نانگ ويو نڪري ليڪو پيو ڪٽجي….!

سنگين غداري ڪيس جي ٻڌڻي ڪندڙ اسلام آباد جي خاص عدالت پرڏيهه وڃڻ تي اڳوڻي صدر پرويز مشرف ۽ سندس ضامن کان جواب گهري ورتو آهي، جسٽس مظهر عالم ميان خيل جي اڳواڻي ۾ جسٽس طاهره صفدر ۽ جسٽس ياور علي تي ٻڌل خاص عدالت پرويز مشرف خلاف سنگين غداري ڪليس جي ٻڌڻي ڪئي، ان موقعي تي اڳوڻي صدر جي غيرحاضري تي عدالت سخت ڪاوڙ ڏيکاريندي سرڪاري وڪيل اڪرم شيخ کان سوال ڪيو ته اسان جوابدار کي پوءِ ڏسنداسين، پهرين توهان اهو ٻڌايو ته ڇا اختيارين کي عدالتي حڪمن جي خبر نه  هئي؟

خاص عدالت جي حڪم کانسواءِ پرويز مشرف جو نالو اي سي ايل مان ڪيئن ڪڍيو ويو؟  ڇا حڪومت کي خبر نه هئي ته کيس عدالت گهرائي چڪي آهي؟  جيڪڏهن حڪومت اڻڄاڻ هئي ته توهان حڪومت کي ٻڌايو ڇو نه؟  سرڪاري وڪيل عدالتي پڇاڻي تي چيو ته عدالت ضمانت رد ۽ گرفتاري وارنٽ جاري ڪري سگهي ٿي، پرويز مشرف جي ضامن جي ضمانت ضبط ڪئي وڃي ۽ اسڪائپ توڙي وڊيو لنڪ ذريعي اڳوڻي صدر جو بيان رڪارڊ ڪري سگهجي ٿو،  عدالتي حڪم تي وفاقي گهرو سيڪريٽري پيش ٿي بيان ڏنو ته پرويز مشرف جو نالو قانون کي نظر ۾ رکندي اي سي ايل مان ڪڍيو ويو ۽ سپريم ڪورٽ جي حڪم تي کيس پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏني وئي، جنهن تي عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته پرويز مشرف جي غيرموجودگي ۾ ڪيس اڳتي نه ٿو وڌي سگهي، ان کانپوءِ خاص عدالت پرويز مشرف ۽ سندس ضامن راشد قريشي کان لکت ۾ جواب گهري ورتو، عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو ته جيڪڏهن ضامن پرويز مشرف کي پيش ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويو ته سندس ضمانت رد ڪئي ويندي.

اڳوڻو صدر پرويز مشرف ملڪ ۾ هوندي به عدالت ۾ پيش نه ٿيندو رهيو ۽ پنهنجي بيماري جا سرٽيفڪيٽ عدلت ۾ پيش ڪندو رهيو ۽ ان دوران هو پنهنجي پارٽي جا معاملا توڙي خابرو ادارن کي انٽرويوز به ڏيندو رهيو پر هو عدالت ۾ پيش نه ٿيو هاڻي جڏهن ملڪ کان ٻاهر هليو  ويو ته پڇاڻو پيو ٿئي ته  ڇو ويو، ڪنهن جي چوڻ سان ويو جيڪا سمجهه کان ٻاهر جي ڳالهه آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *