نشي حوالي ڪيل پاڪستان جو نوجوان نسل

ڪراچي ۾  زهريلو شراب پيئڻ سبب متاثر ٿيل وڌيڪ 5 ڄڻا فوت ٿي ويا جنهن بعد فوت ٿيلن جو  انگ وڌي 29 ٿي ويو آهي، واقعن بعد سنڌ حڪومت ۽ صحت کاتو حرڪت ۾ اچي ويو، ڌار ڌار جاچ ٽيمون قائم ڪيون ويون، ڪراچي ۽ حيدر آباد جي 6 ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز ۽ ٻن ڊي ايس پيز کي معطل ڪيو ويو، ذميوارن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪرڻ جو فيصلو. تفصيل موجب ڪراچي ۾ زهريلو شراب پيئڻ سبب جناح اسپتال ۾ داخل وڌيڪ 5 ڄڻا فوت ٿي ويا جنهن بعد فوتين جو انگ وڌي 29 ٿي ويو آهي  جڏهن ته 15 متاثرن کي اڃا تائين جناح اسپتال  ۾ علاج فراهم ڪيو پيو وڃي. جناح  اسپتال  جي ايمرجنسي شعبي جي سربراهه ڊاڪٽر سيمي جمالي ٻڌايو ته جناح اسپتال ۾ داخل شراب متاثرن مان وڌيڪ 5 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، فوتين جو تعلق لانڍي، ڪورنگي ۽ شرافي ڳوٺ وارن علائقن سان آهي. فوتين ۾ ڪورنگي جو رهواسي محمد عمران ۽ دانش، عوامي ڪالوني جو فيض مسيح جڏهن ته قائد آباد جو طارق شامل آهن. هن خدشو ظاهر ڪيو ته بچي ويل متاثرن جون اکيون ۽ بڪيون ضايع ٿي ويون آهن. ٻئي پاسي ڪراچي ۽ حيدر آباد ۾ زهريلو شراب پئيڻ سبب 60 کان وڌيڪ ماڻهن جي فوت ٿيڻ وارن واقعن بعد سنڌ حڪومت حرڪت ۾ اچي وئي آهي. واقعن جي ذميوارن کي سزا ڏيارڻ لاءِ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، چيف سيڪريٽري سنڌ  سجاد سليم هوتيانه ۽ ايڪسائيز اينڊ  ٽيڪسيشن کاتي جي صوبائي وزير گيانچند ايسراڻي جي صدارت هيٺ ڌار ڌار اجلاس ٿيا. ان ڏس ۾ سنڌ جي چيف سيڪريٽري حيدر آباد کانپوءِ ڪراچي ۾ به ڪچو شرب واپرائڻ سبب 29 ماڻهو فوت ٿيڻ تي  ڊائريڪٽر ايڪسائيز ، 2 ڊي ايس پيز ۽ 6 ايس ايڇ اوز کي معطل ڪري ڇڏيو. سڄي سنڌ ۾ منشات خلاف ڪريڪ ڊائون جا حڪم ڏئي ڇڏيا آهن . اهڙا حڪم سنڌ جي چيف سيڪريٽري سجاد سليم هوتيانه ضلعي ڪورنگي ۾ ڪچي شراب واپرائڻ جي نتيجي ۾ ٿيل فوتگين جو سختي سان نوٽيس وٺندي گھرايل اعليٰ سطحي اجلاس ڏنو . هن واضح ڪيو ته اهو واقعو اتفاقي ناهي پر ان ۾ ملوث ماڻهن خلاف قانوني ڪارروائي ضروري آهي ۽ پوليس ۽ ايڪسائيز کاتن جي انهن سمورن آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف قاعدن ۽ ضابطن تحت يقيني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي. چيف سيڪريٽري آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي کي هدايت ڪئي ته هو ڪارروائي عمل ۾ آڻي. ايڊيشنل آئي جي غلام قادر ٿيٻو اجلاس کي آگاهه ڪيو ته ڪراچي ۾ 29 ماڻهو ڪچي شراب واپرائڻ سبب فوت ٿيا آهن. ڊي ايس پي ڪورنگي ۽ ڊي ايس پي لانڍي سميت 6 ايس ايڇ اوز  کي معطل ڪيو ويو آهي جنهن ۾ لانڍي، ڪورنگي، شاهه لطيف، زمان ٽائون، شرافي ڳوٺ ۽ ابراهيم حيدري جا ايس ايڇ اوز شامل آهن.  ٻئي طرف ڊي آئي جي حيدرآباد ثناءُ الله عباسي اجلاس دوران چيف سيڪريٽري کي ٽيليفون تي ٻڌايو ته حيدرآباد ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ جيڪو واقعو پيش ٿيو هو ان ۾ ڪچي شراب پيئڻ سان 22 ماڻهو فوت ٿي ويا هئا ان واقعي بعد 2 ڊي ايس پيز ۽ 5 ايس ايڇ اوز ۽ ايڪسائيز پوليس جي 50 اهلڪارن کي معطل ڪيو ويو آهي. چيف سيڪريٽري سيڪريٽري ايڪسائيز کي هدايت ڪئي ته فوري طور تي صوبي ۾ منشيات خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪري هڪ هفتي ۾ رپورٽ پيش ڪئي وڃي۽ ڪراچي جي ڊائريڪٽر ايڪسائيز کي ڊيوٽي ۾ غفلت ڪرڻ تي معطل ڪيو وڃي . جڏهن ته  هن اينٽي نارڪوٽڪس فورس سنڌ بابت رپورٽ به هڪ هفتي ۾ طلب ڪري ورتي آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاھ  ڪراچي ۽ حيدر آباد ۾ ڪچو شراب واپرائڻ سبب 69 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جو نوٽيس وٺندي  ڪراچي ۽ حيدر آباد جي ايڪسائيز کاتي جي  ڊائريڪٽرن ، حيدر آباد جي  ٻن ۽ ڪراچي جي 4 ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز کي معطل ڪرڻ جا حڪم ڏئي ڇڏيا آهن .اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالھه سي ايم هائوس ۾  پنهنجي صدارت ۾ ڪيل اجلاس ۾ ڪيو . اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري ، آءِ جي پوليس ۽ ٻين شرڪت ڪئي . جڏهن وڏي وزير پوليس ۽ ايڪسائيز کاتي طرفان ڪچي شراب جي تياري بابت ڏنل بريفنگ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو .۽ کانئن پڇاڻو ڪيو آهي ته اهي ڪچي شراب جي تياري وارن اڏن تي ڇو بند نه ڪرايو ويو . جڏهن ته وڏي وزير ڪراچي جي  ڊائريڪٽر ايڪسائيز ،ٻن ڊي ايس پيز ، 4 ايس ايڇ اوز  ، حيدر آباد جي ڊائريڪٽر ايڪسائيز  ۽ 2 ايس ايڇ  اوز کي ڊيوٽي ۾ ڪوتاهي ڪرڻ تي معطل ڪرڻ جا حڪم ڏنا آهن  جڏهن ته ٻنهي واقعن تي  ڊي آءِ جيز جي  سربراهي ۾ ٻه الڳ الڳ ڪميٽيون جوڙي ڇڏيون  جنهن ۾ حيدر آباد واقعي جي جاچ ڊي آءِ جي حيدر آباد ثناءُ الله عباسي  ۽ ڪراچي واقعي جي جاچ ڊي آءِ جي اوڀر  منير شيخ ڪندو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *