وري ڊو مور….

آمريڪا پاڪستان کان هڪ ڀيرو ٻيهر ڊو مور جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردن جي نيٽ ورڪ جو خاتمو ڪرڻ ۾ سنجيدگي ڏيکاري ۽ وڌيڪ اثرائتا قدم کڻي، آمريڪي صدر باراڪ اوباما چيو آهي ته پاڪستان آرمي پبلڪ اسڪول پشاور تي حملي کانپوءِ ايڪشن ته کنيو آهي، پر اڃا به دهشتگردي ٿي رهي آهي، جيڪا ظاهر ڪري ٿي ته پاڪستان کي پنهنجي سرزمين تي دهشتگردن جي خاتمي لاءِ وڌيڪ موثر قدم کڻڻ جي ضرورت آهي،پاڪستان کي دهشتگردن جي نيٽ ورڪ جي خاتمي لاءِ وڌيڪ اثرائتا قدم کڻڻا پوندا، ڀارتي خابرو اداري پي ٽي آءِ کي انٽرويو ڏيندي صدر اوباما چيو ته پاڪستان جي شرپسندن خلاف ڪارروائي درست پاليسي آهي، پر پاڪستان کي اڃا وڌيڪ قدم کڻڻ گهرجن، هن چيو ته آرمي پبلڪ اسڪول تي حملي کانپوءِ پاڪستان ڪيترن مخصوص گروپن خلاف ايڪشن کنيو، پر پوءِ به مسلسل دهشتگردي ٿي رهي آهي، باچا خان يونيورسٽي تي حملو ظاهر ڪري ٿو ته پاڪستان کي دهشتگردن جي نيٽ ورڪ خلاف موثر ڪارروائي ڪرڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان وٽ موقعو آهي ته هو پنهنجي سرزمين تان دهشتگردن جي نيٽ ورڪ جي خاتمي لاءِ پنهنجي سنجيدگي ثابت ڪري. صدر اوباما چيو ته پاڪستان پنهنجي سرزمين تي سرگرم دهشتگرد گروپن خلاف وڌيڪ اثرائتي ڪارروائي ڪري سگهي ٿو ۽ ان کي ائين ڪرڻ گهرجي، وزيراعظم نوازشريف کي به ان ڳالهه جو ادراڪ آهي ته پاڪستان ۾ عدم استحڪام پوري خطي لاءِ خطرو آهي، دهشتگردن خلاف بنا فرق جي ڪارروائي ڪرڻ جي پاليسي درست آهي، پاڪستان وٽ موقعو آهي ته هو دهشتگردن جي نيٽ ورڪ جي خاتمي ۾ پنهنجي سنجيدگي ڏيکاري، صدر اوباما پٺاڻ ڪوٽ ائيربيس تي دهشتگردي جي حملي کي بنا جواز دهشتگردي جو هڪ ٻيو مثال قرار ڏنو ۽ ان حملي کانپوءِ پاڪستاني هم منصب سان رابطو ڪرڻ تي وزيراعظم نريندر مودي کي ساراهيو، ڀارت جي ٻن طرفن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي هن چيو ته نريندر مودي مضبوط ڀائيواري جي خواهش جو اظهار ڪري چڪو آهي، ۽ اسان دوستي ۽ ويجها لاڳاپا قائم ڪيا آهن، تنهن هوندي به ڀارت ۽ آمريڪا وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي گنجائش موجود آهي. جڏهن کان مون آمريڪي صدارت سنڀالي، ڀارت سان تعاون کي مستحڪم بڻائڻ تي ڪم ڪيو ۽ مونکي يقين آهي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ شرڪت داري هن صدي جي اهم شرڪت دارين مان هڪ ٿي سگهي ٿي، ڇو ته آمريڪا ۽ ڀارت جو گڏيل اقتدار، مضبوط جمهوريت ۽ مستحڪم معيشيت کين فطري اتحادي بڻائي ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *