نئون ڪوٽ مسافر ڪوچ مان ڦر وارو واقعو

 

نئون ڪوٽ ويجهو پوليس پاران ڪوچ مان ڦر ڪندڙ 3 ڦوروئن کي ”فل فرائي“ ڪرڻ واري خبر ميڊيا ذريعي هر ڪنهن تائين پهچي چڪي آهي، جڏهن ته اها خبر ڪيترائي سوال علائقي ۾ بحث هيٺ پڻ آڻڻ جو سبب بڻجي وئي آهي. چيو وڃي ٿو ته 5ڄڻا ڪوچ ۾ مسافرن جي روپ ۾ سوار ٿيا، جن مان هڪ ڄڻي ڊرائيور کي يرغمال بڻائي ڪوچ پاڻ هلائڻ شروع ڪئي، جڏهن ته باقي چئن ڦوروئن ڪوچ ۾ ويٺل مسافرن کان روڪ رقم زيور، ليپ ٽاپ ۽ ٻيو قيمتي سامان ڦر ڪيو ۽ اڳتي هلي لهي فرار ٿي ويا. جڏهن ته پوليس ٻڌايو ته انهن ڦوروئن مان ٽن ڄڻن کي مقابلي ذريعي ماريو ويو آهي ۽ باقي 2 ڄڻا فرار ٿي ويا آهن. پوليس جوابدارن جي قبضي مان هڪ ڪلاشنڪوف ٻه ٽي ٽي پستول ۽ ڦر ٿيل سامان هٿ ڪيو آهي. جڏهن ته ٻي خبر اها آهي ته اهي ڦورو فرار ٿيندي هڪ ڳوٺ ۾ ويا هئا جتي ڳوٺاڻن کين سوگهو ڪري جيئرو پوليس حوالي ڪيو، جن کي بعد ۾ پوليس ڪوڙو مقابلو ڏيکاري ماري ڇڏيو. اسان سمجهون ٿا ته مارجي ويل ڦوروئن سان ٿيل مقابلو ڪيترائي شڪ پيدا ڪري رهيو آهي ڇاڪاڻ ته هڪ ته ان پوليس مقابلي ۾ ٽن ڦوروئن سان مقابلو ٿيو، پر ان مقابلي ۾ پوليس جي ڪنهن هڪ اهلڪار کي ڪا رهڙ به نه آئي، جيڪا حيرت جوڳي ڳالهه آهي. اهڙي ريت جيڪڏهن اهي ٽيئي ڦورو هٿيارن سان ليس هئا ته پوءِ انهن مقابلي ۾ ڪا به گولي ڇو نه هلائي سا ڳالهه به سمجهه کان ٻاهر آهي. اهڙي ريت جڏهن ڳوٺاڻا اها دعوا ڪن ٿا ته اسان انهن ٽنهي ڦوروئن کي سوگهو ڪري پوليس حوالي ڪيو هو ته پوءِ پوليس کان اڳ ته انهن جو مقابلو ڳوٺاڻن سان ٿيڻ کپي ها، پر ڳوٺاڻن اهڙي ڪنهن به مقابلي ٿيڻ واري ڳالهه نه ڪئي آهي يا جيڪڏهن مقابلو ٿيئي ها ته ڳوٺاڻن مان ضرور ڪو نه ڪو زخمي ٿيئي ها. اسان سمجهون ٿا ته پوليس مقابلي ۾ جيڪي 3 ڦورو ماريا ويا آهن، تنهن واقعي جي تفصيلي جاچ ضرور ٿيڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته پوليس کي اهڙو ڪو به اختيار ناهي جو اها جوابدارن کي جيئرو گرفتار ڪرڻ کانپوءِ انهن کي ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي قتل ڪري ڇڏي. بهرحال اسان ڪنهن به ڏوهاري جي پٺڀرائي ڪرڻ جي سخت خلاف آهيون، جڏهن ته اها ڳالهه به سمجهون ٿا ته ڪو شخص ڪيڏي به سنگين ڏوهه ۾ ملوث هجي ان جي ڏوهه جي سزا جو اختيار صرف ا عليٰ عدالتن کي ئي آهي. ان ڪري عدالتن وارا اختيار استعمال ڪرڻ جو پوليس کي ڪو به حق نه ٿو ڏيئي سگهجي. هونئن به قانوني حوالي سان ڏٺو وڃي ته ڪوچ مان جيڪا ڦر ٿي هئي ان ۾ مسافرن کان رڳو رقم ۽ ٻئي سامان جي ڦر ٿي هئي، جيڪڏهن جوابدارن خلاف ڪو ڪيس داخل ٿيئي ها،تڏهن به رڳو ڦر ۽ ناجائز هٿيار رکڻ جو ڪيس داخل ٿيئي ها ۽ اڳتي هلي عدالت ۾ جيڪڏهن اهو ڏوهه مٿن ثابت به ٿي وڃي ها ته به ڏوهارين کي موت جي سزا پڪ ڪو نه ملي ها.اسان مڃون ٿا ته اسان جي عدالتي سرشتي ۾ ڪيتريون ئي خاميون ڪيون موجود آهن ۽پوليس به ڪيس ٺاهڻ وقت اهڙا خال ڄاڻندي بجهندي يا غفلت ۾ ڇڏي ڏيندي آهي، جنهن ڪري سنگين ڏوهن ۾ ملوث جوابدار باعزت بري ٿيو وڃن. اهو ئي سبب آهي جو عدالتن مان باعزت بري ٿيڻ واري انگ ۾ آيل واڌ جنهن جون ذميوار عدالتون هرگز ناهن. پر اها واڌ ڏوهارين جا حوصلا وڌائڻ جو سبب بڻجي رهي آهي، هونئن به عدالتون جوابدارن کي شاهدن جي آڌار سزائون ڏينديون آهن. جڏهن ته اڄڪلهه ڏوهاري رستن ۽ گاڏين مان ڦرون ان ڪري ڪرڻ کي ترجيح ڏيندا آهن جو اهڙين وارداتن جا شاهد گهڻو ڪري ڪو به ٿيڻ جي ڪوشش نه ڪندو آهي، مثال طور مذڪوره ڪوچ مان ڦرجي ويل مسافر جوش ۾ اچي ڦوروئن خلاف ڪيس داخل ته ڪرائي ڇڏين ها پر انهن مسافرن مان شايد ئي ڪو مسافرهجي ها جيڪو هر شنوائي تي پنهنجي هڙان خرچ ڪري عدالت ۾ پهچي، جوابدارن خلاف شاهدي ڏيئي کين سزا ڏياري ها.اهو ئي سبب آهي جو مارجي ويل ڏوهاري جيڪڏهن جيئرا به هجن ها ته اڳتي هلي شاهديون نه هجڻ جي صورت ۾ خيال آهي ته اهي عدالت مان باعزت بري ٿي وڃن ها، نئون ڪوٽ لڳ ٿيل پوليس مقابلو اسان جي پوليس، قانوني حلقن، انتظاميا ۽ عوام لاءِ سوچڻ جا ڪيترائي سلسلا ڇڏي رهيو آهي. جنهن تي ٿڌي دل سان سوچي يڪراءِ ٿيڻ جي سخت ضرورت آهي ته جيئن آئينده اهڙا واقعا نه ٿي سگهن. يعني نه ته ڪي ڪوڙا مقابلا ٿين ۽ قانون جي عملداري ايتري بهتر هجي جو ڪنهن کي ائين ڦر ڪرڻ جي همت ئي نه ٿيئي ۽ جيڪڏهن ڪو ڦر يا ڪو ٻيو ڏوهه ڪري ته ان کي پنهنجي ڪيتي جي فورن سزا ملي سگهي اسان ان سلسلي ۾ تفصيلي بحثن کانپوءِ جيستائين ڪنهن هڪ نتيجي تي نه پهچنداسين تيستائين پوليس مقابلا ٿيندا رهندا ۽ عوام اهڙن مقابلن کي ئي ڏوهن کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ آخري ۽ بهتر حل قرار ڏيندو ئي رهندو ۽ ڪيترائي ڏوهي يا بي ڏوهي فل فرائي ۽ هاف فرائي ٿيندا رهندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *