نئين سپهه سالار جي مقرري….!!

صدر ممنون حسين جنرل قمر جاويد باجوه کي نئون آرمي چيف ۽ جنرل زبير حيات کي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي مقرر ڪري ڇڏيو آهي. نئين آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جو تعلق انفنٽري بلوچ ريجمينٽ سان آهي. جنرل قمر جاويد باجوه انسپيڪٽر جنرل ٽريننگ اينڊ ايويلويشن (جي ايڇ ڪيو) رهي چڪو آهي جڏهن ته ان کانسواءِ ڪور ڪمانڊر راولپنڊي پڻ رهي چڪو آهي، جنرل قمر جاويد باجوه بلوچ ريجمينٽ جو چوٿون جنرل آهي جنهن کي آرمي چيف مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته ان کان اڳ ۾ جنرل يحييٰ خان، جنرل اسلم بيگ ۽ جنرل اشفاق پرويز ڪياني پڻ آرمي چيف رهي چڪا آهن جڏهن ته موجوده چيئرمين جوائنٽ چيفس اسٽاف ڪميٽي جنرل راشد محمود جو تعلق پڻ بلوچ ريجمينٽ سان آهي جڏهن ته ان کانسواءِ جنرل قمر باجوه ڪانگو ۾ پڻ امن مشن جي ڪمانڊ ڪري چڪو آهي.

چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي مقرر ٿيل زبير حيات جو تعلق فوجي گهراڻي سان آهي ۽ سندس والد ميجر جنرل جي عهدي تان رٽائر ٿيو. جنرل زبير حيات جي او سي سيالڪوٽ جي عهدي تي رهي چڪو آهي ۽ ان کانسواءِ هو ڊي جي اسٽريٽجڪ پلاننگ ڊويزن پڻ رهي چڪو آهي. جنرل زبير حيات چيف آف جنرل اسٽاف جي عهدي تي مقرر هو ۽ سندس ڀاءُ ميجر جنرل احمد محمود حيات ڊائريڪٽر جنرل آءِ ايس آءِ اينالائسزز آهي، جڏهن ته ٻيو ڀاءُ ليفٽيننٽ جنرل عمر حيات پاڪستان آرڊيننس فيڪٽري واهه ڪينٽ جو چيئرمين آهي. جنرل زبير حيات اسٽاف ڊيوٽيز ڊائريڪٽوريٽ جو سربراهه به رهي چڪو آهي. جڏهن ته دفاع واري وزارت پاران ٻنهي سربراهن جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي جڏهن ته عهدن تي مقرري کانپوءِ کين فور اسٽار جنرل طور پڻ ترقي ڏني وئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *