وزيراعظم گيس قيمتن ۾ واڌ جي تجويز رد ڪري ڇڏي

 

وفاقي ڪابينا ايندڙ بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم گيس قيمتن ۾ واڌ جي تجويز رد ڪندي ٽيڪسن جي شرح گهٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم چيو آهي ته ٽيڪس شرح گهٽ هجڻ سان ماڻهو خوشي سان ٽيڪس ڏيندا. وزيراعظم نواز شريف جو چوڻ آهي ته معاشي استحڪام لاءِ انقلابي قدم کڻڻا پوندا. وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار فنانس ڊويزن بابت بريفنگ ڏني. بريفنگ بعد ڪابينا ايندڙ مالي سال 2015 – 16 جي بجيٽ دستاويز جي منظوري ڏني. بجيٽ دستاويز موجب ايندڙ بجيٽ ۾ بچاءَ جي شعبي لاءِ 772 ارب رپيا رکيا ويندا جڏهن ته آپريشن ضرب عضب لاءِ 45 ارب ۽ وفاقي ترقياتي پروگرام لاءِ 580 ارب رپيا رکيا ويندا. وفاقي ڪابينا، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام لاءِ 107 ارب رپيا رکڻ جي منظوري به ڏني آهي جڏهن ته بجيٽ خساري جو ٽارگيٽ 4 ڏهائي 3 سيڪڙو هوندو. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته معاشي استحڪام جو ثمر عام ماڻهن تائين پهچڻ گهرجي، ان لاءِ انقلابي قدم کڻڻا پوندا. وزيراعظم چيو ته حڪومت بجيٽ ۾ عوام کي وڌ کان وڌ رليف ڏيڻ چاهي ٿي، جڏهن ته روينيو ۾ واڌ لاءِ ٽيڪس ۽ ڊيوٽي شرح گهٽائي وڃي. وزيراعظم 16 کان 60 سيڪڙو تائين گيس اگهن ۾ واڌ جي تجويز رد ڪري ڇڏي. وزيراعظم چيو ته گيس اگهن ۾ واڌ لاءِ هي مناسب وقت ناهي. وزيراعظم چيو ته وڏن رٿائن جا فائدا 5 کان 10 سالن ۾ عوام تائين پهچڻ گهرجن.

جوهي ۾ لوڊشيڊنگ خلاف احتجاج، انتظاميه خاموش تماشائي بڻيل

جوهي شهر ۾ 20 کان 22 ڪلاڪ جي لوڊشيڊنگ خلاف شهر جي مختلف سياسي سماجي ڌرين جسقم، ايس ٽي پي، پ پ ش ڀ، عوامي اتحاد، عوامي تحريڪ، سنڌ پيپلز يوٿ، حجام يونين، درزي يونين، ڪپڙا بازار يونين، هوٽل يونين واپاري، آبادگار ايسوسيئيشن ۽ ٻين جي ڏنل سڏ تي جوهي شهر ۾ مڪمل شٽر بند هڙتال رهي، هزارين ماڻهن غلام نبي باهوٽو، يونس سولنگي، امين وگھيو، حاجي غلام قادر لغاري، عرفان رند، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي گرڊ اسٽيشن سيپڪو آفيس جو گهيرو ڪيو جنهن دوران سيپڪو عملو فرار ٿي ويو، احتجاج ڪندڙ ماڻهو مارچ ڪري ذوالفقار چوڪ تي شاميانه هڻي ويهي رهيا، جتي اڳوڻو تعلقي ناظم جوهي ڊاڪٽر بنده علي لغاري، سوين اسڪولي ٻارڙن کي ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪري ڌرڻي واري هنڌ وٺي پهتو. اڳواڻن چيو ته 50 کان 51 تائين جوهي ۾ گرمي پد آهي، بجلي بند هجڻ سبب گرمي لڳڻ ڪري 4 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، ڪاروبار ٺپ ٿي ويو آهي، پيئڻ جو پاڻي نٿو ملي، شهر جا 7 کان وڌيڪ ٽرانسفارمر 3 مهينن کان خراب پيل آهن. هنن چيو ته 2 جون تائين لوڊشيڊنگ نه گھٽائي وئي ته ٻيهر ڀرپور تحريڪ هلائي ويندي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *