پاناما ليڪس معاملو، سينيٽ چيئرمين به جواب ڏئي ڇڏيو…!

سينيٽ چيئرمين رضا رباني، پاناما ليڪس جي جاچ لاءِ ڪميشن جو سربراهه بڻجڻ کان معذرت ڪري ڇڏي، سندس چوڻ آهي ته هـُو سينيٽ چيئرمين ۽ ڪميشن جي سربراهي ڪرڻ سان مفادن جو تڪرار پيدا ٿيڻ جو خدشو آهي. هڪ بيان ۾ رضا رباني جو چوڻ هو ته پاناما ليڪس جي جاچ لاءِ ڪميشن جي سربراهه طور سندس نالو تجويز ڪرڻ تي هـُو اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه جو ٿورائتو آهي پر هن وقت مناسب ٿيندو ته هـُو سينيٽ چيئرمين طور ڪميٽي ۾ شامل ٿئي. هــُو پارليامينٽ خاص طور سينيٽ جي حقن جو ڪسٽوڊين آهي ۽ ڪميشن جي سربراهي ڪرڻ سان مفادن جو تڪرار پيدا ٿيڻ جو خدشو آهي.

پاناما ليڪس جي جاچ لاءِ حقيقتن تائين پهچڻ ڏکيو مرحلو آهي ڇو ته وائيٽ ڪالر ڪرائيم ۾ مهارت گهـُربل هوندي آهي جيڪا وٽس ناهي ڪنهن اهڙي شخص جو نالو تجويز ڪيو وڃي جنهن لاڳاپيل شعبي ۾ مهارت هـُجي.

حڪومت طرفان پاناما ليڪس جي جاچ لاءِ جسٽس رٽائرڊ سرمد عثمان جلالي جو نالو تجويز ڪيو ويو هو جنهن کي پ پ ۽ تحريڪ انصاف رد ڪري ڇڏيو هو، جڏهن ته خورشيد شاهه ڪميشن جي سربراهي لاءِ رضا رباني جو نالو تجويز ڪيو هو. پاناما ليڪس جي تحقيق واري طريقي تي حڪومت ۽ مخالف ڌر وچ ۾ پيدا ٿيل اختلاف اڃان تائين ختم نه ٿي سگهيا آهن، پيپلز پارٽي ان جي تحقيقت پارلياماني ڪميشن ذريعي ڪرائڻ چاهي ٿي، جڏهن ته پاڪستان تحريڪ انصاف چيف جسٽس جي سربراهي ۾ جوڊيشل ڪميشن ذريعي جاچ چاهي ٿي ۽ حڪومت رٽائرڊ جج جي سربراهي ۾ ڪميشن جوڙڻ جي ڳالهه ڪري رهي آهي.

ٻئي طرف حڪومت پاناما ليڪس تي سينيٽ چيئرمين جي سربراهي ۾ پارلياماني ڪميشن جوڙڻ واري پ پ جي تجويز کي نامناسب قرار ڏئي ڇڏيو آهي. اسحاق ڊار چيو آهي ته پاناما ليڪس معاملي تي انڪوائري ڪميشن ئي جوڙيو ويندو. سرڪاري ٽي وي موجب پنهنجي هڪ بيان ۾ ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته پاناما ليڪس معاملي تي ڪجھه ڌرين سينيٽ چيئرمين کي ڪميشن جو سربراهه بڻائڻ جي تجويز ڏني هئي، پر سينيٽ چيئرمين کي انڪوائري ڪميشن جو سربراهه مقرر ڪرڻ واري تجويز مناسب نه هئي. پاناما ليڪس تي وزير اعظم جي اعلان مطابق انڪوائري ڪميشن جوڙي ويندي. انڪوائري ڪميشن سموريون قانوني گھرجون پوريون ڪرڻ کانپوءِ جوڙي ويندي. ڪميشن جو اعلان به گھرجون پوريون ٿيڻ کانپوءِ ڪيو ويندو .

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *