ٻوڏ جا وڏا وهڪرا سنڌ ۾ داخل ٿي ويا

گهوٽڪي ۽ ڪشمور ضلعن ۾ بندن تي پاڻي جو دٻاءُ وڌي ويو، گڊو بئراج تي وچولي ۽ سکر تي هيٺين درجي جي ٻوڏ آهي، لاڙڪاڻي ضلعي ۾ درياهه پائڻ لڳو، ڪيترائي ڳوٺ ختم ٿيڻ جو خطرو آهي. مليل اطلاعن موجب سنڌو درياهه ۾ آيل ٻوڏ سنڌ ۾ داخل ٿي وئي آهي. پنجاب کان ايندڙ پاڻي جو وڏو وهڪرو سنڌو درياهه ۾ گهوٽڪي وٽان گذري رهيو آهي، آبپاشي کاتي جي انگن اکرن موجب گڊو تي پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 3 لک 52 هزار 186 ۽ هيٺانهون وهڪرو 3 لک 27 هزار 274 رڪارڊ ڪيو ويو،  درياهه جي پاڻي ۾ چاڙهه سبب ڪچي جي وڌيڪ ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، درياهه جي پيٽ ۾ واقع 100 سالا قديمي ميهار چاچڙ مڪمل طور مٽي جو ڍير بڻجي ويو آهي، 2 ماڙ اسڪول ۽ مسجد سميت ڳوٺ جا سمورا گهر درياهه حوالي ٿي ويا آهن، گهوٽڪي ۾ پاڻي جي چاڙهه بعد وچولي ٻوڏ ڊڪليئرڪئي وئي آهي، پر ان وچولي ٻوڏ به ڪامورن جا ٺٺ ڪرائي ڇڏيا آهن، وڏين وڏين گاڏين ۾ گهمندڙ ڪامورن پاران اين ڊي ايم اي ۽ پي ڊي ايم اي کان ملندڙ تنبو ۽ راشن جي ٿيلهن ورهائڻ ۾ به وڏي ڪرپشن ڪئي وئي آهي، جنهن ڪري متاثر دانهون ڪري رهيا آهن، رليف ڪيمپن ۾ ترسايل متاثرن پاران کاڌ خوراڪ جو سامان نه ملڻ، طبي سهولتن جي اڻهوند ۽ ٻين سهولتن جون اڃا تائين دانهون ڪيون پيون وڃن،پر انهن دانهن جو ازالو نه ٿي سگهيو آهي. هوڏانهن گڊو بيراج تي پاڻي وڌي رهيو آهي. ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ به پاڻي جي سطح وڌيل آهي ۽ بندن تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي. خاص طور تي ٽوڙي بند جيڪو 2010ع جي ٻوڏ ۾ به ٽٽي پيو هو، ان جي حوالي سان ماڻهن ۾ اڃا به خوف آهي. سکر ضلعي جي ڪچي ۾ پنوعاقل ۾ به پاڻي وڌي رهيو آهي. الف ڪچي ۽ شاهه ٻيلي ۾ 10 ڳوٺن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو آهي. پر ماڻهن گهرن مان نڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. نوشهري فيروز ضلعي جي حدن ۾ 100 کان وڌيڪ ڳوٺن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو آهي. خيرپور ضلعي جي ڪچي ۾ به سوين ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. نواب شاهه، ڄامشوري، حيدرآباد ضلعن جي ڪچي مان به ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ٿيڻ جو چيو ويو آهي. ذريعن موجب پاڻي ۾ واڌ کانپوءِ گڊو بئراج تي ننڍي ٻوڏ وچولي درجي ۾ ۽ سکر تي ننڍي کان ننڍي ٻوڏ ننڍي ٻوڏ ۾ تبديل ٿي وئي آهي. نئون ديرو لڳ ڳوٺ واحد بخش آگاڻي سامهون سنڌو درياءَ کاڌ ڪري بند طرف تيزيءَ سان اڳتي وڌي رهيو آهي جنهن ڪري بند جي ڀر ۾ قائم ڳوٺن واحد بخش آگاڻي، پارو ڀٽو، سڄڻ جي وانڍ، ور وارا ڀٽا سميت ڀرپاسي ۾ قائم ڪيترن ئي ڳوٺن جي ڳوٺاڻن جو ساهه مٺ ۾ اچي ويو آهي، جڏهن ته سندن سوين ايڪڙن تي بيٺل ترن جو فصل به درياهه ڳڙڪائي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. هوڏانهن ڳوٺ واحد بخش آگاڻي وٽ سنڌو درياءَ جي ايل ايس بند وٽ کاڌ ڪري اڳتي وڌي وڃڻ واريون خبرون شايع ٿيڻ بعد ڊي سي لاڙڪاڻو ۽ آبپاشي کاتي پاران نوٽيس وٺڻ کان پوءِ ڄاڻايل هنڌ کي حساس قرار ڏنو ويو آهي. آبپاشي کاتي پاران ڳاڙهيون جهنڊيون ۽ بند جي ڪنهن هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ وڏي مقدار ۾ پٿر گهرائي بند تي لاٿا پيا وڃن. ٻئي پاسي ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته 150 جريب ايراضيءَ تي بيٺل ترن جو فصل مان 15 جريب زمين مس بچيو آهي جنهن تي به درياءَ کاڌ ڪري رهيو آهي. سوا سئو جريب ترن جو فصل درياءَ کاڌ ڪري کائي ويو آهي. پنجاب ۾ اڃا ٻوڏ برقرار آهي، مظفر ڳڙهه، رحيم يار خان ۽ اچ شريف جي سوين ڳوٺن ۾ اڃا پاڻي بيٺل آهي. پنجاب ۾ پنجند هيڊ ورڪس تي هن وقت وڏي ٻوڏ آهي جيڪا آهستي آهستي سنڌو درياهه ۾ گڊو بئراج طرف وڌي رهي آهي. اين ڊي ايم اي جي ترجمان مطابق متاثر علائقن ۾ ٻوڏ سبب ٿيل نقصان ۽ امدادي سرگرمين بابت صوبائي ۽ وفاقي حڪومت طرفان اين ڊي ايم اي جي چيئرمين کي تفصيلي طور بريفنگ ڏني وئي. سنڌو درياهه جي گڊو ۽ سکر بئراج تي وڏي درجي جي ٻوڏ جي اڳڪٿي جيڪا موسميات کاتي طرفان 15 سيپٽمبر تي ڏني وئي هئي سا گهٽجي وئي آهي، چناب درياهه تي قادر آباد ۽ پنجند هيڊ ورڪس وچ ۾ بند ٽوڙڻ جي ڪري هاڻي گڊو ۽ سکر بئراج تي وڏي درجي جي ٻوڏ جو خطرو گهٽجي ويو آهي. سنڌو درياهه ۾ گڊو ۽ سکر بئراج وٽان 4 کان 5 لک ڪيوسڪ پاڻيءَ جو وهڪرو گذري سگهي ٿو جنهن سان سنڌو درياهه جي ڪچي جا علائقا متاثر ٿي سگهن ٿا. ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت ڪچي جي علائقي مان ماڻهن کي محفوظ هنڌن منتقل ڪري رهي آهي. اين ڊي ايم اي چيئرمين صوبائي ڊزاسٽر مئنجمينٽ اٿارٽي سنڌ سان مسلسل رابطي ۾ آهي ته جيئن ڪنهن به اڻوڻندڙ صورتحال کي مُنهن ڏيڻ لاءِ وقت سر ضروري قدم کڻي سگهجن

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *