ِڊي آءِ جي ٽريفڪ جا نت نوان حڪم، ڪراچي واسي عذاب ۾ اچي ويا

عوام جي به قسمت اهڙي آهي جو هڪ مصيبت ٽري ٿي به ٻئي ڪر کنيو بيٺل آهي، اهڙي ئي ڪجهه حالت ڪراچي جي عوام جي به آهي جتي مسئلا حل ٿيڻ بدران وڌندا پيا وڃن، حڪومتي اعلان ته بنا لائسنس گاڏي هلائيندڙ کي گرفتار ڪيو ويندو ته شهري گرفتاري جي خوف کان آپي مان نڪري پيا اچي لائسنس آفيس ڪڙڪيا، هوڏانهن وري حڪومت لائسنس ٺهرائڻ جو اعلان ڪري اهو به نه سوچيو ته هيڏي وڏي آبادي واري شهر ۾ لائسنس ٺهرائڻ کان اڳ ڪا جاڳرتا مهم هلائي وڃي يا لائسنس ٺاهڻ وارن سينٽرن ۾ ڪو اضافو ڪيو وڃي جئين عملي ۽ شهرين کي ڪا تڪليف نه ٿي سگهي پر ائين نه ٿيو، ٽريفڪ عملدارن جي نت نون حڪمن جوام کي ٻٽي عزاب ۾ ڦاسائي ڇڏيو آهي، گزريل ڏينهن به ڪجهه ائين ٿيو، حڪومتي اعلان بعد شهري ڊوڙندا اچي لائسنس آفيس پهتا رش جو فائدو وٺندي ايجنٽن مفت واري فارم جي فيس 100 کان 150 ڪري ڇڏي، گهڻي رش سبب پوليس به آپي مان نڪري پئي ۽ لٺين جا ٽڙڪا لائي ڏنا جنهن بعد حڪومت سڳوري جي به اک کلي، سنڌ جي گهرو وزير سهيل انور سيال ڪار ۽ موٽر سائيڪل هلائيندڙن کي لائسنس ٺهرائڻ لاءِ هڪ مهيني جي مهلت ڏئي ڇڏي، گڏو گڏ گهرو وزير صاحب لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته شهرين کي سهولتون ڏنيون وڃن، ان ڏس ۾ ڪا ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي، ان کان اڳ ڊي آءِ جي ٽريفڪ ڪراچي امير شيخ مطابق شهر ۾ ٽريفڪ سسٽم دنيا جي ٻين ملڪن جيان بڻايو پيو وڃي، شهر ۾ هن وقت تائين ڊرائيونگ لائسنس کان بغير گاڏي هلائيندڙ جا ڪجهه چالان ڪيا ويندا هئا پر هاڻ بغير لائسنس گاڏي هلائيندڙ خلاف سخت قانوني ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو آهي جنهن تي عملدرآمد 2 نومبر کان شروع ٿيڻو هو، شهرين جي درخواست تي کين وڌيڪ مهلت ڏني وئي آهي. هاڻي ڏسجي ته سرڪار سڳوري جي حڪم تي پوليس عملدار ڪهڙي سهولتن جي آڌار شهرين کي سولائي سان لائسنس جاري ڪن ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *