پاناما ليڪس معاملو: ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ آمهون سامهون

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته عمران خان جي چوڌاري موجود ماڻهو ٺيڪ نه آهن جنهن جي ڪري آئون عمران خان کي چتاءُ ڏيان ٿو ته مون معاملو سامهون آندو ته پوءِ وڏو تماشو لڳندو، اسلام آباد ۾ ڪنهن کي به ڌرڻو هڻڻ نه ڏينداسين، تحريڪ انصاف هر چوٿين مهيني اسلام آباد ڏانهن رخ ڪندي آهي، حڪومت پاناما ليڪس معاملي تي سمورا قدم کڻڻ جي لاءِ تيار آهي، حڪومت ۽ وزيراعظم جو ميڊيا ٽرائل ڪيو پيو وڃي، پاناما پيپرز سامهون آيا ته ڪيترن ئي ملڪن جي سربراهن جا نالا ان ۾ آيا جن ۾ اڪثريت انهن کي رد ڪري ڇڏيو آهي پر وزيراعظم قوم کي خطاب ڪري جاچ ڪميشن ٺاهڻ جو اعلان ڪيو، اسان ڪا به پاڪيٽ ڪميٽي ٺاهڻ نه ٿي چاهي، حڪومت اعليٰ عدليه جي ججن سان رابطو ڪيو جنهن ۾ جسٽس (ر) ناصر الملڪ، جسٽس (ر) تصدق جيلاني، جسٽس (ر) امير الملڪ ۽ جسٽس (ر) ساحر علي شامل آهن.

عمران خان ايف آءِ اي کان جاچ جو چيو هو جيڪا اسان قبول ڪئي ۽ چيو ته عمران خان پنهنجي مرضي جو آفيسر نامزد ڪري پر بعد ۾ هن شعيب سڊل جو نالو ڏنو هو ڪڏهن ايف آءِ اي ۾ رهيو ئي ناهي ۽ نه ئي وري حاضر سروس آهي. پاناما پيپرز جو معاملو وزيراعظم جي پٽن سان آهي ۽ شريف خاندان تي سدائين الزام لڳندا رهيا آهن ته هو قرض وٺن ٿا جنهن جي لاءِ نواز شريف فيصلو ڪيو ته سندس ٻار ٻاهرئين ملڪ ئي واپار ڪندا هاڻي ان تي به اعتراض ڪيو پيو وڃي جيڪڏهن حسن ۽ حسين نواز جي ڪمپنين جي لاءِ پئسو پاڪستان مان غيرقانوني طور تي ويو ته پوءِ اهو غيرقانوني آهي.

گهرو وزير جي حيثيت سان جيڪڏهن عمران خان بابت دستاويز سامهون آڻيان ته پوءِ مسئلا وڌي ويندا، مون مخالف ڌر اڳواڻ جي لاءِ صرف ايترو چيو ته مون وٽ سندس ئي ڪيل حڪومت ۾ ڪيل ڪرپشن جون درخواستون موجود آهن ۽ منهنجي ايتري چوڻ تي کيس باهه وٺي وئي آهي،  جيڪڏهن ٻاهرئين ملڪ واپار ڪرڻ ناجائز آهي ته پوءِ صرف وزيراعظم جي خاندان جي لاءِ ڏوهه نه پر سڀني جي لاءِ ڏوهه آهي. پارليامينٽ جي اخلاقيات واري ڪميٽي موجود آهي ته پوءِ اسان ان جي نگراني ۾ ئي ڪميشن قائم ڪريون ٿا. ڇا سمورا قانون صرف شريف خاندان جي لاءِ آهن، ٻاهرئين ملڪ ڪاروبار بابت جواب حسن ۽ حسين نواز ڏيندا پر هتي پاناما پيپرز کي بنياد بڻائي جمهوري حڪومت کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

مون وزيراعظم کي چيو آهي ته هو وزيرن کي روڪي ته هو مخالف ڌر جي الزامن جو جواب نه ڏين خاص سياسي ايجنڊا کي ڪرپشن ۽ پاناما ليڪس سان نه ڳنڍيو وڃي. ان ڪيس تي سڄي دنيا جون نظرون آهن ۽ ان ۾ ڪجهه به لڪايو نه پيو وڃي. آئون وري آڇ ڪريان ٿو ته اچي گڏجي ويهي معاملي خير خوبي سان نبيريو وڃي. جيڪڏهن جاچ ڪميشن جو فيصلو وزيراعظم خلاف آيو ته پوءِ سڄي حڪومت ٻئي ڏينهن تي گهر هلي ويندي. گارين ۽ الزام تراشين سان مسئلو حل نه ٿيندو. جيڪڏهن معاملو لڪائڻو هجي ها ته حڪومت ججن سان رابطو نه ڪري ها. هاڻي هڪ بدتميزي جو طوفان برپا ڪيو ويو آهي جنهن جي ڪري ججن به معذرت ڪري ڇڏي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *