ٽيڪس نظام ۾ سڌارن جي تجويزن جي طلبي

فيڊرل بورڊ آف روينيو پاران نئين مالي سال جي بجيٽ جي آمد جي موقعي تي سمورن اسٽيڪ هولڊرز کان ٽئڪس واري نظام ۾ سڌارا آڻڻ لاءِ تجويزون طلب ڪيون پيون وڃن، پر هي پهريون موقعو ناهي، ان کان اڳ به ساڳي ريت تجويزون طلب ٿينديون رهيون آهن، اها به حقيقت آهي ته ايف بي آر مالي خساري کي گهٽ ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيندو رهيو آهي، ساڳئي وقت ٽئڪس واري نظام ۾ بامقصد تبديلي به نه آندي وئي آهي، نتيجي ۾ ملڪي معيشت ۾ نه بهتري اچي ٿي نه وري عام ماڻهو خوشحالي طرف وڌي سگهي ٿو. پاڪستان دنيا جي انهن خوشقسمت ملڪن مان هڪ آهي، جيڪو قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي، پر خيرات ڏيندڙن جي حڪمن تي ٽئڪس لڳائڻ واري پاليسي ۽ اسان جي نااهل ٽئڪس اوڳاڙين واري نظام ملڪ تي پرڏيهي قرضن جو بار وڌائي ڇڏيو آهي، شايد حڪمران ان کان غافل ٿي ويا آهن ته ٽئڪس ۽ معاشي ترقي هڪٻئي سان جُڙيل آهن، جيڪي ٻئي هڪٻئي لاءِ لازم و ملزوم آهن، ان ڳالهه کي به نظر ۾ رکڻو پوندو ته جتي آبادي ۾ اضافو ٿي رهيو هجي، اتي گهُرجون به وڌي وينديون آهن، جنهن جو واحد حل صرف ۽ صرف پيداواري صلاحيت کي وڌائڻ هوندو آهي، جيڪڏهن گهرج موجب پيداوار نه ٿيندي ته لازمي طور اتي مختلف بحران ئي ڪَرُ کڻندا، جيڪڏهن اسان کي معاشي شرح ۾ اضافو ڪرڻو آهي ته پوءِ ٽئڪس نظام ۾ به سڌارا آڻڻا پوندا، پر بدقسمتي سان ان حوالي سان ڪنهن به قسم جي جاندار پاليسي جي حوصلي افزائي ناهي ڪئي وئي، جيڪي به حڪومتون آيون، انهن هميشه ٽئڪس چورن ۽ قومي دولت لٽيندڙن جو حوصلو وڌايو، غير قانوني طور حاصل ڪيل پئسي کي جائز ڪندڙن کي قانون جي گرفت کان آجو رکيو ويو، انتهائي امير ۽ بااثر ماڻهن، عوامي عهديدارن، سول ۽ ملٽري بيوروڪريسي کي سهولتون ڏيڻ لاءِ اربين رپيا خرچ ڪيا ويندا رهيا آهن ۽ ٽئڪس ادا ڪندڙ عام ماڻهوءَ جي حصي ۾ ڪجهه به ناهي ايندو، اهو ئي سڀ کان وڏو ڪارڻ آهي ته هتي امير امير ترين ۽ غريب غريب ترين بڻجندو رهيو آهي ۽ وڏي عرصي کان اهو سلسلو جاري آهي، هاڻ ته ان تي ضابطو آڻڻ به سولو ناهي رهيو، جڏهن ته غربت گهٽائڻ ۽ ملازمتون پيدا ڪرڻ لاءِ اسان کي تيز معاشي ترقي ۽ سڌارن جي ضرورت آهي، پر افسوس آهي ته اسان وٽ اهڙي ڪنهن به قسم جي پاليسي نظر نٿي اچي، گذريل ڪجهه سالن کان ملڪ جون اڪثر صنعتون بند ۽ معاشي ترقي مفلوج بڻيل رهي آهي، ايف بي آر جي پاليسين جي ڪري ٻاهريان سيڙپڪار به هتي اچڻ کان لنوائين ٿا، ان سان يقينن عوام ۾ مايوسي پيدا ٿئي ٿي ۽ سماجي مسئلن ۾ هر نئين سج اضافو ٿيندو رهي ٿو. ڪاروباري شخصيتن کي اها شڪايت رهي آهي ته ٽئڪس ادا ڪرڻ ۾ ايف بي آر وڏي رڪاوٽ آهي، جيڪڏهن ٽئڪس اوڳاڙين جي طريقيڪار کي بهتر بڻايو وڃي ته سندس اها شڪايت به ختم ٿي ويندي، ڇاڪاڻ ته هُو وقت سر ۽ خوشيءَ سان ٽئڪس ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهن. اسين سمجهون ٿا ته هن وقت پاڪستان کي معاشي ترقي ۾ اضافو ڪرڻ جي انتهائي گهرج آهي، ان سان گڏ ملڪ ۾ روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪرڻا پوندا، توانائي جي بحران تي سياست ڪرڻ بجاءِ ان کي سنجيدگي سان حل ڪرڻو پوندو ته جيئن ملڪ ۾ هر قسم جون صنعتون بندش واري ماحول مان نڪري پنهنجي پيدوار ۾ اضافو ڪري سگهن. معاشي ترقي لاءِ ضروري آهي ته ٽئڪس واري نظام ۾ سڌارا آندا وڃن،

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *