نواز شريف جي اين آر او جي ترديد…!

گذريل ڏينهن پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور چيو ته اڳوڻي آمر پرويز مشرف جي سياست کان لاتعقي جو اظهار ڪندي آپريشن خيبر 4 مڪمل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته سول ۽ فوج جا ناتا خراب نه آهن، راءِ جو اختلاف ٿي سگهي ٿو، فوج جو پ پ ۽ ن ليگ جي اين آر او سان ڪو به واسطو نه آهي، حڪومت فوج کي رضا رباني جي ڊائلاگ واري تجويز تحت ڳالهين ۾ شامل ٿيڻ جو چيو ته شموليت لاءِ تيار آهيون. حقاني نيٽ ورڪ سميت پاڪستان ۾ ڪو به دهشتگرد نيٽ ورڪ موجود نه آهي، را ۽ ڪلڀوشن نيٽ ورڪ پاڪستان ۾ فرقيواراڻي دهشتگردي ۾ ملوث آهي، ارفع ڪريم ٽاور دهشتگرد حملي جو نشانو پنجاب جو وڏو وزير شهباز شريف هو. حڪومت ڊان ليڪس سميت ڪا به جاچ رپورٽ پڌري ڪرڻ چاهي ٿي ته اها ڪري.  خيبر ايجنسي ۾ جاري آپريشن خيبر فور مڪمل ٿي ويو آهي. 253 ڪلوميٽر علائقو ڪليئر ڪرائي ڇڏيو آهي، ان ۾ 2 سپاهي شهيد ۽ 6 زخمي ٿيا. 52 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 31 زخمي ٿي پيا. هاڻ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي. هڪ دهشتگرد گرفتار ٿيو ۽ چئن پاڻ ؛ي ماريو، راجگال ۽ شوال ۾ هڪ هڪ دهشتگرد اسان جي نشاني تي هو. سوين بارودي سرنگهون ناڪاره بڻايون ويون. آپريشن ردالفساد تحت ملڪ ۾ 3300 ۽ پنجاب ۾ 1728 آپريشن ٿيا، خيبر فور ۾ افغان فورسز سان به رابطا ڪيا ويا. 2013ع ۾ راولپنڊِ ۾ مسجد تي حملي ۾ ملوث نيٽ ورڪ پڪڙيو ويو آهي، ان جو مقصد فرقيواريت پکيڙڻ آهي ۽ باهه ڏيندڙ ان ئي مسلڪ جا هئا. افغانستان سان ڳالهين ۾ ڀارت جو معاملو به غور هيٺ ايندو آهي. سويلين جنهن ماحول ۾ رهندا آهن،اتي سياست آهي ۽ الزام تراشي آهي، ريٽائر ٿيڻ کانپوءِ آئون به سويلين ٿي ويندس. پاڪستان اقليتن جو به اوترو ئي ملڪ آهي جيترو مسلمانن جو، انهن ۾ ڪو به فرق نه آهي. 59 غير مسلم پاڪستان لاءِ حياتيون قربان ڪري چڪا آهن. فوجي عدالتن ۾ ڪيس وفاقي حڪومت اماڻيندي آهي، پڪڙيل دهشتگردن بابت به جيڪو فيصلو وفاقي حڪومت ڪندي ان تي  عمل ڪيو ويندو. جنرل پرويز فوج ۾ 40 سال ڪم ڪيو، هو دفاع بابت تجرباتي بنياد تي تبصرا ڪندو آهي، هاڻ سياست ۾ آهي، اهو سندس ذاتي ڪردار آهي ۽ سياست ۾ بيان سندس ذاتي راءِ آهي. فوج رياست جو حصو آهي، آمريڪا جي افغان پاليسي تي پرڏيهي آفيس تبصرو ڏيندي. پاڪستان خودمختيار ملڪ آهي ۽ پنهنجي مفادن تحت خطي جي مفادن موجب ڪم ڪندو.  فاٽا سڌارن تي فوج پنهنجي راءِ ڏني آهي. سڌارا ٿي وڃڻ کپن ها. ڪشمير تڪراري خطو آهي، سياسي مدد جاري رکنداسين، اسان ڪنٽرول لائن جي پرئين پاسي ڪا به مداخلت نه پيا ڪريون. ڪشمير ۾ ڪا به دهشتگردي نه آهي، اها آزادي جي جدوجهد آهي.ڪنهن به آءِ ڊي پيز کي زوري نه اماڻيو ويو آهي. نواز شريف کي اين آر او سياسي ڳالهه آهي. ان سان فوج جو ڪو به واسطو نه آهي. سياسي سرگرميون جاري رهنديون ۽ رهڻ کپن. حقاني نيٽ ورڪ هتي نه آهي، پاڪستان اهو ڪندو جيڪو پنهنجي مفاد ۾ آهي. هڪ ماڻهو جي حڪم تي هلجي ته اها جمهوريت نه آمريت ٿي ويندي. ڊان ليڪس سميت ڪنهن جي رپورٽ حڪومت جاري ڪرڻ چاهي ٿي، اها کولي ڇڏي فوج نه کوليندي.  افغانستان آزد ملڪ آهي، ان ڪري اندر گهڙي ڪارروائي نه ٿا ڪري سگهون، سرحدي علائقن ۾ ڪارروائي ڪئي آهي، اسان قانون جي حڪمراني واري پاڪستان طرف وڌون پيا، پوليس، عدليه ۽ سياسي سڌارا آڻڻا آهن، آئيني حڪمراني ۽ تعليمي سڌارن لاءِ ميڊيا پروگرام ڪري. پاڪستاني جهنڊو ساڙيندڙ ۽ ان جو حڪم ڏيندڙ کي ڪو به پاڪستاني معاف ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي ۽ فوج قوم سان گڏ آهي، ان لاءِ جاچ جي ڪا به ضرورت نه آهي. ايڪڙ ٻيڪڙ دهشتگردي هر ملڪ ۾ ٿيندي آهي. 100 سيڪڙو رٽ ڪٿي به نه هوندي آهي. سيڪيورٽي فورس جي ڪمزور هوندي ڪو به ملڪ دهشتگردي ختم نه ٿو ڪري سگهجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *