هل ڙي هل پڇ ڪاري….!

 

سياست به عجيب راند آهي، ڪنهن وقت ڪنهن جو پلڙو ڀاري ٿي وڃي ڪا به خبر ناهي پوندي، ۽ نه وري سياستدان پنهنجي ڪيل ڳالهه تي ڪو قائم رهندو آهي، اسان وٽ وري سياست جو روپ به نرالا آهن، هت “هل ڙي هل پڇ ڪاري” وارو قانون بڻيل آهي، هر ڪو ٻئي تي ٺٺول جلد ڪري ٿو پر ڪڏنهن پنهنجي عملن کي ياد ناهي ڪيو ويندو، ڪالهوڪو ڏينهن آهي ته ن ليگ جي حڪومتي دور ۾ ماڊل ٽائون واقعو ٿيو جنهن ۾ بيگناهه ماڻهو ماريا ويا ۽ زخمي ڪيا ويا ان وقت موجوده سرڪار جيڪا اقتدار کان ٻاهر هئي بار بار پنجاب سرڪار کان حڪومت ڇڏڻ جا مطالبا ڪندي رهي پر وفاق خلاف به رڻ ٻريل رهيو، ڪنٽينر لڳي ويا مهيني ماڻهو ڌرڻو هڻي سخت سردي ۾ به اسلام آباد کي جام ڪري ويٺل رهيا ۽ وري هاڻي تاريخ پاڻ کي ڪئين وجائي هي ته اڳ اقتدار ۾ رهندڙ سرڪار مخالف ڌر ۾ اچي وئي ۽ سندس خلاف احتجاج ڪندڙ صاحبِِ اقتدار آهن، خبرن موجب ته ن ليگ ساهيوال سانحي تي جي آڙ ۾  پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار کان ته استعفيٰ جو مطالبو ڪري رهي آهي پر وزير اعظم عمران خان کان به ساڳي ئي گهر ڪئي پئي وڃي، ڪالهه قومي اسمبلي ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ن ليگ اڳواڻ راڻا ثناءَ الله  جو چوڻ هو ته وزيراعظم ۽ وڏو وزير استعفيٰ ڏين، غيرجانبدار جي آءِ ٽي اڳيان پيش ٿين ۽ جيڪڏهن بي ڏوهه ثابت ٿي وڃن ته پنهنجي عهدن تي واپس اچي ڪم ڪن. ساهيوال سانحي تي جي آءِ ٽي رپورٽ اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ برابر آهي، ڪو به شخص حڪومت جي بيوقوفاڻي ۽ جاهلاڻي موقف کي نٿو مڃي سگهي.  اسان ان ڊرامي کي رد ڪريون ٿا. ڪٺ پتلي حڪومت ڊرامو ڪري ذميوارن کي فائدو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي جڏهن ته وزيرن مارجي ويل چئني ڄڻن کي دهشتگرد چيو، چيو ويو ته چئني جا نالا ريڊ بڪ ۾ داخل هئا. مزاحمت ۽ 2 دهشتگردن جي فرار ٿي وڃڻ جو چيوويو  ۽ آپگهاتي جيڪٽ ۽ هٿيارهٿ اچڻ جو به چيوويو، هاڻي جواب ڏيو ته وزيرن جو اهو موقف جوابدارن کي بچائڻ جي ڪوشش هئي، هاڻي هو قوم کان معافي گهرن. ذيشان پهريون دهشتگرد هو جنهن جو واسطو دهشتگردن سان ٽن ڏينهن کان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اڃا تائين هي ذيشان جو تعلق دهشتگردن جوڙڻ ۾ ڪامياب ناهن ٿي سگهيا. ساهيوال سانحي سان پوري قوم ۾ بي چيني ۽ خوف آهي، ڪجهه آفيسرن جي قرباني جو ٻڪرو بڻايو ويو، ڪيترائي سوال اڃا تائين حل طلب آهن.وزيراعظم جو ٽوئيٽ ڪجهه ٻيو ۽ وزيرن جو موقف ڪجهه ٻيو هو.  هڪ پاسي دهشتگرد چون ٿا ٻئي پاسي وري ٻه ڪروڙ امدا ڏين ٿا. پر ن ليگ اڳواڻ اهو وساري ويٺا آهن ته سندس جي سرڪار ۾ ڊان ليڪس به ٿي هئي جنهن ۾ هنن پاڻ آفيسرن کي قرباني جو ٻڪرو بڻايو هو…..

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *