ٻوڏ جون تباهه ڪاريون…!

 

ميهڙ جي ڪچي واري علائقي ۾ ٻوڏ جون تباهه ڪاريون جاري آهن ۽ ٻوڏ تعلقي جا 2 سئو کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي هيٺ آڻي ڇڏيا آهن، جتي هزارين ماڻهو ڦاٿل آهن ۽ ٻيڙيون نه هجڻ سبب ماڻهو پڪي تي ناهن نڪري سگهيا ۽ ڪيترائي خاندان غير محفوظ آهن، جڏهن ته درياهه جي پيٽ جي ڳوٺ ناري ۾ 2 نينگر 14 ورهين جو علي حسن چانڊيو ۽ 12 ورهين جو يعقوب چانڊيو، جڏهن ته ڳوٺ جمعو لاکير ۾ 11 ورهين جي نينگري فرحانه لاکير پڻ درياهه بادشاهه جي موج ۾ اچي پير ترڪڻ سبب درياهه جي ويرن جي ور چڙهي وئي. انتظاميا ۽ سرڪاري ٽوٻا نه پهچڻ سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين ٻڏي ويلن جا لاش هٿ نه آيا. بعد ۾ خانگي ٽوٻن ۽ ڳوٺاڻن درياهه جي ويرن سان مهاڏو اٽڪائي ۽ نينگري فرحانه لاکير ۽ نينگر علي حسن چانڊيي جا لاش هٿ ڪري ويا، جڏهن ته يعقوب چانڊيي جي لاش جي ڳولا جاري هئي. هوڏانهن علائقي واسين جو چوڻ آهي ته ڊي سي دادو زبير چنا کي مدد لاءِ اپيلون ڪندا رهياسين پر هن ڪا به واهر نه ڪئي. ٻئي طرف صوبائي صلاحڪار فياض ٻٽ جي هدايتن کانپوءِ ميهڙ انتظاميا متاثرن جي مدد لاءِ پهتي پر انتظاميا وٽ ٽوٻا ۽ ٻيو ضروري سامان نه هجڻ سبب متاثرن جي مدد ڪرڻ ۾ انتظاميا ناڪام وئي آهي.

بلدياتي چونڊن جو شيڊيول جاري

اليڪشن ڪميشن سنڌ ۽ پنجاب ۾ بلدياتي  چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پهرين مرحلي ۾ سنڌ ۾ پولنگ 12 آڪٽوبر تي ٿيندي، نامزدگي ڪاغذ 28 آگسٽ کان پهرين سيپٽمبر تائين وصول ڪيا ويندا، حتمي فهرستون 19 سيپٽمبر تي جاري ڪيون وينديون. اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب ٻنهي صوبن ۾ ٽن مرحلن ۾ ٿينديون ۽ پهرين مرحلي ۾ سنڌ ۾ حيدرآباد ڊويزن جي بدين، ٺٽو، مٽياري، ٽنڊو الهيار، ٽنڊو محمد خان، سجاول، حيدرآباد، دادو، ڄامشورو ۽ سکر ڊويزن جي ضلعي خانپور، لاڙڪاڻي ڊويزن جي قمبر  شهدادڪوٽ، شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي ضلعي ۾ چونڊون ٿينديون جڏهن ته پنجاب ۾ پهرين مرحلي ۾ ملتان ڊويزن جي لوڌران، وهاڙي، ساهيوال ڊويزن جي اوڪاڙه، بهاولپور ڊويزن جي بهاولپور، بهاولنگر، فيصل آباد ڊويزن جي ٽوبه ٽيڪ سنگهه، سرگوڌا ڊويزن جي سرگوڌا ضلعي، لاهور ڊويزن جي قصور، ننڪانه صاحب، گوجرانوالا ڊويزن جي گجرات ۽ راولپنڊي ڊويزن جي راولپنڊي ۽ اٽڪ ضلعن ۾ پولنگ ٿيندي. اليڪشن ڪميشن موجب نامزدگي ڪاغذ 28 آگسٽ کان پهرين سيپٽمبر تائين وصول ڪيا ويندا انهن ڪاغذن جي جاچ پڙتال 3 سيپٽمبر کان 8 سيپٽمبر تائين ٿيندي، ڪاغذن جي منظور يا رد ٿيڻ خلاف اپيلون 12 سيپٽمبر تائين وصول ڪيون وينديون جن جو فيصلو ٽربيونل 17 سيپٽمبر تي ڪندا، اميدوار نامزدگي ڪاغذ 18 سيپٽمبر تائين واپس وٺي سگهندا، حتمي فهرست 19 سيپٽمبر تي جاري ڪئي ويندي ۽ پولنگ 12 آڪٽوبر تي ٿيندي. اليڪشن ڪميشن موجب لاڳاپيل رٽرننگ آفيسرز 24 آگسٽ تي نوٽيس جاري ڪندا. جڏهن ته چونڊ شيڊيول پڌرو ڪرڻ کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ ۾ اليڪشن ڪميشن واضح ڪيو ته ڪميشن طرفان سنڌ ۽ پنجاب ۾ بلدياتي چونڊن جي حوالي سان ڪو به شيڊيول جاري ناهي ڪيو ويو، صوبائي حڪومتن سان مشاورت کانپوءِ شيڊيول جاري ڪيو ويندو. اليڪشن ڪميشن پنهنجي بيان ۾ چيو ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ بلدياتي چونڊن جي حوالي سان ميڊيا ۾ آيل خبرون بي بنياد آهن، سپريم ڪورٽ جي حڪم کانپوءِ اليڪشن ڪميشن ٻنهي صوبن ۾ بلدياتي چونڊون ڪرائڻ جي لاءِ شيڊيول تي ڪم ڪري رهي آهي ۽ چونڊ شيڊيول باقاعده نوٽيفڪيشن جاي ڪري پڌرو ڪيو ويندو. اليڪشن ڪميشن چيو ته اڱاري ڏينهن سپريم ڪورٽ ۾ عبوري شيڊيول پيش ڪيو ويو هو جنهن کي بنياد بڻائي چيو پيو وڃي ته اليڪشن ڪميشن شيڊيول پڌرو ڪيو آهي پر ائين نه آهي، صوبن سان مشاورت کانپوءِ شيڊيول جاري ڪيو ويندو ۽ ان جو باقاعده نوٽيفڪيشن پڌرو ڪيو ويندو ۽ ان بيان جي ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ اليڪشن ڪميشن صوبن سان مشاورت مڪمل ڪري ورتي ۽ نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *