وزيراعظم جو آمريڪي دورو…!

وزيراعظم ميان نواز شريف آمريڪا جي دوري تي روانو ٿي ويو آهي، هو ڪجهه ڏينهن لنڊن ۾ رهڻ کانپوءِ آمريڪا پهچندو، جتي هو ٻين مصروفيتن ۽ آمريڪي قيادت سان ملاقات کان علاوه گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي پڻ خطاب ڪندو. وزيراعظم ميان نواز شريف جو آمريڪي دورو هڪ اهڙي موقعي تي ٿي رهيو آهي، جڏهن ميان نواز شريف نه رڳو اندروني پر ٻاهرين سياسي ۽ عسڪري دٻائن جو شڪار آهي. جنرل اسلم بيگ جي چواڻي موجب ته پاڪستان ۾ ڪجهه سياستدان رٽائرڊ فوجين کي پاڻ سان ملائي ملڪ ۾ تبديلي آڻڻ چاهين ٿا. جڏهن ته عسڪري قيادت کي ان سازش جي خبر هئي ۽ آرمي چيف  جنرل راحيل شريف عمران خان ۽ طاهرالقادري جي انهي سازش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو آ هي. هن اهو به انڪشاف ڪيو آهي ته عمران خان ۽ طاهرالقادري کي اسان جا ماڻهو ايران جي قم شهر وٺي ويا هئا، جتي انهن جي سينيئر آيت الله سان ملاقات ڪرائي وئي، اهڙي ريت  ٻنهي اڳواڻن جي عيسائين جي روحاني اڳواڻ پوپ سان ويٽي ڪن، سٽي ۾ ملاقات ڪرائي وئي هئي. اڳوڻو آرمي چيف اسلم بيگ هڪ ذميوار عهدي تي پنهنجا فرض سرانجام ڏيئي چڪو آهي، ان ڪري سندس بيان کي ڪنهن به طرح نظرانداز ڪري نه ٿو سگهجي. اهڙي صورتحال ۾ جڏهن عوام به ڏسي رهيو آهي ته اسلام آباد ۾ جيڪي ڌرڻا لڳا آهن، تن جو اڄ چاليهو ٿيڻ وارو آهي، انهن ڌرڻن تي خرچ جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته عمران خان جي ڪنٽينر وٽ جيڪي لائوڊ اسپيڪر لڳل آهن، تنهنجو ٺيڪو جنهن شخص کي ڏنو ويو آهي، ان انهي جا 4 ڪروڙ رپيا ورتا آهن. جڏهن ته ڪنٽينر کي لگزري بڻائڻ لاءِ هڪ ڪروڙ رپيا وڌيڪ خرچ ڪري ان کي عمران خان جي رهائش گاهه واڌو آفيس طور بڻايو ويو آهي. جڏهن ته اهي به اطلاع آهن ته ڌرڻي وارن لاءِ روزانو 200 ديڳيون ڀت جون چاڙهيون وڃن ٿيون، جڏهن ته ٻيا خرچ ان کان علاوه آهن، اهي سڀيئي خرچ ڪير ڀري رهيو آهي ۽ اها رقم ڪهڙين قوتن پاران فراهم ڪئي پئي وڃي، تنهن بابت اڃا ڪنهن ڦاٽ ڪو نه کاڌو آهي. ليڪن جڏهن اهي ڦاٽ ڦاٽندا تيستائين ٿي سگهي ٿو ته پلين هيٺان ڪيترو ئي پاڻي وهي چڪو هجي، هڪ طرف اسلام آباد ۾ ڌرڻا لڳا پيا آهن ته ٻئي طرف عام چونڊن وارو ماحول جڙندونظر اچي رهيو آهي. جماعت اسلامي پنهنجن ڪارڪنن کي سرگرم ڪندي جلسن جي شروعات ڪري چڪي آهي، پيپلز پارٽي به سرگرم ٿيڻ جون تياريون ڪري رهي آهي، جڏهن ته بلاول ڀٽو 18 آڪٽوبر کان سياسي سرگرميون شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. متحدا قومي موومينٽ ته پنهنجن ڪارڪنن کي موبائيل جي هڪ فون يا ايس ايم ايس ذريعي ڪنهن وقت ۽ ڪٿي به گڏ ٿيڻ وارا انتظام هڪ ڊگهي عرصي کان شروع ڪري رکيا آهن ۽ اهو ڏينهن خالي نه هوندو آهي، جڏهن متحدا پنهنجن ڪارڪنن کان ڪو امتحان نه ورتو هجي جيڪو امتحان سندن پاران جلسي ۾ حاضر ٿيڻ جي شڪل  ۾ ورتو وڃي ٿو. هن وقت اي اين پي ۽ جي يو آءِ اڃا ڪي وڌيڪ سرگرم نه ٿيون آهن، پر جهڙي ريت عمران خان مولانا فضل الرحمان لاءِ گٿا لفظ ڳالهائيندو رهي ٿو، تنهن مان لڳي ٿو ته جي يو آءِ به  جلد سرگرم ٿيندي نظر ايندي. جڏهن ته عمران خان سڄي ملڪ ۾ عام جلسن جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، اهڙي ڳنڀير سياسي صورتحال ۾ ميان نواز شريف آمريڪا جي دوري تي نڪتو آهي، جتي هن کي آمريڪي قيادت کي ڪيترن ئي اهم سوالن تي مطمئن ڪرڻو پوندو، جيڪو سندس لاءِ هڪ وڏو امتحان هوندو ڇاڪاڻ ته آمريڪا افغانستان مان نڪرڻ لاءِ پنهنجيون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن پر آمريڪا اها خاطري به ڪرڻ گهري ٿو ته  ميان نواز شريف آمريڪا کي خاطري ڪرائي ته ان جي فوجين جي واپسي کانپوءِ پاڪستان سرڪار طالبانن جي پٺڀرائي نه ڪندي يا انهن کي پاڪستان جي سرزمين استعمال ڪرڻ نه ڏيندي. ميان نواز شريف جيڪڏهن اها خاطري ڪرائڻ ۾ ڪامياب ويو ته امڪان آهن ته پاڪستان ۾ سندس حڪومت ايندڙ ڪجهه سالن تائين سڪون سان هلڻ شروع ٿي وڃي  پر جيڪڏهن آمريڪا کي ڪو مطمئن ٿيندڙ جواب نه ملي سگهيو ته پوءِ ان ڳالهه جا وڌيڪ امڪان آهن ته ميان نواز شريف جي جاءِ تي عدالتي مارشل  لا ذريعي ڪو نئون سيٽ اپ جوڙيو وڃي، جيڪو هڪ ڊگهي عرصي تائين ڪم ڪندو رهي، جنهن لاءِ افغانستان ۾ جهڙي ريت قومي حڪومت قائم ڪئي وئي آهي، اهڙي قسم جي قومي حڪومت جو تجربو پاڪستان ۾ به شروع ڪيو وڃي جنهن جو اشارو اسلم بيگ به ڏيئي چڪو آهي ته هن وقت طاهرالقادري ۽ عمران خان جيڪو ڪجهه ڪري رهياآهن اهو آمريڪا، برطانيا ڪئناڊا ۽ ايران جي سرپرستي  هيٺ ڪري رهيا آهن  ۽ آمريڪا جي ئي اشارن تي اسلام آباد ۾ لڳايل ڌرڻي جي ڪري چين جي صدر جو دورو ملتوي ٿيو آهي. جنهن سان چين جا پاڪستان ۾ وڌندڙ ڪاروباري قدم وقتي طور تي رڪجي ويا آهن، هن وقت وزيراعظم کي جيتوڻيڪ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس هڪ وڏي سگهه فراهم ڪئي آهي، ليڪن کيس اڄوڪين حالتن ۾ ملڪ جي اندران ايترو خطرو نظر نه ٿو اچي جيترو ٻاهرين قوتن وٽان نظر اچي رهيو آهي. يعني هن وقت 4 وڏا ملڪ پاڪستان ۾ پنهنجي مرضي جي حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن، جڏهن ته سعودي عرب جيڪو اڻ سڌي طرح ان ڪري به نواز شريف جي حمايت ڪري رهيو آهي ڇاڪاڻ ته جيڪي چار ملڪ ميان نواز شريف  جي  حڪومت کي هٽائڻ گهرن ٿا تن ۾ ايران به شامل آهي ۽ سعودي عرب ڪڏهن به نه چاهيندو ته ايران کي ايتري ڇوٽ ملي وڃي جو اهو پاڪستان ۾ پنهنجي مرضي جو سيٽ اپ آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهي. هن وقت ميان نواز شريف سعودي عرب جي مدد سان آمريڪا آڏو پنهنجي پوزيشن مضبوط ڪري سگهي ٿو، پر جيڪڏهن چئن ملڪن جي اتحاد مان ايران کي ڪڍي سعودي عرب کي شامل ڪيو ويو ته پوءِ صورتحال وزيراعظم خلاف وڃي سگهي ٿي ۽ وزيراعظم ميان نواز شريف لاءِ هن  وقت سفارتڪاري جو به وڏو امتحان آهي. جيتوڻيڪ سرتاج  عزيز، وزيراعظم ميان نواز شريف جو پرڏيهي معاملن بابت صلاحڪار آهي ۽ اهو گذريل ڪيترن ئي مهينن کان عوام جي نظرن کان  به غائب آهي، ڪجهه حلقن جوخيال آهي ته اهو پرڏيهي معاملن جي سلسلي۾ ميان نواز شريف ۽ ان جي حڪومت تي جيڪي پرڏيهي دٻاءََ وڌي رهيا آهن، تن کي گهٽائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، سندس اهي  ڪوششون ڪيتري حد تائين ڪامياب ٿيون آهن، تنهن جي خبر وزيراعظم جي آمريڪا جي دوري کانپوءِ ئي سامهون اچي سگهندي،هاڻ رڳو اهو ڏسڻو آهي ته  عالمي ايمپائر آمريڪا اسان لاءِ ڪهڙو فيصلو ٿو ڪري جيڪو وزيراعظم جي دوري جي نتيجي کانپوءِ واضح طريقي سان سامهون اچي ويندو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *