وري دهشتگرد نڪري پيا…

گذريل اڱاري ڏينهن پشاور ڪار خانون مارڪيٽ ويجهو جمرود روڊ تي خيبر ايجنسي جي علائقي وزير ڍنڍ ۾ خاصه دار فورس جي گاڏي ويجهو آپگهاتي بم حملي جي نتيجي ۾ 11 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا ۽ ڪالهه وري چارسده ۾ باچا خان يونيورسٽي ۾ دهشتگردن جي حملي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 23 ماڻهو شهيد ٿي ويا آهن جڏهن ته ڪيترائي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ مختلف اسپتالن ۾ داخل آهن، اڱاري ڏينهن ٿيل خودڪش حملي بابت خيبر ايجنسي جي اسسٽنٽ پوليٽيڪل تحصيلدار عصمت الله موجب ڌماڪو آپگهاتي هو جنهن ۾ خاصه دار فورس جي اسسٽنٽ لائين مين آفيسر نواب شاهه جي گاڏي کي نشانو بڻايو ويو. ڌماڪي ۾ ٽرائبل يونين آف جرنلسٽس جو صدر محبوب شاهه پڻ مارجي ويو آهي. بم ڊسپوزل يونٽ موجب ڌماڪو آپگهاتي هو، جنهن ۾ 10 کان 14 ڪلوگرام ڌماڪيدار مادو استعمال ڪيو ويو هو. واقعي واري هنڌ تان حملو ڪندڙ جو مٿو ۽ ٽنگون مليون آهن جڏهن ته ڌماڪي جي حوالي سان وڌيڪ شاهديون گڏ ڪيون پيون وڃن. ڌماڪي کان پوءِ سيڪيورٽي فورسز علائقي تي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته جمرود ۽ پشاور جي سمورن اسپتالن ايمرجنسي لڳائي وئي آهي. زخمين کي جمرود ۽ حيات آباد ميڊيڪل ڪمپليڪس پشاور منتقل ڪيو ويو آهي. جتي ڪيترن ئي زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي جنهن سبب مارجي ويل ماڻهن جي انگ ۾ اضافي جو خدشو پڻ ظاهر ڪيو ويو آهي. ڌماڪي ۾ ڪيترن ئي گاڏين موٽر سائيڪلن ۽ دڪانن کي نقصان پهتو آهي.

باچا خان يونيورسٽي ۾ ٿيل حملي ۾ استادن، شاگردن سميت ماڻهو شهيد ڪيا ويا آهن، حڪمرانن جي اک کلڻ جو قت خبر ناهي ڪڏهن ايندو دهشتگردن اڳ عوامي هنڌن کي نشانو بڻائيندا هئا پر هاڻي انهن جو هٿ تعليمي ادارن تائين به پهتل آهن، ان ڪري حڪومت کي هر روز آپريشن کي تيز ڪرڻ جي فيصلي بجاءِ هڪ دفعو آخري تيز آپريشن ڪري هن لعنت مان عوام جي جان کي آجو ڪرائڻ گهرجي جيڪا وقت جي اهم ضرورت آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *