وزيراعظم ايل اين جي تي هلندڙ بجلي گهر قائم ڪرڻ جو اعلان هڪ ساراهه جوڳو قدم

 

وزيراعظم نواز شريف ايل اين جي تي هلندڙ بجلي گهر قائم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته گرمي جي موسم شروع ٿيڻ کان اڳ قومي گرڊ ۾ وڌيڪ بجلي شامل ڪرڻ حڪومتي ترجيح آهي. حڪومت پنهنجي مدت جي دوران بجلي جي قلت تي مڪمل طور تي ضابطو آڻڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته 2018 کانپوءِ توانائي جو بحران نه ٿيندو. توانائي جي بحران بابت اجلاس جي صدارت ڪندي وزيراعظم چيو ته صوبائي حڪومتون به توانائي جي منصوبن کي بر وقت مڪمل ڪن ۽ منصوبن جي تڪميل جي رستي ۾ حائل رڪاوٽن کي ختم ڪيو وڃي. ملڪ ۾ موجود بجلي جي مسلسل بحران جي پس منظر ۾ وزيراعظم محمد نواز شريف جو مٿيون بيان انتهائي حوصله افزا ۽ عوام کي تسلي ڏيندڙ آهي ۽ جيڪڏهن جاکوڙ ۽ نيڪ نيتي سان ڪوششون ڪيون ويون ته بجلي جي بحران تي ضابطو آڻڻ ۾ پيشرفت ٿي سگهي ٿي. هن وقت صورتحال ايتري ته غير يقيني آهي جو سخت سيءَ جي موسم ۾ به بجلي جي فراهمي ۾ تسلسل نه آهي ۽ ڪنهن به وقت بجلي جو موڪلائي وڃڻ معمول ٿي چڪو آهي. بجلي جا گهرو صارفين نالي ماتر کپت سبب ڪو وڏو احتجاج ته نه ڪري رهيا آهن پر بجلي تي هلندڙ ڪارخانا ۽ انهن جون مشينون مفلوج بڻيل آهن جيڪو عمل به ملڪي معيشت ۽ واپار جي تسلسل کي ناقابل تلافي نقصان رسائي رهيو آهي. بجلي جي پيداوار گهٽ هئڻ سبب صارفين کي بجلي جي ماهانه بلن ۾ به ڪو خاص رليف نه ملي رهيو آهي ۽ گهڻو ڪري سنڌ جي هر شهر ۽ ڳوٺ جا بجلي صارفين ڳرن ۽ ناجائز بلن لاءِ دانهيندا نظر اچن ٿا پر ان معاملي جو تدارڪ ان ڪري نظر نٿو اچي جو واسطيدار آفيسن ۾ مقرر اڪثر اهلڪار بجلي جي جاري ٿيل بل کي حرف آخر ڄاڻائي بجلي جي جائز صارفين جي حوصله شڪني ڪن ٿا جنهن سبب ڪنڊي ذريعي بجلي واپرائيندڙن جو تعداد ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي. اسان بجلي بحران جي حل لاءِ ڏنل تجويزن ۾ بار بار اهو مشورو ڏنو آهي ته بجلي جي سستي ۽ عام ماڻهو جي پهچ ۾ اچڻ تائين نه بجلي جي چوري ختم ٿيندي ۽ نه ئي بحران جو خاتمو اچي سگهندو پر خبر نه آهي ته ڇو بجلي جا اگهه گهٽائڻ بجاءِ اگهه وڌائي ان جي جائز استعمال کي شجر ممنوعه بنائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. بجلي جي کوٽ ۽ چوري سبب عوام جيڪا اذيت برداشت ڪري ٿو ان جي رد عمل ۾ هاڻي بجلي جي ڪمپنين جا فيلڊ ملازم به حملن ۽ تشدد جي زد ۾ اچي رهيا آهن ۽ ائين نه ٿئي ته وقت گذرڻ سان گڏ اهو رجحان پيڙهه پختي ڪري ڇڏي ۽ پوءِ ان ڏس ۾ سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ وارو مسئلو نه درپيش اچي وڃي. ان ڪري ملڪ ۾ نه فقط بجلي جي پيداوار وڌائڻ جي اشد ضرورت آهي پر ان سان گڏ بجلي جي منصفانه ورهاست ۽ ايماندارانه بلنگ سان گڏ بجلي جا اگهه گهٽ ڪرڻ به نهايت ضروري آهي ته جيئن قومي اداري تي عوام جو اعتماد بحال ٿي سگهي ۽ بجلي جي چوري ”ضرورت“ بجاءِ ”قومي ڏوهه“ سمجهي عام محب وطن پاڪستاني بجلي چورن جي نشاندهي ڪري سگهي. گڏوگڏ صوبائي حڪومتون خاص ڪري سنڌ حڪومت بجلي جا اهڙا نوان منصوبا ترجيحي بنيادن تي شروع ڪري جيڪي شمسي توانائي، هوا ۽ پاڻي ذريعي بجلي پيدا ڪن ته جيئن گهٽ ۾ گهٽ سنڌ جي غريب ۽ گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي انهن منصوبن مان فائدو رسي سگهي. اها به حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته 2008ع جي چونڊن کانپوءِ قائم ٿيل وفاقي سطح تي پي پي حڪومت بجلي بحران ختم ڪرڻ لاءِ مختلف سالن ۽ مهينن جا حدف ڏيندي 2013ع ۾ ٿيندڙ عام چونڊن ۾ پنهنجي ووٽ بئنڪ جوعملي مشاهدو ڪيو ۽ هن وقت موجوده وفاقي حڪومت به 2018ع کي بجلي جي بحران ختم ٿيڻ وارو سال قرار ڏنو آهي ۽ اهو سال به عام چونڊن جو ممڪنه سال آهي ان ڪري عوام جي گذشته راءِ کي نظر ۾ رکندي حقائق تي ٻڌل عوام دوستي وارا فيصلا ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڇو ته هن دور جو عوام ٻڌي سڀني جي ڳالهه ٿو پر وقت اچڻ تي ووٽ جي استعمال ذريعي ڪوڙن واعدن ۽ دلاسن جو ڀرپور احتساب به ڪري ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *