عالمي اداري ”يونيسيف“ پاران ٻارن ۾ وچڙندڙ ۽ ٻين بيمارين جي بچاءَ لاءِ جيڪي 37 ڪروڙ رپين جون وئڪسين موڪليون هيون، سي ڪتب آڻڻ بدران اڇلائڻ سبب صحت جي مملڪتي وزير ٻن آفيسرن کي نوڪرين تان سسپينڊ ڪري انڪوائري جو حڪم ڏنو آهي. اهي دوائون مناسب نموني سنڀال نه ٿيڻ سبب زيان ٿي ويون.
اهي دوائون هيپيٽائيٽس ”ب“، وڏي کنگهه، مُدي جي تپ وغيره لاءِ ڪتب اچڻيون هيون. ”يونيسيف“ اداري جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ هر ڏهون ٻار زندگيءَ جا پنج ورهيه ڏسڻ کا اڳ مري وڃي ٿو. پر انهن دوائن سان ٿيندڙ اهڙي ڪلور کانپوءِ ته ايئن به چئي سگهجي ٿو ته پاڪستان ۾ ٻار پهرين ٻن ورهين کان پوءِ جيئرا رهي نه سگهندا آهن، ڇوته، صحت کاتو انهن جي بيمارين کان سگهو ٿيڻ واريون دوائون به سنڀالي رکي نه ٿو سگهي.
اسانجو ملڪ تيستائين ترقي ڪري ئي نه ٿو سگهي، جيستائين تعليم، صحت ۽ امن جا مسئلا حل نه ٿا ٿين. جيستائين هر کاتي ۾ موجود آفيسر پاڻ کي سماج ۽ ملڪ جي عوام آڏو جواب ڏيندڙ نه ٿا سمجهن. دنيا اسان جي ٻارڙن کي موتمار بيمارين کان بچائڻ جا جتن ڪرڻ لاءِ آتيون هجن ۽ اسان سمورين ڪوششن تي پاڻي ڦيري دنيا آڏو پاڻ کي ويٺا وائکو ڪريون.
هاڻي مملڪتي وزير ٻن آفيسرن تي انڪوائري جو حڪم عنايت ڪيو آهي. اها انڪوائري ٿيندي. ان ۾ جبل کوٽڻ کان پوءِ رڳو ڪوئا نڪرندا. ڳالهه آئي وئي ٿيندي. انڪوائري ۾ اها ڳالهه ايندي ته ملڪ ۾ بجليءَ جي لوڊشيدنگ هجڻ ۽ گهربل جنريٽر نه هجڻ سبب انهن دوائن جي سنڀال نه ٿي سگهي. ڪجهه لکن جي جنريٽر ڪارڻ 37 ڪروڙن جو دوائون گٽر حوالي ٿي وڃن ته ترقي ڪهڙي ٿيندي، بيماريون ڪيئن گهٽبيون ۽ دنيا اسان تي ويسهه ڪهڙو ڪندي؟
ڏکڻ وزيرستان جا بي گهر انسان
پاڪستان جي قبائلي علائقن جا لکين عوام، جيڪي هڪڙي پاسي جا ٿي بيٺا ته به قتل ڪيا ويا ۽ جي ٻئي پاسي نگاهه وڌائون ته به انهن لاءِ خير جو ڪم نه ٿيو. انهن ورهين ۾ سڄي پاڪستان سوين بم ڌماڪا ڀوڳيا آهن. فوج جهڙي اهم اداري جو هيڊڪوارٽر به محفوظ نه رهي سگهيو. جنرلن، ميجر جنرلن، برگيڊئيرن جا تمام وڏا نقصان به سَٺا پر هزارين عوام پڻ بي گناهه بي سبب قتل ٿيا ۽ ان کان خراب ڳالهه عقيدن وچ ۾ نفرتون وڌڻ به اسان جي حصي ۾ آيو.
هاڻي اهم فيصلو هي ڪيو ويو آهي ته 16 مارچ کان ڏکڻ وزيرستان جا بي گهر ٿيل لکين ماڻهو آهستي آهستي پنهنجي ماڳن مڪانن تي واپس ويندا. ان سلسلي ۾ پهرين کيپ اٺ هزار آڪهن جي آهي، جيڪي پنهنجي ڦريل ۽ تباهه ٿيل زمين تي واپس ويندا ۽ وري پنهنجا اجها ۽ آسمان تيار ڪندا. وفاقي سرڪار هر گهر جي ڪرائي ڀاڙي ۽ سفري خرچ لاءِ 25 هزار ڏيڻ جو پڻ اعلان ڪيو آهي.
ڏکڻ وزيرستان، اتر وزيرستان ۽ قبائلي علائقن جون ڇهه ئي انتظامي ايجنسيون عيسوي سن 2000ع ( نئين هزاري) کان عذاب ۾ آهن. انهن علائقن ۾ مسلسل بدامني ۽ حملن توڙي ڊرون جي ايڪشن کين پنهنجا اجها ۽ پَٽَ ڇڏڻ تي مجبور ڪيو هئو.
انهن مسڪين ماڻهن جي واپسيءَ مان اها ڳالهه به ظاهر ٿئي ٿي ته ڏکڻ وزيرستان ۾ فوجي آپريشن ”راهه نجات“ سبب امن امان جون ڪي نه ڪي حالتون ايتريون بهتر ٿيون آهن، جو بي گهر عوام پنهنجي دربدري ختم ڪري واپس وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي.برابر! اڄ کان 10 ورهيه اڳ دربدر ٿيل ماءُ ۽ پيءُ جنهن ٻار کي پناهگير ڪئمپ ۾ جنم ڏنو هيو، تنهن جي زندگيءَ جا پهريان 10 ورهيه پناهگير ڪئمپ ۾ گذريا آهن. ان ٻار کي شايد سڄي ڄمار ۽ جنگ ۽ بدامني کان نفرت هجي، پر ان جي ذهن تي دربدريءَ جا جيڪي گهاوَ هوندا انهن زخمن کي ڀرڻ لاءِ اڄ ڏينهن تائين ڪابه مرهم ايجاد نه ٿي سگهي آهي!