پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ پ پ ۽ ن ليگ آمهون سامهون….

پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جي جهيڙي جي ور چڙهي ويو، هڪٻئي تي سنگين قسم جي الزامن کانپوءِ معاملو خراب ٿي ويو، پيپلزپارٽي پاران جيڪو مودي جو يار آ غدار آ غدار آ جا نعرا، (ن) ليگ پاران پيپلزپارٽي تي سکن جون فهرستون ڀارت کي ڏيڻ جا الزام هنيا ويا جنهن تي  پيپلزپارٽي پاران بائيڪاٽ جي ڪوشش کي اسپيڪر ۽ راجا ظفر الحق معافي وٺي ناڪام ڪري ورتو، جڏهن ته مسلم ليگ (ن) ڪشمير معاملي کي ڇڏي ڪالاباغ ڊيم جي معاملي کي وچ ۾ آڻي ڇڏيو، جڏهن ته پشتون اڳواڻن چيو آهي ته مري اسين رهيا آهيون ۽ ننڊ پنجاب وارا ڪري رهيا آهن، پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي سينيٽر مشاهد الله خان چيو ته هتي وزيراعظم تي تنقيد ڪئي وڃي ٿي ته هن جنرل اسيمبلي کي خطاب ۾ ڀارتي ايجنٽ ڪلڀوشن ياديو جو نالو نه ورتو، پر ان جو نالو هر فورم تي ڏنو ويو آهي، نواز شريف ڪم وارو ماڻهو آهي ڀڀڪيون هڻڻ وارو نه آهي، اسان ته اهو به ڏٺو آهي ته سکن جو فهرستون ڀارتي انٽيلي جنس چيفس کي ڏنيون ويون ۽ بينظير ڀٽو جو فهرستون ڏيڻ تي ٿورو به مڃيو ويو، جيڪي ماڻهو پاڻ کي جمهوريت پسند چون ٿا انهن جو تماشو ڏسي وٺو ۽ انهن کي اهو ٻڌائڻو پوندو ته انهن کي اهي ٽپ ڏيڻ ڪنهن سيکاريا آهن، اسان ۾ ڳالهه ٻڌڻ جو حوصلو آهي توهان چئو ٿا ته 2018ع ۾ وزيراعظم پيپلزپارٽي جو هوندو ۽ نواز شريف جيل ۾ هوندو پر ٻڌي ڇڏيو ته 2018ع ۾ وزيراعظم نواز شريف ئي هوندو ۽ جيل ۾ ڪير هوندو ان جو فيصلو ڪري وٺو، جيڪي اڄ هتي گلو ڦاڙي ڳالهائي رهيا آهن اهي سنڌ وڃي پنهنجا جوش ڏيکارين، جيڪڏهن ڪرپشن ايئن هلندي رهي ته 2028ع ۾ پيپلزپارٽي کٽي نٿي سگهي، پاناما ۾نواز شريف جو نه پر بينظير ڀٽو نالو آهي، پاناما پيپرز جي 560 آف شور ڪمپنين مان 558 پيپلزپارٽي جي ماڻهن جون آهن،  هڪ سياسي پارٽي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ نٿي اچي، مون کي ان ڳالهه جي ڳڻتي آهي ته ان جي پارٽي اي پي سي ۾ شرڪت ڪئي ۽ ٽاڪ شوز ۾ به عمران خان گڏيل اجلاس ۾ شرڪت جي حامي ڀري ان کانپوءِ آخري وقت تي انڪار تي جاچ ڪرڻ گهرجي، پي ٽي آءِ جو اجلاس ۾ نه اچڻ ڳجهي ايجنڊا آهي، ان جي نه اچڻ جي مذمت ڪريون ٿا، پوري قوم وزيراعظم محمد نواز شريف جي قيادت ۾ ڪشميرين جي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي مدد جاري رکندي. ڪشمير مسئلي کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ وزيراعظم جي هدايت تي اسان جا نمائندا پوري دنيا ۾ وڃي رهيا آهن ۽ اسان ڪشميرين جي هي خاطري ڪرايون ٿا ته ڪشمير جي مڪمل آزادي تائين پاڪستان جدوجهد جاري رکندو. مشاهد الله خان خطاب دوران پيپلزپارٽي جي ميمبرن جيڪو مودي جو يار آ غدار غدار آ جا نعرا هڻڻ شروع ڪري ڇڏيا ۽ ايوان ۾ ڊيسڪون وڄائڻ شروع ڪيون، جنهن تي سيد خورشيد شاهه چيو ته اسان ڪنهن کي به خراب ناهي چيو جنهن جي ماءُ ڪڏهن ڪشميرين جي لاءِ ريشم ۽ زيور ناهن پاتا هي انهن کي به غدارن ۾ شامل ڪري ڇڏين ٿا، اسان اسيمبلي ۾ گوڙ ڪري نئين دهلي کي ڪهڙو پيغام ڏيڻ ٿا چاهيون جيڪڏهن حڪومت چوي ٿي ته مخالف ڌر منهن تي ٽيپ هڻي ڇڏي ته اسان اهو ٿا ڪري ڇڏيون، هڪ پارٽي اڳ ۾ ئي بائيڪاٽ ڪيو آهي، اسان به وڃون ٿا اسان کي هتي گاريون ناهن ٻڌڻيون، اسان هليا ٿا وڃون جنهن تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ جماعت اسلامي جي سينيٽر سراج الحق کين روڪي ورتو، اسپيڪر چيو ته جنهن معاملي تي هي اجلاس گهرايو ويو آهي انهن خلاف وڙهڻ بدران اڄ اسان پاڻ ۾ وڙهي رهيا آهيون جنهن تي خورشيد شاهه چيو ته اسان به چاهيون ٿا ته ڪشمير جي معاملي تي متحد هجون پر هتي اسان تي ئي ڇوهه ڇنڊيا پيا وڃن، جنهن تي راجا ظفر الحق معذرت ڪندي چيو ته آئون توهان کان معافي وٺان ٿو جڏهن ته سينيٽر مشاهد الله خان چيو ته مون گار ناهي ڏني ڪنهن جي دل آزاري ٿي آهي ته معذرت چاهيان ٿو آئون جمهوري ماڻهو آهيان ڀڄڻ وارو ناهيان.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *