وري ڊو مور جو مطالبو ۽ ڌمڪيون…!!

ڪمانڊر انچيف طور پنهنجي پهرئين خطاب ۾ ڊونلڊ ٽرمپ افغانستان پاڪستان ۽ ڏکڻ ايشيا بابت نئين پاليسي  ۽ افغانستان ۾ وڌيڪ 3900 فوجي مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته پاڪستان کي اربين ڊالر ڏنا پر پاڪستان آمريڪا تي حملا ڪندڙ دهشتگردن کي پناهه ڏني، هاڻ چپ نه ٿا ڪري سگهون، پاڪستان پنهنجو رويو جلد تبديل، افغانستان ۾ اسان جو ساٿ ڏيڻ تي پاڪستان جو فائدو ۽ نه ڏيڻ سان نقصان ٿيندو. پاڪستاني عوام دهشتگردي خلاف جنگ ۾ بي پناهه قربانيون ڏنيون، دهشتگردن خلاف ڪارروائين تي پاڪستان جو قدر ڪريون ٿا پر اسان پاڪستان ۾ موجود دهشتگرد تنظيمن جي محفوظ ٺڪاڻن تي چپ نه ويهنداسين. پاڪستان کي اربين ڊالر ڏيون ٿا پر پوءِ به انهن ئي دهشتگردن کي پناهه ڏني آهي، جن خلاف اسان جي جنگ جاري آهي. پر هاڻ برداشت نه ڪنداسين. پاڪستان کي پنهنجي ڪمٽمينٽ ڏيکارڻي پوندي، پاڪستان کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجي سوچ تبديل ڪري رهيا آهيون جنهن لاءِ پاڪستان کي پنهنجي صورتحال تبديل ڪرڻي پوندي ۽ تهذيب جو مظاهرو ڪري امن قائم ڪرڻ ۾ دلچسپي وٺي. ڏکڻ ايشيا ۾ هاڻ آمريڪي پاليسي ڪافي حد تائين بدلجي ويندي. پاڪستان جو اهو رويو بدلجڻ ۽ تمام جلد بدلجڻ گهرجي. پاڪستان ۽ ڀارت ايٽمي طاقتون آهن، ايٽمي هٿيار دهشتگردن جي ور چڙهڻ نه ٿا ڏيڻ چاهيون. افغانستان مان فوج جلد گهرائي ته خال پيدا ٿيندو، جنهن کي دهشتگرد ڀريندا.منهنجو نظريو هاڻ تصوراتي کان وڌيڪ حقيقت پسنداڻي  هوندو، افغانستان کي ملندڙ امداد ڪوڙو چيڪ نه آهي، قوم جي نئين سر تعمير نه پر دهشتگردن کي ختم ڪري رهيا آهيون. اثرائتين فوجي ڪوششن بعد سياسي حل ۾ افغان طالبان به شامل ٿي سگهن ٿا، پر خبر ناهي ته ائين ڪڏهن ٿيندو، پر طالبان جي مقابلي لاءِ افغان حڪومت ۽ فوج جي حمايت جاري رکنداسين. افغانستان کي پنهنجو مستقبل پاڻ طئي ڪرڻو آهي. افغانستان ۽ پاڪستان ۾ 20 کان وڌيڪ دهشتگرد تنظيمون ڪم ڪري رهيون آهن. جنگ کٽڻ لاءِ فوجي وڙهندا، چاهيون ٿا نيٽو اتحادي به نئين حڪمت عملي ۾ ساٿ ڏين، ان ۾ ڪا به ڊيڊ لائن نه هوندي، عراق مان تڪڙا نڪري داعش لاءِ جاءِ ٺاهي افغانستان ۾ ائين نه ٿيڻ ڏنو ويندو. سفارتي سياسي ۽ فوجي حڪمت  علي کي گڏائي قدم کڻنداسين. افغانستان ۾ امن لاءِ ڀارت جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. ڀارت سان واپار ۾ اربين ڊالر ملن ٿا، ڀارت افغانستان جي اقتصادي مدد ۾ ترقي لاءِ وڌيڪ ڪم ڪري نائن اليون کي ڪو به وساري نه ٿو سگهي، اهي حملا بدترين دهشتگردي هئا، جن جو منصوبو افغانستان ۾ جڙيو ۽ عمل آمريڪا ۾ ٿيو، ٻاهرين دشمنن کان بچڻ لاءِ متحد ٿيڻو پوندو ۽ دهشتگردي خلاف ساٿ ڏيندڙ هر ملڪ سان اتحاد ڪنداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *