻه آف شور ڪمپنين جي نالي سان رجسٽرڊ هئا ۽ انهن جا سرٽيفڪيٽ قطر ۾ رکيا ويا هئا ۽ هن چيو ته مون کي ياد آهي ته پنهنجي زندگي دوران ميان  محمد شريف وصيت ڪئي هئي ته سندس سيڙپڪاري ۽ جائيداد جي ڪاروبار جو منافعو سندس پوٽي حسين نواز شريف کي ملي. جڏهن ته محمد بن جاسم چيو آهي ته 2006ع ۾ الثاني گروپ ۽ حسين نواز جي وچ ۾ اڪائونٽس کي حتمي شڪل ڏني وئي جنهن کانپوءِ انهن فليٽن جا سرٽيفڪيٽ حسين نواز جي حوالي ڪيا ويا، جنهن بابت دوحه ۾ رڪارڊ موجود آهي. جڏهن ته مريم نواز شريف پاران وڌيڪ دستاويز جمع ڪرايا ويا آهن جنهن ۾ وزيراعظم نواز شريف جي ٽيڪس ادائيگين سميت زمين ۽ فيڪٽرين بابت تفصيل شامل آهن جڏهن ته زمينن جا انتقال ناما به دستاويزن ۾ شامل آهن، ٻڌڻي دوران طارق اسد وڪيل عدالت کي چيو ته هي اهم ڪيس آهي ۽ تيز رفتاري سان هلائڻ ۾ انصاف جون گهرجون پوريون نه ٿينديون، آف شور ڪمپنين جي مالڪ سمورن پارلياماني ميمبرن جي خلاف جاچ ٿيڻ گهرجي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ڪرپشن جي جاچ سپريم ڪورٽ جو ڪم نه آهي، ڪنهن اي بي سي ڪرپشن ڪئي آهي ته هيٺيون عدالتون موجود آهن. ڇا توهان عدالتي ڪارروائي کي پٽڙي تان لاهڻ چاهيو ٿا، لڳي ائين ٿو ته توهان درخواستگذار نه پر نواز شريف جا وڪيل آهيو ۽ توهان جي ڳالهين مان لڳي ٿو ته توهان ڪيس جو فيصلو نه ٿا چاهيو، اهو اسان جو ڪم آهي، انصاف جون گهرجون پوريون ڪنداسين. جسٽس شيخ عظمت سعيد تحريڪ انصاف جي وڪيل حامد خان کان پڇيو ته درخواستگذار سچ کي پاڻ ئي دفن ڪري ڇڏيو آهي، پي ٽي آءِ جي دستاويزن ۾ اخباري خبرون به شامل آهن ۽ اخباري خبرون ثبوت ناهن هونديون، پي ٽي آءِ جي انهن دستاويزن جو ڪيس سان ڪو به تعلق نه آهي، اخبار هڪڙي ڏينهن جي لاءِ هوندي آهي ٻئي ڏينهن تي ان ۾ پڪوڙا وڪرو ٿيندا آهن، ڇا اخبار ۾ اچي ته الله ڏتي الله رکئي کي قتل ڪري ڇڏيو آهي ۽ اسان ان خبر تي الله ڏتي کي ڦاسي ڏئي ڇڏيون؟ اهي اخباري خبرون ته الف ليليٰ جون ڪهاڻيون آهن،

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *