وزير اعظم جا اعلانيل پيڪيج

26 آڪٽوبر تي آيل تباهه ڪن زلزلي سبب تباهه ٿيل علائقن ڏانهن وزير اعظم ميان نواز شريف طوفاني دورا ڪري رهيو آهي جيڪو هڪ بهتر قدم آهي ، جمهوري حڪومت مان اهڙي ئي اميد هئڻ گهرجي، گذريل ڏينهن به وزير اعظم گلگت بلتستان جي زلزلي مثارن لاءِ پئڪيج جو اعلان ڪيو آهي، ان کان پهريان وفاقي سرڪار ڪي پي ڪي ۽ فاٽا ۾ پيڪيجن جا اعلان ڪيا هئا، دوري دوران وزيراعظم نواز شريف جو چوڻ هو ته متاثر علائقن ڏانهن امدادي سامان پهچايو پيو وڃي، باقي امدادي چيڪ ورهائڻ جو ڪم سومر کان شروع ڪيو ويندو. گلگت بلتستان جَي علائقي داسو ۾ زلزلي سٽيلن کي خطاب ڪندَي ميان نواز شريف چيو ته هو سندن سار سنڀال لهڻ لاءِ پهتو آهي. زلزلي سبب داسو ۾ 10 ماڻهو فوت ٿيا آهن، جن جي پونئيرن کي ڪي پي ڪي ۽ فاٽا ۾ حياتيون وڃائيندڙن جي پونئيرن جيان 6-6 لک رپيا ڏنا ويندا. اهن اهو به چيو ته حڪومت زلزلي سبب ٿيل نقصان جو مڪمل طور ازالو ڪندي. زلزلي سٽيل علائقن ڏانهن خيما، ڪمبل، خوراڪ ۽ ٻيو سامان اماڻڻ جو سلسلو جاري آهي، ان موقعي تي ميان نواز شريف، زلزلي سٽيل علائقن ۾ زرعي قرضن جي ادائگي لاءِ 4 ڪروڙ رپين جي پئڪيج جو اعلان پڻ ڪيو. ان کان اڳ وزيراعظم ميان نواز شريف گلگت جي زلزلي متاثر علائقي داسو پهتو، جتي کيس زلزلي جي نقصانن ۽ امدادي ڪمن بابت بريفنگ ڏني وئي. عملدارن پاران وزيراعظم کي بريفنگ ڏني وئي ته داسو ۾ زلزلي سبب 12 ڄڻا فوت ٿيا، جڏهن ته گهرن ۽ انفرا اسٽرڪچر کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي. بريفنگ ۾ چيو ويو ته شاهراهه قراقرم هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ کوليو ويو آهي. بريفنگ دوران عملدارن وزيراعظم کي ٻڌايو ته تنگ رستن سبب امدادي ڪمن ۾ ڏکيايون پيش اچي رهيون آهن. بريفنگ وٺڻ کانپوءِ ميان نواز شريف امدادي ڪمن لاءِ هيليڪاپٽر نه گهـُرڻ تي انتظاميه مٿان ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته رستا بند آهن ته امدادي سرگرمين لاءِ هيليڪاپٽر ڇو نه ٿا گهـُريا وڃن،

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *