ميرپورخاص ۾ شهيد سورهيه بادشاهه ٽيپ بال ڪرڪٽ ٽورنامنٽ جو فائنل الراشدي اليون ڦلهڏيون کٽي ورتو ميرپورخاص (اي پي پي) ميرپورخاص ۾ شهيد سورهيه بادشاهه ٽيپ بال ڪرڪٽ ٽورنامنٽ جو فائنل الراشدي اليون ڦلهڏيون کٽي ورتو. خبر موجب پهريون سيد سورهيه بادشاه ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ ڳوٺ حاجي دلبر مهر ۾ ٿيو. جنهن ۾ ضلعي ميرپورخاص جي 16 ٽيمن حصو ورتو. جنهن جو فائنل الراشدي اليون ڦلهڏيون ۽ لاشاري ڪرڪيٽ ڪلب وچ ۾ کيڏيو ويو. پهرين بيٽنگ ڪندي لاشاري ڪرڪٽ اليون مقرر اوورن ۾ صرف 32 رنسون ٺاهي سگهي. صفدر بروهي 20 رنسون اسڪور ڪري ٽاپ اسڪورر رهيو. جواب ۾ 33 رنسن جو مليل ٽارگيٽ الراشدي اليون ڦلهڏيون ٻن وڪٽن جي نقصان تي پورو ڪري سوڀ ماڻي ورتي. فائنل ميچ ۾ الراشدي اليون ڦلهڏيون جي سرواڻ سنگھه 25 رنسون اسڪور ڪري ٽاپ اسڪورر رهيو جڏهن ته بهترين بالنگ ڪرڻ تي الراشدي اليون ڦلهڏيون جي محمد افضل کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو ۽ نند لعل کي مين آف دي سيريز قرار ڏنو ويو. انهي موقعي تي سورهيه بادشاه ايجوڪيشن ۽ اسپورٽس ويلفئير ايسوسيئيشن جي چئيرمين شير محمد درس، فقير دلبرمهر، اڪبر درس، ڊي ايم مهر پاران انعام ورهايا ويا. روايتي حريف ڀارت جي خلاف ميچ کان اڳ اسان جي ٽيم پچ کي صحيح نموني سمجهي نه سگهي: شعيب ملڪ ڍاڪا (اين اين آءِ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي مڊل آرڊر بيٽسمين شعيب ملڪ چيو آهي ته ڀارت خلاف ميچ کان اڳ سندس ٽيم پچ کي صحيح نموني سمجهي نه سگهي، ڍاڪا ۾ کيڏيل هن ميچ ۾ پاڪستاني بيٽسمينن جي خراب ڪارڪردگي سبب گرين شرٽس کي 5 وڪيٽن تان ناڪامي ملي، شعيب ملڪ ٽريننگ سيشن کانپوءِ هڪ انٽرويو ۾ چيو ته ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ميچ تي هميشه کان وڏو دٻاءُ هوندو آهي، اسان ڪجهه غلطيون ڪيون، اسان کي خبر نه هئي هتي حالتون اهڙيون هونديون، بيٽنگ ڪرڻ ڏکيو هو، جڏهن ته اسان کي حالتن بابت بلڪل اندازو نه هو، هن چيو ته هاڻ اسان هتي کيڏي چڪا آهيون ۽ سمجهي ويا آهيون ته اهڙين حالتن ۾ مخالف ٽِيم سان ڪهڙي طرح مقابلو ڪرڻو آهي، هن چيو ته اسان پنهنجن غلطين مان سبق سکون ٿا ۽ اهي ٻيهر نه ورجائڻ لاءِ پريڪٽس جاري آهي.

جيڪب آباد ۾ مير بابل خان جکراڻي هائوس ۾ 16 سال اڳ شروع ٿيل فصل جي ڀيل تان ڀيا ۽ جکراڻي خوني تڪرار جو جرڳو سردار منظور علي خان پنهور، سردار حضور بخش ڊومڪي جي سرپئنچي هيٺ ٿي گذريو جنهن ۾ صوبائي وزير هزار خان بجاراڻي ، مير عابد خان ڀيو، عابد خان جکراڻي ايم اين اي احسان الرحمان مزاري، اڳوڻو ايم اين اي گل محمد جکراڻي، محبوب بجاراڻي ، سردار سرفراز ڊومڪي، مير سعيد باجڪاڻي، سردار ڀلي رکيو لاکو، مير بابل خان جکراڻي، سردار حيدر جکراڻي. ميرحاڪم سندراڻي، ايس ٽي پي جو مرڪزي اڳواڻ ڄام عبدالفتاح سيمجو،چيف مقدم شير احمد باچڪاڻي سميت سنڌ، بلوچستان جي سردارن اميرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جڏهن ته جهيڙيندڙ ڌرين مان سخي محمد مٺل خان جکراڻي، محبوب خان جکراڻي ۽ ڏاڏو خان جکراڻي جڏهن ته ڀيا برادري جي ڌر پاران سردار گل خان ڀيو، مير ظفر خان ڀيو ۽ رئيس ڪالو خان ڀيو  شرڪت ڪئي فيصلي جي امينن ٻنهي ڌرين جون ڳالهيون ٻڌڻ بعد ٽن ڪلاڪن تائين بند ڪمري ۾ فتويٰ تيار ڪري ٻڌائي وئي جيڪا ڪريم ڏنو جتوئي ميڊيا جي سامهون ڌرين کي پڙهي ٻڌائي جنهن موجب سردار گل خان ڀيو ڌر مٿان جکراڻي برادري جا 22 خون ثابت ٿيا جنهن ۾ دين بخش جکراڻي جا 10 لک چيف مقدم گلشير خان جکراڻي جا 30 لک ان جي پٽ محمد اسماعيل جکراڻي جا 30 لک عظمت خان جکراڻي الاهي بخش جکراڻي، رحيم بخش محمد اڪرم ، بختيار ، پوپل، نظير احمد ، بهاول دين، گلزار، شوڪت، امان الله ، خدابخش، محمد مراد، فقير بخش ، محمد حارث سميت 15 خونن جي في خون جي بها ڏهه ڏهه لک روپيه مقرر ڪئي وئي جهيڙي ۾قتل ٿيل ٽن عورتن جو في خون بها ويهه ويهه لک هڪ ڳور هاري عورت جي خون بها 25 لک رپيه مقرر ڪئي وئي مير برڪت علي خان جکراڻي جي قاتلن کي پناهه ڏيڻ جو 10 لک ڏنڊ مقرر ڪيو ويو جڏهن ته ڀيا برادري تي جکراڻي جي قتلن جو ڏنڊ ٽي ڪروڙ ويهه لک  ۽ زخمين جا 78 لک روپيه ڏنڊ جڏهن ته مجموعي طور تي ڀين مٿان 3 ڪروڙ93 لک روپيه ڏنڊ وڌو ويو جڏهن ته جکراڻي ڌر مٿان 29 خون ثابت ٿيا جنهن ۾ رئيس مبارڪ علي ڀيو جو خون بها 30 لک، نينگر زوهيب خان جو 15 لک جڏهن ته پنهل ، انجنيئر محمد ايوب، ڀورل ، محمد سچل، غلام مصطفيٰ، عبداللطيف، فريد، مريد، احمد نواز، محمد امين، عبدلواحد محمد شريف، ڪامريد گل حسن، منير احمد، حسين بخش، شهزادو، استاد رياض ، تپيدار شاهنواز، شير محمد، حاڪم علي، شفقت علي، جمعدار محمد حسن، علي حسن ڀورل ، حاجي لال بخش ڀيو سميت في خون بها ڏهه ڏهه لک روپيا مقرر ڪيا ويا جڏهن ته ٻن عورتن جا ويهه ويهه لک روپيه ڏنڊ مقرر ڪيو ويو ۽ 12 زخمين جا 46 لک روپيه مقرر ڪيا ويا ٽوٽل جکراڻي ڌر مٿان ڀيا ڌر جا 3 ڪروڙ 81 لک روپيه ڏنڊ وڌو ويو  جڏهن ته وچ ۾ مارجي ويل خميسو ڪوري جو خون بها 10 لک مقرر ڪيو ويو جنهن مان 5 لک جکراڻي ۽ 5 لک ڀيا برادري جي جهيڙيندڙ ڌر مٿان رکيو ويو جڏهن ته ٻنهي ڌرين مان اڳرائي ڪرڻ واري ڌر مٿان 40 لک روپيه ڏنڊ رکيو ويندو جڏهن ته فتويَ موجب تڪراري زمين جو ٻن هفتن اندر فيصلو ڪيو ويندو جڏهن ته ٻئي جهيڙيندڙ ڌريون هڪ ٻئي کي ٽن قسطن ۾ ادا ڪرڻ جون پابند هونديون اهڙي فتويٰ بعد ٻنهي تڪراري ڌرين جي ماڻهن کي ڀاڪر پارائي کير کنڊ ڪيو ويو ۽ آخر ۾ دعا پڻ گهري وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *