نون صوبن جو شوشو

عوامي تحريڪ جي سربراهه طاهر القادري جو چوڻ آهي ته هو پنجاب کي 7 يا 9 صوبن ۾ ورهائڻ چاهي ٿو هن اها ڳالهه مينار پاڪستان آڏو ڪوٺايل جلسي دوران خطاب ڪندي چئي انهي مينار پاڪستان کي يادگار پاڪستان طور تعمير ڪيو ويو هو پر 1970 ڌاري حڪمرانن کي هوش آيو ته يادگار هميشه ڪنهن جي ياد ۾ تعمير ڪيو ويندو آهي ان ڪري اهو يادگار نه پر پاڪستان جو مينار آهي جيتوڻيڪ انهي مينار پاڪستان تي ڪيل جلسي ۾ طاهر القادري ملڪ ۾ صوبا ٺاهڻ جي ڳالهه ڪئي آهي ليڪن شايد هو اها ڳالهه وساري ويٺو هو ته انهي مينار پاڪستان تي 1940 واري اها  قرارداد پٿر تي اکر به اکر اڪريل آهي جنهن ۾ ننڍي کنڊ جي صوبن کي پاڪستان ۾ رضاڪارانه طور تي شامل ٿيڻ وارو ذڪر ٿيل آهي. يعني ته پاڪستان ۾ جيڪي صوبا شامل ٿيا آهن اهي پاڪستان کان اڳ به خودمختيار هئا ۽ انهن جي پنهنجي نه رڳو هڪ ڌار سڃاڻپ هئي پر انهن جون پنهنجون اسيمبليون به هيون جن مان سنڌ اسيمبلي واحد اسيمبلي هئي جنهن پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ وارو ٺهراءُ پاس ڪيو هو. هاڻ جڏهن پاڪستان ۾ شامل صوبا جڏهن وفاق ۾ رضاڪارانه طور تي شامل ٿيا آهن تڏهن اهو ايم ڪيو ايم سميت  ڪنهن کي حق ٿو پهچي ته رضاڪارانه شرڪت ڪندڙ صوبن يا علائقن کي جبري ڏاڍ جي آڌار تي ورهائڻ جون ڳالهيون ڪيون وڃن. جيڪڏهن ان طرح جي سوچ کي وڌيڪ هٿي ملي ته اها پاڪستان جي وفاق لاءِ ان ڪري هاڃيڪار ٿي سگهي ٿي جو رضاڪارانا طور پاڪستان ۾ شامل ٿيندڙ علائقا يا صوبا 1947 ۾ ڪيل پنهنجي اڳوڻي  فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ جوبه سوچي سگهن ٿا. اسان سمجهون ٿا ته جڏهن ڪجهه قوتون پنهنجن خيالن ۽ خواهشن کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ تاريخ جي ڪتابن ۽ فيصلن جي لتاڙ بابت سوچين ٿيون تڏهن ملڪ جي بنيادن لاءِ وڌيڪ خطرا پيدا ٿيڻ شروع ٿين ٿا. جيئن ته پاڪستان جي تخليق ۾ سنڌ جو بنيادي ڪردار آهي ۽ ان ڪردار کي نظر انداز ڪرڻ لاءِ ڪي هٿ ٺوڪيا مفروضا گهڙي ڪو نئون ٽڪساٽ جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ته پوءِ سنڌ جو عوام جيڪو پاڪستان جو اصلي ڪسٽوڊين آهي اهو اها ڳالهه ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندو جيئن ته  پاڪستان جي تخليق ۾ سنڌ اسيمبلي واري ان  ٺهراءُ ته کي هڪ بنيادي دستاويز ڪوٺي سگهجي ٿو ليڪن ننڍي کنڊ جي آزادي لاءِ سنڌ جي ماڻهن هر محاذ تي جدوجهد ڪئي آهي، سنڌ اسيمبلي  پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ وارو ٺهراءُ منظور ڪيو سنڌ جي عوام روڍن ۽ رستن تي ”مسلم هئي تو مسلم ليگ ۾ آءِ“ ۽ هر قسم جي سياسي هلچل ذريعي جيل ڀريو تحريڪ کان وٺي جان محمد جوڻيجو جي اڳواڻي ۾ افغانستان ڏانهن هجرت ڪرڻ تائين ۽ ريشمي رومال تحريڪ کان وٺي، خلافت تحريڪ تائين هر تحريڪ ۾ ڀرپور حصو وٺي پنهنجو پاڻ ملهايو جڏهن ته انهن ئي ڏينهن ۾  شهيد سورهيه بادشاهه پير سيد صبغت الله شاهه جڏهن وطن يا ڪفن ۽ آزادي يا موت جو نعرو هڻي دشمنن کي للڪاريو تڏهن انگريزن جون وايون بتال ٿي ويون اها سنڌ ئي هئي جنهن ۾ انگريزن کي حريت پسندن کي چٿڻ لاءِ مارشل لا لڳائڻي پئي هئي. انگريز سرڪار وٽ حر مجاهدن کي جيلن ۾ بند ڪرڻ لاءِ تن ڏينهن ۾ جيل ئي کُٽي ويا پر آزادي جا پروانا پنهنجا ڪنڌ ڪپائيندا رهيا پر پير پوئتي نه ڪيائون نيٺ انگريز سرڪار کي مجبور ٿي هندستان کي آزاد ڪرڻو ئي پئجي ويو. جڏهن ته سنڌ جي هڪ سپوت قائداعظم محمد علي جناح جي سياسي حڪمت عملين جي نتيجي ۾ مسلمانن کي هڪ ڌار ملڪ آزاد ٿي مليو جنهن۾ سنڌ پاڻمرادو شامل ٿي هئي. اسان جي نظر ۾ سنڌ ڪو انتظامي يونٽ نه اڳ هئي ۽ نه ئي هاڻي ڪو انتظامي يونٽ آهي ماضي ۾ ان کي انتظامي يونٽ سمجهي انگريزن ممبئي سان ملايو ، تڏهن به سنڌ جي ماڻهن انگريز سرڪار جي ان فيصلي کي قبول نه ڪيو هو ۽ جڏهن پاڪستان ۾ ون يونٽ قائم ڪري سنڌ کي مغربي پاڪستان جو حصو ڪيو ويو تڏهن به  ان فيصلي کي به سنڌ جي عوام قبول نه ڪيو ۽ ون يونٽ کي ٽوڙائي ساهه پٽيو. سنڌ جو عوام صدين کان  سنڌ سان بي پناهه محبت ڪري ٿو جڏهن ته هاڻ به  ته اها پاڪستان جي وحدت جي به هڪ ضمانت آهي ان ڪري سنڌ خلاف جيڪڏهن ڪو ميري اک کڻي ٿو ته ان خلاف سنڌ جي ماڻهو جون اکيون ڳاڙهيون ٿي وڃن ٿيون نه رڳو ايترو پر سنڌ جي عوام سنڌ جي بقا ۽ حفاظت لاءِ ڪيترائي ڀيرا جان جي قرباني پڻ ڏني آهي 1965 واري جنگ ۾ شاهه مردان شاهه ثاني رحمت الله عليه جي اڳواڻي ۾ حر مجاهدن سرحد تي پهچي پاڪ فوج سان ڪُلهو ڪُلهي ۾ ملائي جهڙي ريت ڀارتي فوج سان مهاڏو اٽڪايو سا ڳالهه به تاريخ جو هڪ حصو آهي اهڙي ريت 1971 واري جنگ ۾ به حر مجاهدن جون ڏنل قربانيون تاريخ جو هڪ سونهري  باب آهن شاهه مردان شاهه ثاني رحمت الله عليه حياتي ۾ پاڪستان جي سلامتي لاءِ سدائين حر مجاهدن کي تيار رهڻ ۽ ملڪ جي خدمت ڪرڻ جي هدايت ڪندا رهندا هئا  ۽ هن وقت به اعليٰ حضرت پير سائين پاڳارا پير سيد صبغت الله شاهه راشدي موجوده پير سائين پاڳارا به پهرين ڏينهن کان ئي اها ڳالهه ڪئي آهي ته مضبوط سنڌ مضبوط پاڪستان جي ضمانت آهي. ان ڪري ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ناهي ته سنڌ هڪ حقيقت آهي جنهن کي ڪنهن جي خواهشن تي نه ته ٽوڙي سگهجي ٿو ۽ نه ئي ان جي ڪنهن هڪ انچ زمين ۾  ڦير ڦار ڪري سگهجي ٿي. اسان سنڌ جي سلامتي کي پاڪستان جي سلامتي جي ضمانت سمجهندي اها گهر ڪنداسين ته سنڌ کي جيڪي به ڌريون پنهنجي مرضي سان ورهائڻ گهرن ٿيون اهي پنهنجن خيالن ۽ فيصلن ۾ تبديلي آڻين ڇاڪاڻ ته سنڌ کي سنڌ جو عوام ڪنهن به صورت ڪو به ڇيهو پهچندو ڏسڻ ئي نه ٿو گهري

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *