ن ليگ جون واڳون ڪير سنڀاليندو….؟

مسلم ليگ ن نواز شريف جي نااهلي بعد شهباز شريف کي نئون سربراهه چونڊڻ جو فيصلو ڪيو آهي، سردار يعقوب خان ناصر کي وقتي صدر بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. مسلم ليگ ن جي اهم اجلاس ۾ پارٽي اڳواڻن جي اڪثريت شهباز شريف کي پارٽي صدر بڻائڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي. سپريم ڪورٽ گذريل ڏينهن چونڊ سڌارا ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي ميان نواز شريف کي پارٽي صدارت لاءِ به نااهل قرار ڏئي ڇڏيو جڏهن ته عدالتي فيصلن کي نواز شريف ڪاوڙ ۽ بغض جو نتيجو قرار ڏئي ڇڏيو آهي. گذريل ڏهاڙي ميان نواز شريف جي صدارت هيٺ پنجاب هائوس اسلام آباد ۾ پارٽي اڳواڻن جو اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ وزير اعظم شاهد خاقان عباسي کان سواءِ مريم نواز، پرويز رشيد، مريم اورنگزيب، عابد شير علي، دانيال عزيز، مصدق ملڪ، تهمينه دولتاڻا ۽ آصف ڪرماڻي سميت ٻيا شريڪ ٿيا جڏهن ته ڪارڪنن جو وڏو انگ به پنجاب هائوس ۾ موجود هو. اطلاعن موجب اجلاس ۾ مسلم ليگ ن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن ميان نواز شريف جي حق ۾ نعريبازي ڪئي ۽ وزير اعظم نواز شريف جا نعرا هنيا. اجلاس ۾ چونڊ سڌارا ڪيس جي عدالتي فيصلي، پارٽي صدارت، سينيٽ اليڪشن ۽ اڳتي لاءِ حڪمت عملي تي غور ڪيو ويو. مسلم ليگ ن جي اڳواڻن ميان نواز شريف تي پنهنجي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪندي ساڻس گڏ رهڻ جو يقين ڏياريو آهي. ن ليگ جي اجلاس ۾ اڳواڻن جي اڪثريت شهباز شريف کي پارٽي صدر بڻائڻ جي تجويز ڏني جنهن کان پوءِ پنجاب جي وڏي وزير کي پارٽي جو صدر بڻائڻ جا امڪان آهن. اجلاس ۾ ليگي اڳواڻن جي اڪثريت تجويز ڏني ته شهباز شريف بااثر ۽ غير تڪراري آهي، شهباز کي صدر بڻائڻ سان ادارن ۾ ڇڪتاڻ ۾ به گهٽتائي ايندي. پارٽي صدارت جو حتمي فيصلو نواز شريف ڪندو ۽ فيصلي جي مرڪزي مجلس کان منظوري ورتي ويندي. وزيراعظم راجا ظفرالحق کي صدر بڻائڻ جي تجويز ڏني، ڪلثوم نواز ۽ مريم کي صدر بڻائڻ بابت خاص ذڪر نه ٿيو. نواز شريف جي نااهلي بعد سندس امڪاني جانشين مريم نواز جي لڳل پوسٽرن تي به راتو رات حمزه شهباز جا نالا لڳجي ويا آهن جنهن مان ظاهر آهي ته هاڻي ن ليگ جون واڳون نواز شريف خاندان جي هٿن مان نڪري شهباز شريف جي خاندان ڏانهن وڃي رهيون آهن ۽ شهباز شريف جو جانشين حمزا شهباز ئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *