ويلنٽائن ڊي بيحيائيءَ جو باب قرار، فتويٰ جاري

مرڪزي جمعيت اهلحديث پنجاب جي 10 رڪني علماء بورڊ پروفيسر عبدالستار حامد، علامه مولانا محمد نعيم بٽ، مولانا ميان محمود عباس، مفتي مبشر احمد مدني، شيخ الحديث پروفيسر محمد سعيد ڪليروي، حافظ عبدالرزاق فاضل، مدينه يونيورسٽي علامه مفتي محمد صادق عتيق مفتي حافظ ڪفايت الله شاڪر ۽ ٻين ٻن صفحن تي ٻڌل پنهنجي فتوي!ٰ ۾ چيو ته ميلنٽائن ڊي بي حيائي جو باب آهي هي تهوار اسلامي غيرت جي خلاف ۽ مسلم معاشري کي بگاڙڻ جي خوفناڪ سازش آهي اسلام ۾ بي شرمي ۽ اخلاقيات کان عاري انهن تهوارن جي بلڪل گنجائش نه آهي ۽ نه ئي محمد صلعم جي دين ۾ محبت ۽ الفت جي اظهار لاءِ ڪوئي ڏينهن مقرر آهي اسلام ته محرم رشتي يعني ماءُ ڀيڻ وغيره سان به حياءَ جو انداز اختيار ڪرڻ جي تعليم ڏي ٿو محبتون گل ورهائڻ سان نه پر انهن رشتن جا حق ۽ فرض ادا ڪرڻ سان وڌن ٿيون جڏهن ته ويلٽائن ڊي بلڪل بي حيائي فحاشي ۽ عرياني (اگهاڙپ) کي هٿي ڏيڻ برابر آهي تنهنڪري هي ملهائڻ حرام ڪبيره گناهه ۽ ڪافرن جي مشابهت اختيار ڪرڻ آهي قرآن ۽ هديث جو حوالو ڏيندي عالمن ۽ مفتين چيو ته سورت الاعراف آيت 33 ۾ الله تعاليٰ فرمائي ٿو چئو ته منهنجي رب ظاهر ۽ لڪل بيهودگين کي حرام قرار ڏنو آهي اهڙي طرح سورت النمل آيت نمبر 90 ۾ ارشاد آهي ۽ هو الله تعاليٰ بي حيائي ۽ برائي کان روڪي ٿو صورت النور پاره نمبر 18 مطابق بي شڪ اهي ماڻهو جيڪي پسند ڪن ٿا ته اهل ايمان ۾ فحاشي عام هجي ته انهن جي لاءِ هڪ خوفناڪ عذاب آهي دنيا ۾ به ۽ آخرت ۾ به ۽ الله تعاليٰ انهن کي ڄاڻي ٿو ۽ توهان نٿا ڄاڻو علماءُ بورڊ حديث جي روشني ۾ چيو ته محمد صلعم فرمايو ته جيڪو ڪنهن قوم جي مشابهت اختيار ڪندو هو انهيءَ مان هوندو اهڙي طرح الله تعاليٰ جڏهن ڪنهن بندي جي موت جو ارادو ڪري ٿو ته ان کان حياء کسي وٺي ٿو اهڙي طرح سنن ابن ماجا ۾ حديث آهي ته جنهن قوم ۾ فحاشي وڌي وڃي ايتريقدر جو اها سرعام ڪرڻ لڳي ته ان ۾ وبائي بيمارين ۽ اهڙيون بيماريون ڦهلجي وڃن جو انهن جو گذاري ويل ماڻهن ۾ نالو نشان ناهي هوندو علماءُ بورڊ اهو به قرار ڏنو ته هي سمورا ذريعا وسيلا تهوار جنهن سان فحاشي ۽ عرياني اخلاق ۽ بي حياتي وڌي منع ۽ حرام آهن. پنهنجي فتويٰ ۾ انهن چيو ته حياء پاڪ دامني ۽ عصمت مسلمانن جي سڃاڻپ ۽ اهل اسلام جو طور طريقو آهي جڏهن ته ويلنٽائين ڊي يوم بي حيائي، محبت الفت جي هٿرادو ۽ بناوٽي اظهار جو نالو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *