ٽرمپ جو 100 ڏهاڙن واري پاليسي جو اعلان

آمريڪا مان پناهگيرن کي نيڪالي، صدر اوباما جي غير قانوني حڪمن کي ختم ڪيو ويندو، ڊونلڊ ٽرمپ پاران 100 ڏينهن جي پاليسي جو اعلان، آمريڪا جي نئين چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ 100 ڏينهن جي پاليسي جو اعلان ڪندي چيو آهي ته آمريڪا مان پناهگيرن کي نيڪالي ڏني ويندي، جڏهن ته صدر باراڪ اوباما جي سمورن غير قانوني حڪمن کي ختم ڪيو ويندو، ڊونلڊ ٽرمپ جي جاري ڪيل 100 ڏينهن جي پاليسي ۾ دهشتگردي جي متاثر ملڪن جي پناهگيرن کي به آمريڪا اچڻ نه ڏنو ويندو، کين آمريڪي شهريت به نه ڏني ويندي، ڊونلڊ ٽرمپ جي نئين چونڊيل ڪابينا جا نالا به سامهون اچي ويا آهن، پرڏيهي وزير لاءِ سينيٽر باب ڪورڪر، وزير دفاع لاءِ سينيٽر جيفرسن سيشنز، هوم لينڊ سيڪيورٽي لاءِ ڊيوڊ ڪلارڪ ۽ گهرو وزير لاءِ فاريسٽ لوڪاس جا نالا سامهون آيا آهن، آمريڪي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ان بابت هڪ هفتو پهرين ئي مشاورت مڪمل ڪئي وئي هئي، ڪابينا ۾ ڪير شامل هوندا متوقع نالا به سامهون اچي ويا آهن، ٽرمپ جي متوقع ڪابينا ۾ سڀ کان اهم قلم دان وزارت دفاع جو آهي، جنهن لاءِ سينيٽر جيفرسن سيشنز مضبوط اميدوار آهي، جيفرسن عراق جنگ جو حامي آهي، جيڪو مهاجرن کي آمريڪي شهريت ڏيڻ جو مخالف سمجهيو ويندو آهي، پرڏيهي وزارت سينيٽر باب ڪورڪر کي ڏيڻ بابت غور ڪيو پيو وڃي، ٽينسي سان تعلق رکندڙ باب ڪورڪر هن وقت آمريڪي سينيٽ جي پرڏيهي لاڳاپن واري ڪاميٽي جو چيئرمين به آهي، جيڪو مالياتي اصلاحن جو مخالف سمجهيو وڃي ٿو، ايوان جي نمائندن جي اڳوڻي اسپيڪر ۽ ٽرمپ جي وڏي حمايتي نيوٽ گنگرج جو نالو به پرڏيهي وزارت لاءِ سامهون آيو آهي، ڊيوڊ ڪلارڪ جو نالو هوم لينڊ سيڪيورٽي جي وزير طور غور هيٺ آندو ويو، هو سمجهي ٿو ته ڪارن کان وڌيڪ ڳورا آمريڪن پوليس جي تشدد جو نشانو بڻجن ٿا، ڪلارڪ جو خيال آهي ته ٽرمپ جي پاليسين کي اڳتي وڌايو وڃي، ٽرمپ جي امڪاني ڪابينا ۾ فاريسٽ لوڪاس جو نالو گهرو وزارت لاءِ سامهون آيو آهي، ڪابينا جي ٻين امڪاني ميمبرن ۾ نيو جرسي جي گورنر ڪرس ڪرسٽي، نيويارڪ جي اڳوڻي ميئر روڊي ۽ وائيٽ هائوس جي چيف آف اسٽاف جي لاءِ ريپبلڪن نيشنل ڪميٽي جي چيئرمين رائنس پريبس مضبوط اميدوار سمجهيا وڃن پيا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *