پانامه ليڪس جون تکايون مٺايون….!

گذريل ڏينهن جسٽس اعجاز افضل جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بئنچ پاناما ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران نواز شريف جي وڪيل خواجه حارث پنهنجا دليل ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ 20 اپريل جي حڪمنامي ۾ جاچ جو رخ مقرر ڪري ڇڏيو هو. سپريم ڪورٽ جي سوالن ۾ نواز شريف جي تحفن جو ذڪر هو جڏهن ته سپريم ڪورٽ نواز شريف جي خلاف ڪنهن به ڪيس کي ٻيهر کولڻ جو حڪم نه ڏنو هو. سپريم ڪورٽ لنڊن فليٽن، قطري خط، بيريئر سرٽيفڪيٽ بابت سوال پڇيا ۽ سپريم ڪورٽ جيڪي سوال پڇيا انهن جا ئي جواب گهريا ويا هئا، جي آءِ ٽي 13 سوالن سان گڏوگڏ وڌيڪ 2 سوال کنيا آهن جنهن تي جسٽس شيخ عظمت سعيد چيو ته اهي 2 سوال ڪهڙا آهن ڇا توهان چوڻ چاهيو ٿا ته جائيدادن جي نشاندهي جي آءِ ٽي جو مينڊيٽ نه هو جنهن تي خواجه حارث  چيو ته جيڪي ڪيس عدالتن ۾ ختم ٿي ويا آهن، جي آءِ ٽي انهن جي به ڇنڊڇاڻ ڪئي آهي جڏهن ته عدالت ڪيس ٻيهر کولڻ جو حڪم ئي نه ڏنو هو، جنهن تي جسٽس اعجازالحسن چيو ته جائزو وٺڻ جدا ڳالهه آهي نئين سر تعين ڪرڻ جدا ڳالهه آهي، ڪيترائي معاملا پاڻ ۾ ڳنڍيل آهن، انهن کي الڳ نه ٿو ڪري سگهجي، مون کي ياد ٿو اچي ته لنڊن فليٽن جي جاچ ته پهرين کان ئي ٿيندي رهي آهي جيستائين جاچ مڪمل نه ٿي تيستائين سموري معاملي کي ڏسڻو پوندو، اصل شيءَ مني ٽريل جو پتو لڳائڻو هو ۽ عدالت کي ڏسڻو هو ته رقم ڪٿان آئي، التوفيق ڪيس تي عدالت جو فيصلو موجود آهي ۽ اسحاق ڊار جو بيان التوفيق ڪمپني سان لاڳاپيل آهي عدالت کي پنهنجي سوالن جا جواب ڏسڻا آهن، اسان جي آءِ ٽي جي سفارشن جا پابند نه آهيون، جي آءِ ٽي جيڪو بهتر سمجهيو آهي اها سفارش ڪئي آهي، سفارشن تي عمل ڪرڻو آهي يا نه ان جو فيصلو عدالت کي ڪرڻو آهي،  جنهن تي خواجه حارث چيو ته  اسان جي درخواست قانوني نقطن تي آهي پر جي آءِ ٽي جي راءِ جي قانون ۾ ڪا به حيثيت نه آهي جنهن تي جسٽس شيخ عظمت سعيد چيو ته توهان جي ڳالهه سمجهي اسان نوٽ ڪري ورتي آهي، توهان پنهنجي جواب ۾ دستاويزن جي ترديد ناهي ڪئي، لنڊن فليٽن جي انڪوائري جي منظوري 17 سال پهرين ٿي هئي، 2000ع کان 2008ع تائين توهان جو مئوڪل ملڪ کان ٻاهر هو، جيڪڏهن زور وڌو ويو ته ا سان واليوم 10 ظاهر ڪري ڇڏينداسين، جي آءِ ٽي جون سفارشون نه پر سامهون ايندڙ مواد اهم آهي، هاڻي فيصلو ڪنداسين ته ڪيس نيب ڏانهن موڪليون يا وزيراعظم جي نااهلي جو فيصلو ڏيون، جيڪڏهن جي آءِ ٽي وزيراعظم کي ناهي ٻڌو ته اسان ٻڌڻ لاءِ تيار آهيون، وزيراعظم پهرين چيو ته هن وٽ سڀ ثبوت آهن پر جي آءِ ٽي کي پيش ئي نه ڪيا ويا، لڳي ٿو ته شريف خاندان اهو پڪوپهه ڪيو هو ته هنن کي نه ڪجهه ٻڌائڻو آهي ۽ نه ئي وري ڪا ڳالهه مڃڻي آهي.  جي آءِ ٽي سمورن ماڻهن کي جواب، دستاويز ۽ مني ٽريل لاءِ وڏو وقت ڏنو، وزيراعظم، مريم، حسن ۽ حسين کي گهرايو ويو ۽ سوال ڪيا ويا، اسان توهان کي وزيراعظم، مريم نواز، حسن ۽ حسين جا جواب ٻڌائي رهيا آهيون ۽ انهن اهو سوچي ورتو هو ته نه ته هنن کي ڪجهه ٻڌائڻو آهي ۽ نه ئي وري ڪجهه تسليم ڪرڻو آهي، جي آءِ ٽي کي جيڪو ڪجهه ڪرڻو آهي هو پاڻ ڪري، لنڊن فليٽن بابت وزيراعظم چيو ته کيس خبر نه آهي پر لڳي ٿو ته مالڪ حسن آهي، وزيراعظم ته پنهنجي ماسر محمد حسين کي به سڃاڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، هو مسلسل لنڊن فليٽن ۾ ويندو رهيو پر کيس خبر ئي نه هئي ته هي ڪنهن جا آهن، هل ميٽل جي رقم مان پارٽي کي 10 ڪروڙ جي گرانٽ ملي ۽ جڏهن هل ميٽل جي رقم کي سياسي مقصد جي لاءِ استعمال ڪرڻ جو پڇيو ويو ته هن چيو ته نه اهڙي ڪا به ڳالهه نه آهي. جسٽس اعجاز افضل چيو ته هي ڪيس آمدني کان وڌيڪ اثاثن بابت آهي، اثاثن ۽ آمدني جا دستاويز توهان کي ڏيڻا هئا، وزيراعظم جو ڪم هو ته لنڊن فليٽن جي خريداري جا ذريعا ٻڌائي ها باقي توهان جو زور صرف اهو آهي ته جي آءِ ٽي فلاڻيون شيون نه ڏيکاريون، لنڊن فليٽن جي خريداري وقت ٻارن جي آمدني نه هئي، وزيراعظم تقرير ۾ چيو هو ته ذريعن ۽ وسيلن جو رڪارڊ موجود آهي، سپريم ڪورٽ هڪ سال کان پڇي رهي آهي ته هاڻي ٻڌايو. عدالتي فيصلا موجود آهن ته جنهن جي جائيداد هجي ان کي اها ثابت ڪرڻي هوندي آهي، شريف خاندان جي وڪيلن جا دليل به اڄ جي آءِ ٽي جي ڪري ٺهيا آهن، جي آءِ ٽي جي فائنڊنگ نه پر سامهون ايندڙ مواد اهميت جوڳو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *