وفاق جي سنڌ سان ٻه اکيائي…..!

سنڌ سڀني کان وڌيڪ ٽيڪس روينيو ڏئي ٿي ۽ اوڳاڙين جا هدف به مڪمل حاصل ڪندي رهي آهي، 18هين آئيني ترميم کانپوءِ ته صوبن کي اختيار ملي چڪا آهن، تڏهن به سنڌ جي تيل ۽ گئس تي وفاق پنهنجي مالڪي ڏيکاري ٿو ۽ صوبائي معاملن ۾ وفاقي مداخلت سان ناانصافين جو رڪارڊ قائم ڪيو پيو وڃي، ان حقيقت کان ڪير به انڪار نٿو ڪري سگهي ته آئين  جي آرٽيڪل 158 تحت گئس تي سڀ کان پهرين ان صوبي جو حق آهي، جتان ان جي پيداوار ٿئي ٿي، پنجاب کي گئس جي فراهمي روڪڻ جي ڳالهه به آئين تحت ئي آهي، جڏهن کان مڪاني چونڊن جو شيڊول پڌرو ٿيو آهي ۽ ان حوالي سان سرگرميون عروج تي آهن ته نوازليگ سرڪار رڳو سنڌ جي انهن شهرن ۽ علائقن کي ٽارگيٽ بڻائي بجلي جا ڪنيڪشن ڪٽرائي رهي آهي، جتي پ پ جا اڪثريتي ووٽر آهن، اهو تاثر پيدا ٿي رهيو آهي ته نوازليگ جي مرڪزي حڪومت پاڻي ۽ بجلي واري وزارت کي سياسي انتقام جو وسيلو بئائيندي واپڊا کي ان ڪري استعمال پئي ڪري ته جيئن مڪاني چونڊن ۾ نتيجو سندن حق ۾ اچي يا وري سندن مخالفن کي شڪست جو منهن ڏسڻو پوي. ڪجهه ڏينهن اڳ نيپرا جي رپورٽ به آئي هئي، جنهن ۾ پاڻي ۽ بجلي جي وفاقي وزارت جي ڪارڪردگي کي ناڪام قرار ڏيندي ٻڌايو ويو هو ته ملڪ ۾ بجلي جي صارفين کي 70 سيڪڙو وڌيڪ بل موڪليا ويا آهن، وفاقي وزير خواجه آصف به اهو اعتراف ڪري چڪو آهي ته صارفين کي غلط بل موڪليا پيا وڃن، اهڙيون حقيقتون سامهون اچڻ جي باوجود به وفاقي حڪومت معاملي کان ڪن لاٽار ڪري ته ڇا اهي قدم ناانصافين ۽ زيادتين جي زمري ۾ نٿا اچن؟ جڏهن به نواز سرڪار مرڪز ۾ اقتدار سنڀاليو آهي ته سنڌ سان سدائين ٻه اکيائي ۽ تعصباڻو رويو اختيار ڪيو ويو آهي، پوءِ اهو معاملو صوبائي خودمختياري جو هجي يا ٽئڪس اوڳاڙين جو، پاڻي، بجلي، گئس ۽ تيل سميت معدني وسيلن جي ڳالهه هجي يا ترقياتي منصوبا هجن، سمورن معاملن تي سنڌ وفاق جون زيادتيون ۽ هوڏ برداشت ڪيا آهن. اسين سمجهون ٿا ته مرڪز يا صوبن ۾ ڪنهن به سياسي جماعت جي حڪمراني ڇونه هجي، پر وفاق ۽ صوبن ۾ اهڙو تعلق قائم هجڻ گهرجي، جنهن سان ناانصافين ۽ زيادتين جو سلسلو بند ٿي سگهي ۽ معاملن کي الجهائڻ بجاءِ سلجهائڻ جو رستو ملي سگهي. 18هين آئيني ترميم کانپوءِ ڪيترائي اهڙا معاملا آهن، جن تي صوبن جو آئيني ۽ قانوني طور حق ڄاڻائڻ جو جواز بڻجي ٿو، جيڪڏهن انهن حقن کي تعصب ۽ انا جي ور چاڙهيو ويو ته نه رڳو وفاق ڪمزور ٿيندو، پر ملڪ ۾ وڏي پئماني تي انتشار به پکڙجي سگهي ٿو. سنڌ سرڪار جي ان خدشي تي اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس وٺڻ گهرجي ته ڇا واقعي واپڊا کي ان ڪري استعمال ڪيو پيو وڃي ته جيئن وفاقي حڪومت مڪاني چونڊن تي اثرانداز ٿي سگهي، جيڪڏهن ائين آهي ته ان جو نتيجو به قومي مفادن خلاف نڪرندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *