نالي ماتر حڪومتي اعلان

بجلي ۽ گئس اهي ٻئي شيون عوام جون بنيادي گهرجون آهن، انهن جي بحران جو خاتمو آڻڻ ۽ اگهن ۾ گهٽتائي جا حڪومتي اعلان هاڻي رڳو نالي ماتر رهجي ويا آهن، ملڪ جي معدني وسيلن مان رڳو گئس جي معاملي جو ئي جائزو وٺنداسين ته سنڌ سڀ کان وڌيڪ گئس جي پيداوار ڏيندڙ صوبو آهي، پر هتي جي رهواسين لاءِ گئس ائين آهي، ڄڻ ان جو مالڪ ڪو ٻيو هجي ۽ خريد ڪندڙ سنڌ واسي هجن. سانگهڙ، بدين ۽ دادو سميت سنڌ جا ٻيا ڪيترائي اهڙا ضلعا آهن، جتي وڏي مقدار ۾ گئس دريافت ٿي چڪي آهي ۽ ٻيا نوان ذخيرا به ملي رهيا آهن، پهرين جڏهن ٽرانسپورٽ رڳو پيٽرول ۽ ڊيزل تي هلندي هئي ته گئس تي گهٽ ڀاڙيو ويندو هو، پر سي اين جي گاڏيون اچڻ کانپوءِ گئس جي استعمال ۾ غيرمعمولي اضافو آيو، نتيجي ۾ گئس جي پيدا ٿيل بحران کي عام گهريلو صارفين کي به ڀوڳڻو پيو، گاڏين کانپوءِ گئس جي استعمال جو دائرو ٽيڪسٽائيل ملن تائين به وڌايو ويو، پوءِ جڏهن گئس جي لوڊشيڊنگ شروع ڪئي وئي ته عوام لاءِ بجلي وانگر گئس به ناياب ۽ مهانگي ٿيڻ لڳي. رپورٽ اها آهي ته حڪومت قدرتي گئس تي عوام کي مليل سبسڊي ختم ڪري رهي آهي ۽ هر سال جي پهرين مهيني ۽ جولاءِ ۾ ان حوالي سان غير محسوس طريقي سان قدم کنيا ويندا آهن، هاڻي ته آءِ ايم ايف کان قرض وٺي ناڻي جو ذخيرو وڌائڻ جو سلسلو به شروع ٿي چڪو آهي ته اهڙي صورتحال ۾ آءِ ايم ايف طرفان هر سطح تي سبسڊي ختم ڪرڻ جي شرطن تي حڪومت کي عمل ڪرڻو پئجي ويو آهي، ان ڪري هاڻي بجلي ۽ گئس تي عوام کي مليل سبسڊي آهستي آهستي ختم ڪئي پئي وڃي، هڪ طرف سبسڊي ختم ٿي رهي آهي ته ٻئي طرف 20 کان 63 سيڪڙو تائين گئس مهانگي ڪرڻ جو تياريون ڪيون پيون وڃن، گئس ڪمپنين پاران به اجازت طلب ڪئي وئي آهي ته گئس جي اگهن ۾ اضافو ڪرڻ ڏنو وڃي. اسين سمجهون ٿا ته بجلي ته مهانگائي جي عروج تي پهچائي وئي آهي، هاڻي گئس به جيڪڏهن مهانگي ڪئي وئي ته غربت جي چڪيءَ ۾ پيسجندڙ هن ملڪ جو 70 سيڪڙو کان به وڌيڪ عوام ان صورتحال کي ڪيئن منهن ڏئي سگهندو؟ حڪومت ڊالر حاصل ڪرڻ خاطر آءِ ايم ايف جا شرط نه رڳو ٻُڌي ٿي، پر انهن تي عمل ڪرڻ ۾ ذري برابر به دير نٿي لڳائي. سرڪار کي عوام جي مفادن کي اهميت ڏيڻ گهرجي، ڇو ته جنهن جي مينڊيٽ تي حڪومت جُڙي آهي، آءِ ايم ايف کان وڌيڪ ان کي اها حيثيت ملڻ گهرجي. ان سان گڏوگڏ ملڪ ۾ موجود وسيلن جي ورڇ جو اهڙو نظام آندو وڃي، جنهن سان نه رڳو حقيقي مالڪن کي ان جو حق ملي سگهي، پر ان مان ملڪ جي ٻين صوبن کي به بهتر ۽ منصفاڻي انداز ۾ هلائي سگهجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *