پارليامينٽ جي بالادستي لاءِ يڪراءِ قرارداد منظور

 

وزيراعظم جي ڪوششن کانپوءِ ايم ڪيو ايم ۽ جمعيت علماءِ اسلام (ف) تحريڪ انصاف خلاف التوا واريون رٿون واپس وٺي ڇڏيون آهن. قومي اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جي ميمبر محمد سلمان خان بلوچ پنهنجي سمورن ساٿين پاران پي ٽي آءِ جي 28 ميمبرن جون سيٽون خالي ڪرڻ جي حوالي سان رٿ واپس ورتي. جي يو آءِ (ف) جي ميمبر نعيمه ڪشور خان چيو ته مولانا فضل الرحمان جمهوريت ۽ آئين جي سربلندي جي لاءِ ڪردار ادا ڪندي حقيقي معنيٰ ۾ قائد هجڻ جو ثبوت ڏنو آهي. هن پنهنجي پاران ۽ پنهنجي سمورن ساٿين پاران پي ٽي آءِ جي ميمبرن کي سيٽن کان محروم ڪرڻ جي حوالي سان رٿون واپس ورتيون. قومي اسيمبلي پاڪستان جي آئين جي سربلندي، پارليامينٽ جي بالادستي لاءِ متفقه قرارداد منظور ڪري ورتي آهي قرارداد ۾ چيو ويو آهي ملڪ جي اسلامي ۽ جمهوري تشخص تي ڪو به ڌٻو اچڻ نه ڏنو ويندو، پارليامينٽ جي وقار ۽ تقدس جو تحفظ هر پاڪستاني جو فرض آهي، قرارداد ۾ پارليامينٽ، قومي ميڊيا ۽ پاڪستان جي عوام کي آزمائش جي گهڙيءَ ۾ آئين، جمهوريت ۽ پارليامينٽ جي تقدس لاءِ تاريخي ڪردار ادا ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو ويو آهي. قومي اسيمبلي ۾ مولانا فضل الرحمان قرارداد پيش ڪئي ته هي ايوان 19 سيپٽمبر 2014ع تي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ اتفاق راءِ سان منظور ڪيل قرارداد جي تجديد ڪندي قرار ڏي ٿو ته هي ايوان الله تعاليٰ جي حاڪميت، عوام جي حق حڪمراني، آئين جي بالادستي ۽ جمهوريت جي استحڪام جي علامت آهي. هي ايوان انهن سمورين سياسي پارٽين، معزز پارليامينٽ ميمبرن، قومي ميڊيا ۽ پاڪستان جي عوام کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو جن آزمائش جي گهڙيءَ ۾ آئين، جمهوريت ۽ پارليامينٽ جي تقدس جي لاءِ تاريخي ڪردار ادا ڪيو. هي ايوان پاڪستان جي دفاع، سلامتي، اتحاد ۽ يڪجهتي ۽ وفاق جي تحفظ جي علامت آهي. هن ايوان جي وقار ۽ تقدس جو تحفظ هر پاڪستاني جو فرض آهي خاص طور تي جمهوري عمل ۾ شامل اهي پارٽيون جيڪي عوامي مينڊيٽ جي ترجماني ڪن ٿيون هن ايوان ۾ موجود آهن انهن تي لازمي آهي ته ايوان جي مرتبي ۽ مقام جو ڀرپور احترام ڪن. هي ايوان 2013ع جي چونڊن بابت انڪوائري ڪميشن جي جامع رپورٽ ۽ آئيني ترميمن بابت اعليٰ عدليه جي تاريخي فيصلي جي موقعي تي هن عزم کي ورجائي ٿو ته پاڪستان جي آئين جي سربلندي، پارليامينٽ جي بالادستي ۽ ملڪ جي اسلامي ۽ جمهوري تشخص تي ڪوبه ڌٻو اچڻ نه ڏنو ويندو. ايوان ان قرارداد جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي.

ٻوڏ متاثرن کي هندو هئڻ سبب واهر ڪرڻ کان کتو جواب

مانجهند لڳ ڳوٺ حاجي احمد خاصخيلي ۾ زميندار وٽ پناھ ورتل ڳوٺ اوڪو ڪولهي جي ٻوڏ متاثرن کي انتظاميه مذهب جي بنياد تي نظر انداز ڪري ڇڏيو هندو هئڻ سبب واهر ڪرڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو. درياءُ جي چاڙھ سبب ٻڪريون، مينهون، اناج، بسترا ۽ ٻيو سامان پاڻي ۾ لڙهي وڃڻ سبب صرف جانيون  بچائي زميندار اصغر خاصخيلي جي ڳوٺ ۾ پهتل ڪولهي قبيلي جا خاندان بيماري سان گڏ دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، بکن ۾ پاھ ٿيل معصوم ٻار انگ اگهاڙي گاھ تي سمهڻ ۽ پاڙي اوڙي مان ماني ٽڪر پني گذارو ڪرڻ لڳا. اهڙي عمل خلاف ڳوٺ اوڪو ڪولهي جي متاثرن ارجن، شگن، پرڀو عورتن ۽ ٻارڙن سميت احتجاج ڪندي دانهيو ته رليف صرف بااثرن کي ملي رهيو آهي جيڪي ٻوڏ متاثر به نه آهن، جنهن سبب دربدري واري زندگي گذاري رهيا آهيون هن ٻڌايو ته زميندار ٻيڙين جي مدد نه ڪري ها ته سڄي ڳوٺ وارا لڙهي وڃن ها. هن مطالبو ڪيو ته کين مذهب جي بنياد تي نظر انداز ڪرڻ بند ڪري سندن سهائتا ڪئي وڃي رابطو ڪرڻ تي مختيارڪار ٻڌايو ته انهن بابت  مون کي خبر نه هئي هاڻي تپيدار موڪليان ٿو جيڪي انهن کي رجسٽرڊ ڪندو جنهن بعد کين امداد ڏني ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *